نيب کي مليل اختيارين جو جائزووٺڻ گهرجي..!!!

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ غلام مصطفيٰ جمالي طرفان آندل موضوعَ ‏15 جولائي 2015۔

  1. غلام مصطفيٰ جمالي

    غلام مصطفيٰ جمالي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 جولائي 2015
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    نيب کي مليل اختيارين جو جائزووٺڻ گهرجي..!!!

    غلام مصطفيٰ جمالي

    سپريم ڪورٽ پهرين دفعا نيب کان ميگا ڪرپشن جي 150کان وڌيڪ ڪيسن جا تفصيل گهريا آهن.جڏهن ته اهي تفصيل خد نيب لاءِ چارج سيٽ جو درجو رکن ٿا.ڇو ته اها به هڪ حقيقت آهي ته نيب اندر اهڙو ڪو نظام ئي ناهي جيڪو،خد نيب کان جاچ ڪري سگهي .جڏهن ته ملڪ اندر اهڙن ادران تي نظر وجهنداسين ته اهڙا ڪيترا ئي ادارا آهن جن کي خدمختياريون مليل آهن،پر پاڪستان اندر اهڙو ڪو ادارو ناهي جيڪو پنهنجون اختياريون نيب تي هلائي سگهي،انهي ڪري ملڪ اندر سياسي پارٽين جي وزيرن،ايم پي ايز،ايم اي ايز،پنهنجي مٿان لڳل نيب جي ڪيسن کي دل سان قبوليو آهي،ڇو ته کين انهي کان سواءِ ڪو رستو ئي ناهي جو نيب جي ڪرپسن ڪيس کي ڪوڙو قرار ڏئي سگهن.۽ اها به ڳالهه سورهن آنا ڳالهه سچي آهي ته هن وقت تائين نيب جي ڪيل جاچ جو هڪڙو به ڪيس ڪوڙو ناهي نڪتو،انهي ڪري نيب ملڪ اندر ڪرپشن جا ڪيس هر ڏينهن تي وائکا ڪندي اچي،جڏهن ته پاڪستان اندر ميگا ڪرپشن جي 150ڪيسن جا سپريم ڪورٽ نيب کان تفصيل پيش ڪيا آهن،پر نيب خلاف خد سپريم ڪورٽ اختياريون ناهن مليل به هو نيب خلاف ڪاروائي ڪري سگهي،انهي ڪري نيب کي خد اختياري مليل آهي ته هو ملڪ اندر وڌندڙ ڪرپشن جي جاچ آساني سان ڪري سگهي،جڏهن ته سپريم ڪورٽ وٺ اهي اختيار موجود آهن ته هو نيب جي ڪيسن جاچ ڪري سگهي ۽ انهن کان سندن ڪارڪردگي معلوم ڪري سگهي،انهي ڪري نيب کي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ ايندي خد نيب خلاف اهڙا ڪيس ظاهر ٿيا آهن،جن کي پندرهن سالن کان وڌيڪ جو عرصو گذري ويو آهي ۽ اهي ڪيس اڃان حل ناهن ٿي سگهيا،انهي ڪري انهي ڳالهه کي تسليم ڪرڻ گهرجي ته نيب کي پنهنجي ڪيس ملڪمل ڪرڻ انهن ڪيسن جا چالان پيش ڪرڻ جو ڪو به حڪومتي دٻاءُ موجود ناهي انهي ڪري ڪيس کي پندرهن پندرهن سال لڳي ويا آهن،مسلم ڪمرشل بينڪ جي نجڪاري جي ڪيس کي14سال گّذري ويا آهن،انهي جي باوجود به اڃان وڌيڪ نيب مهلت جا چار سال سپريم ڪورٽ کان گهري ورتا آهن،جنهن کي عدالت سڳوري رد ڪري ڇڏيو آهي،انهي ڪري اهو ادارو جيڪو پنهنجا اختيار رکندو هو سو اچي سوڙهو ٿيو آهي،جڏهن ته نيب هن وقت پاڪستان اندر ڪرپشن جا ڪيس ظاهر ڪري خوش ٿي رهي آهي،انهي نيب سواءِ ڪجهه ٽي ايم اوز،يا هيٺئي درجي جي سرڪاري ملازمن کان سواءِ وڏي ڪنهن وزير يا ڪاموري کي ڪا سزانه ڏياري آهي،انهي ڪري اوهان انداز لڳايو ته خد نيب ڪرپشن جي ڪيتري گهيري ۾ آهي،هڪ طرف اختياريون ٻئي طرف پنهنجي منهن فيصلا ڪرڻ واري سوچ جتي آيو جيڏي مهل آيو ڇاپو هنيو،ڪيس ڪيو،۽ انهي ڪيس کي ميڊيا ڪوريج جون مين سرخيون بڻائي ڪري پنهنجو نالو روشن ڪيو نه ڪير چوڻ وارو نه ڪير پڇڻ وارو،سپريم ڪورٽ نيب کي نيب جن ڪيسن جا تفصيل ڏنا آهن،انهي ڪيس اندر پاڪستان جا وڏا سياسي رهنما شامل آهن،۽ جن سياسي رهمنائن تي ڪيس ظاهر ٿيا آهن،اهي خد پنهنجي بيان ۾ چئي رهيا آهن ته اهي ڪيس هٿ ٺوڪيا ۽ بي بنياد آهن ،جن اندر ڪا به سچائي موجود آهن ،ان ڪري پنهنجي ذهن ۾ هڪ سوال آهي ته پاڪستان اندر نيب ڪرپشن جي الزامن کي اگر سياسي پارٽين جي عهديدار مڃڻ لاءِ تيار ناهن ته اهو غلط آهي اگر جي اهو علظ آهي ته نيب ئي مليل وري اهڙا اختيار ڪهڙا درست آهن،مان سمجهان ٿو ته نيب هن وقت پاڪستان اندر شفاف ڪرپشن جانج نه پر انتقامي ڪاروايون ڪري رهي آهي،پ پ پ جا پنج سال پورا گذرا پر سنڌ جو اڄ تائين هڪڙو روڊ به سهي سلامت ناهي،سنڌ اندر صحت کاتي ۾ جيڪا ڪرپشن ٿي پ پ پ حڪومت ۾ سنڌ اندر ايندڙ سيلاب ۾ سيلاب متاثرين جي امداد به پ پ پ وارا کائي ويا،ڇا ان وقت نيب جي اکين تي پٽيون ٻڌل هنيون ڇا جيڪي صرف هن وقت کليلون آهن،ڇا نيب هن وقت عوام کي بيوقوف بڻاڻي رهي آهي،ڇا عوام چري آهي،ها اها ڳالهه ٻئي آهي ته پاڪستان جي عوام جي سوچ دير آيو در ست آيو واري ضرور آهي،ان وقت 150کان وڌيڪ سياسي عهديدارن تي نيب ڪرپشن جا ڪيس هڻي چڪي آهي،مان سمجهان ٿو ته اگر نيب واقعي عوام جي خيرخواه آهي ته پوءِ انهن مجرمن کي آڻي عدالتر جي ڪٽهڙي ۾ ۽ ڪري غريب مسڪين عوام سان همدري،...150کان وڌيڪ ڪرپشن جا ڪيس جن سياسي عهديدارن تي لڳا آهن ان ۾ سڀ کان پهرين ملڪ جو وزيراعظم ميان نواز شريف ،۽ پنجاب جو صوبائي وزير ۽ وزيراعظم جو سڳو ڀاءٌ شهبار شريف، پ پ پ جو چيئرپرسن آصف علي زرداري،۽ ٻيا به اهڙا سياسي ماڻهو آهن جيڪي هن نيب ڪيس ۾ شامل آهن ڇا نيب انهن ماڻهن کي ڪورٽ ۾ آڻي سهگندي..مان سمجهان ٿو ته نيب اهين ڪري نه سگهندي،ڇو ته نيب هن وقت سنڌ جي ڪيترن ئي ٽي ايم اوز جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن،ان ڪري سنڌ جو هر ننڍي کان وڏو سرڪاري ملاز م نيب جي نالي کان ئي لهرائي رهيو آهي،۽ انهي ڪارنامي جي ڪري پاڪستان اندر شوسل ميڊيا ۽ پاڪستاني ميڊيا جي نيب ڇانيو رهيو آهي،ان ڪري مان سمجهان ٿو ته انهي ڪاروائي ۽ نالي کي وڏيڪ چمڪائڻ لاءِ وڏين ڌرين ۾ هٿ وڌو ته الٽو اها ڳالهه سندس ڳچي ۾ پئجي وئي،سپريم ڪورٽ نيب کان انهن 150ڪيسن جي وضاحت گهري آهي پر مان سمجهان ٿو ته اهو سڀ انهن 150ڪيسن کان پوءِ ڇو ٿيو جڏهن ته نيب کان سپريم ڪورٽ پهرين ته ٻين ڪيسن جي وضاحت پڇي سگهي ٿي آخر انهن 150ڪيس ئي ڇو.!ان ڪري سوچڻ جهري ڳالهه آهي نيب جي ڪيسن کي 17،17سال ٿي ويا آهن ۽ اهي ڪيس اڃان ئي نيب حل ناهي ڪري سگهي آخر هن وقت نيب کي انهن 150ڪيسن ۾ ڇو سوڙهو ڪيو ويو آهي،ها اهو به هڪ وڏو سوال آهي ته اگر نيب انهن 150ڪيسن کي حل نه ڪري سگهيو ته ملڪ جي عوام جو نيب تي ٿورو گهڻو جيڪو اعتبار آهي اهو به کڄي ويندو،۽ اگر نيب جي خلاف سپريم ڪورٽ ڪا ڪاروائي ٿي ڪري ته نيب کي ميل سمورا اختيار مٽي ۾ ملي ويندا جنهن کان پوءِ سياسي ڪامورا خد مختيار ٿي ويندا جيڪي عوام جو رت پهرين جي چوسين ويٺا انهن کي وڌيڪ ڇوٽ ملي ويندي،پاڪستان اندر سمورا ادار ڪرپشن جي ور چڙهي ويندا ٿوري گهڻو جيڪو عوام کي رليف ملي رهيو آهي اهو به بند ٿي ويندو پاڪستان اندر اهڙو وقت اچي ويندو جو انسان انسان کي کائڻ لڳندو،انهي ڪري نيب ڪيس پاڪستان اندر اهڙي موڙ تي اچي ٻيٺي آهي جو ڪيس فيصلو ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي،هو ڇا ڪري،انهن 150ڪيسن جي وضاحت سپريم ڪورٽ کي پيش ڪري يا انهن ڪيسن کي پراڻي سترهن سالن جي پراڻن ڪيسن ۾ شامل ڪري ڇڏي.انهي ڪري وقت ڏکيو آهي ته اچڻو ضَرور آهي نيب کي مليل اختيارين جو جائزو ڀلي وٺڻ گهرجي پر سپريم ڪورٽ کي به ڪو اهڙو فصيلو ڪرڻ گهرجي جنهن سان ملڪ جي عوام کي فائدو پهچي،،،

    غلام مصطفيٰ جمالي،کڏهرو ضلع بدين

    0333.3737575
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو