• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مسلم ۽ غير مسلم رويا ...

مسلم ۽ غير مسلم رويا
____________________

هتي هي عرض ڪندو هلان ته ڪجه دوست ۽ ڌريون جيڪي اسلام جي تعليم کان بنه واقف ئي نه آهن جنهن جو سبب انهن جي گهر جو ماحول ۽ تعليمي ادارا جن ۾ اسلام لاءِ ڪا به گنجائش نه آهي جي ڪري پوري واقفيت رکن ئي نه ٿا پو اهي مذهب اسلام تي مخالفت جا تنقيدي تير هلائي پيا بي حودگي ڪندا ...۽ مدرسن جي پويان هٿ راڌو رڪاوٽون ڏيئي هي دائمي اسلامي سلسلو پيا بند ڪرائڻ کاءِ گوٿناٿ ڪندا ...جڏهن ته اسلام پورو سلامتي وارو دين آهي جنهن ۾ انسانيت جي بلندي لاءِ بي حد ڀرپور انداز ۾ تعليم تي زور ڏنل آهي ....پر ڇا ڪجي هتي غير مسلم قوتون ايترو ته سگهاريون ٿي چڪيو ن آهن جو مسلمان کي مسلمان سان جهيڙي ۾ جٽائي پيا مزا وٺن ۽ ڪجه دوست ته نالي جا مسلمان وري انهن مسلمانن تي تنقيد ڪري پاڻ کي اڪابر ۽ ترقي پسند پيا سمجهندا ...جڏهن ته ترقي پسندي ته اصل ۾ اسلام ۾ آهي جيڪا 1400 سال پهرين منهنجي آقا جي دين سان ٿي چڪي ۽ تڪميل دين کان پو ڪا گنجائش به نه آهي ته ان ۾ وڌ گهٽ ڪجي ...پر ڇا ڪجي ڪجه پيسن خاطر ڪجه ڪم عقلي ۾ پو ويٺا اور اوريندا ملي تي مولوي تي تنقيد ڪندي پاڻ کي ۽ ان حلقي وارن دوستن ۾ اجايو پيا خوش ٿيندا ۽ ڀبڪيون هڻندا ...۽ هو نڀاڳا به واه واه جا هوڪرا هڻندا ....بي شرمائي ۾
جڏهن ته اسلام ۾ پنج رڪن آهن جن جو اهتمام هر مسلمان تي لازم آهي
جنهن ۾ ڏينهن ۾ پنج وقت نماز ،سال ۾ هڪ مهينو رمضان جا روزا رکڻ ،پيسن جي سگه هجڻ جي صورت ۾ زندگي ۾ هڪ دفعو حج ڪرڻ ،امير پيسي وارو هجڻ جي صورت ۾ سال ۾ ان پيسن تي زڪوات ڏيڻ ۽ جهاد في سبي الله جو احتمام ڪرڻ ....هاڻي غير مسلمن جي اثر جي ڪري جهاد ۽ زڪوات ڏيڻ کان اڪثر مسلمان نابري ٿي بيٺا آهن ۽ بلڪ حڪومت پنهنجي مسلمان کي پاڻ پئي فوج ڪشي ڪري ....ڇا چئجي
هتي هي به عرض ڪندو هلان ته دنيا ۾ دعويٰ ڪندڙ اسلام رياستون ته کوڙ آهن پر مسلماني اسلامي احڪامن جو هجڻ ڪٿي به نه آهي جنهن ۾ منهنجي پياري رسولله جي شريعت مطابق ته چور جا هٿ وڍيا وڃن پر هتي اها ڳاله ڪرڻ واري تي فوج کان لتر هڻايا وڃن ٿا ....هي ڪهڙو اسلامي جمهوري وطن آ ...؟؟؟؟؟؟
ها هي اسلامي قدر ۽ شريعت مسلمان تي لاڳو ٿئي ٿي ڪنهن غير مسلم تي نه ...۽ اها شريعت اڪيلي سر به هن تي لاڳو آ ته مجموعي طور به مجموعي طرح حڪومتون ان جو اهتمام ڪنديون آهن.....پر هتي سڀ انڊيا جا چينل ڏسڻ کي ته ترجيح ڏيندا ۽ گهر ۾ انهن جي تعليمات جيڪا فلمن ۽ ڊرامن ضريعي هلي رهي آ ان کي ته ڏسندا پر صبح جي نماز ۽ مسلماني قدرن تي ويٺا تنقيد ڪندا ...اهڙي مسلمان کي ڇا چئجي .....اهڙي اسلامي جمهوري ملڪ کي ڇا چئجي

مهرباني فقط خير انديش هڪ مسلمان
 
Back
Top