اوائلي عرب ۽ ايراني سياحن انڊيمان جزيرن کي آدمخورن جا جزيرا سڏيو ھو. ان ۾ ڪيتري حقيقت آھي سا تہ خبر ناھي، پر ھي ھڪ اھڙي پراسرار دنيا آھي جيڪا نہ ٻاھرين دنيا کي برداشت ٿي ڪري نہ ئي ان سان ھنن جي دنيا جو واسطو آھي.اتر سينٽينل جي ھڪ ننڍڙي جزيري تي انھي آباد مخلوق بابت جيڪا بہ معلومات ملي آھي سا پري کان ئي معلومات ملي آھي. سيٽلائيٽ جي فوٽوگرافي يا رف وڊيوز تي منحصر معلومات آھي يا اھا ڄاڻ ان جزيري جي ويجھو رھندڙ قبيلن سان سينٽيلانز قبيلي جي ڀيٽ ڪري حاصل ڪئي وئي آھي. ڇو تہ اتي نہ ڪئميرا نہ ڪئميرہ مئن ٿو پھچي سگھي. نہ فون نہ فون وارو... ڪيترا ماڻھو ويا پر وڻن جي پنن سان سان ڍڪيل ھن ٽھيل آبادي ھنن تي ھر ڀيري تيرن جو وسڪارو لا ئي روانو ڪري ڇڏيو. پٿرن ۽ جانورن جي ھڏن مان ٺھيل ھٿيارن سان ليس ھي نيم اگھاڙا ماڻھو ڪھڙي ٻولي ٿا ڳالھائين؟ ڪھڙو ڪلچر اٿن؟ ڪنھن کي ڪا خبر ڪونھي. انڊيا گورنمنٽ بہ رابطن جي ڪوشش ڪري ڪري نيٺ ٿڪي پئي ۽ روءِ زمين تي انسان ذات کان ڪٽيل ھن قبيلي لاء سمنڊ ڪناري ڪپڙا فروٽ تحفا. سوکڙيون نيوي جي ھيلي ڪاپٽرن اڇليا پر ٿيو خير .. ھنن کي ٻاھرين انسان کان ايتري تہ چـڙ ۽ ٽاھ رھيو آھي جو ٻہ ھزار چار ۾ آيل سونامي دوران ڪم ڪندڙ رسڪيو تنظيمن کي بہ پنھنجي جزيري تي ھنن لوڪن برداشت نہ ڪيو. سرڪار ۽ تنظيمن جو چوڻ ھو تہ ان سونامي ۾ ھي قبيلو بلڪل ختم ٿي چڪو ھوندو پر ھي سونامي کي بہ منھن ڏئي ويا.. انڊين سرڪار، انٽرنيشنل آرگنائيزيشنز ھن قبيلي کي ھر صورت ۾ بچائڻ جي فڪر ۾ بہ آھن. پر ھي ٽاھڙ ڪنھن کي ويجھو بہ اچڻ ڏين! !
ٽن ميلن کان اڳتي ھن جزيري طرف سرڪار ي توڙي عام وزيٽر کي وڃڻ جي اجازت ناھي. ٻاھرين دنيا کان ايترو ڪٽجي رھڻ جو ڪھڙو سبب آھي؟ ماھر ان کي ڪنھن اھڙي تصادم جي پسمنظر ۾ ٿا ڏسن جيڪو ھن قبيلي جي ماڻھن ۽ ھنن کي غلام بنائڻ لاء ايندڙ ماڻھن وچ ۾ ٿيو ھجي! اھڙا آثار بہ مليا اھن جنھن م ھڪ جھاز ڪناري تي بيٺو آھي ۽ ڪناري تي انساني ڍانچا پکڙيل آھن ... ھڪ اينٿروپولوجسٽ پنھنجي ٽيم سان ھنن جي ويجھو پھچي بہ ويو جنھن جو چوڻ ھو تہ ھي اسان کي ڏسي پٺيرا ء ڏوڙا ٿي بيھي رھيا. جيڪو ڪنھن ٻاھرين مھمان کي ناپسند ڪرڻ جو اشارو ھو.
ھنن وٽ زراعت جو ڪو تصور ناھي، ھي اڃان شڪاري ڪميون آھي. جيڪي مڇي، جانور، پکي ۽ ڪرڙيون وغيره شڪار ڪري يا ماکيون لاھي کائي ٿو... ڏسجي تہ ھي قبيلو انساني تھذيب جي قافلي م شامل ٿئي ٿو يا ان کان اڳ ۾ دنيا جي گولي تان گم ٿي ٿو وڃي ...
حفيظ ڪنڀر جي فيسبوڪ وال تان ورتل