ڪراچي، جنهن جي مقدر ۾ رڳو لاشا.!!! غلام مصطفيٰ جمالي گذريل چار ڏينهن کان سموري قوم هڪ صدمي ۾ ورتل آهي.ته آخر ڪراچي اندر لاش ميڙڻ وارو سلسلو ڪڏهن ختم ٿيندو،يا اڃان ڪراچي پنهنجي پٽي تي مسڪين عوام جي لاشن جو بار سهندي،حڪمرانن کي ڪڏهن رحم ايندو،هاڻ ته ايڌي جا سرد خانه به لاشن سان ڀرجي ويا آهن،هاڻ ته ڪراچي جي قبرستانن ۾ قبر کوٽڻ لاءِ ڪو تيار ناهي،آخر ايترو ايترو ظلم قهر هن قوم تي ڇو،ڇا هي حڪمران هن مسيڪنن جي آهُه ۽ دانهن کان بچي سگهندا،اهي حڪمران جيڪي ايسين ۾ ويهي عياشون ڪري رهيا آهن..!!.سنڌ حڪومت هن وقت وفاق تي تمام گهڻي ڪاوڙ ڪري رهي آهي،ان ڪري شڪر آهي جو سنڌ حڪومت کي ڳالهه سمجهه ۾ ته آئي،سڀ ڪجهه لٽڻ کان پوءِ ئي سهي.!پر سنڌ سان سمورو ظلم وفاق ڪري رهي آهي،ميان صاحبن کي شايد اهي ڳالهيون وسري ويون آهن،جيڪي انهن پ پ جي دور اندر هٿن وارا پکا کڻي ڪري مينار پاڪستان اڳيان تقريرون ڪيون هنيون،ته جيڪڏهن اسان کي اقتدار مليو ته اسان پاڪستان مان بجلي نه ختم ڪئي ته اسان پنهنجو نالو لاهي ڇڏينداسين،جيڪڏهن ميان برادرس کي اها ڳالهه ياد آهي ته پوءِ هو پنهنجو نالو پاڻ مٽائين يا عوام کي انهن جو نالو مٽائڻ تي مجبور نه ڪن،پاڪستان اندر نالي مٽائڻ جي واريت پراڻي آهي وزيرن کان ويندي وزيراعظمن تائين ،پوليس کان ويندي جرنيلن تائين نالا تبديل ٿيندا رهندا آهن،ڪراچي جي معصوم عوام ساهه به سسڪي سسڪي کڻي رهي آهي،ٽارگيٽ ڪلنگ کان ويندي ڀتاخوري ۽ ڀتاخورن جي ظلم تائين هي ڪراچي جي عوام سور سهندي اچي،پر هن وقت سندس سور سوايو آهي،هن وقت ڪراچي جي هر گهر مان لاش پيا ملن،۽ انهن لاشن تي ماتم پيو ٿئي،ڪٿي ڪا ماُءُ جهولي جهلي انهن لاشن جي مٿان ٻيهي ڪري حڪمرانن کي پٽو پاراتا ڏئي رهي آهي،هڪ طرف غم مايوسي ۾ گهيريل آهيان ته ٻئي پاسي ڪاوڙ جا اندر ۾ اڌما آهن،مايوس انهي ڪري آهيان ت ته ڪراچي جي مرندڙ بي گناهه عوام جو ڪنهن کي درد ڇو ڪون پيو ٿي،سوچ جي هڪ اٿاءُ سمونڊ ۾ آهيان ته ملڪ جي عوام جو موت ڪيترو نه سستو آهي،هن ملڪ جي عوام جو مقدر جنهن جي لاءِ لولو مهانگو ۽ موت سستو،ڪراچي جي مقدر جو فيصلو ڪرڻ وارن خاموش ڪامورن جي ڪراچي تان بي ڌياني هڪ واقعي مايوسي جو اٿاءُ سمونڊ آهي،ٻئي پاسي ڪاوڙ ۽ ڪاوڙ انهي ڪري ته پاڪستان اسانجو ملڪ آهي اسان جو وطن آهي سندس شهري اسانجو ڀائرن آهن ۽ اها به سڀني کي خبر هوندي ته ڪنهن جو بي گناهه ڀاءُ مارجي وڃي ته ڇا کيس ڪاوڙ نه ايندي،وفاق پاران اهو زور زور جو ڊرامو ته سنڌ بجلي جون رهيل رهتون ادا نه پئي ڪري انهي ڪري سنڌ ۾ بجلي جو بحران پيدا ٿيو آهي،خواجه آصف باربار پنهنجي ڳچي مان ڪراچي جو عوام جو موت رسو ڪڍڻ ِ بهاني مٿان بهانا ٺاهي رهيو آهي،جڏهن عابد شير علي به پاڻ کي پاڻي ۽ بجلي جو وزير سڏائيندڙ جنهن جي بيان سان دل کي شديد صدمو پهتو آهي سندس چوڻ آهي ته ڪو گرمي ۾ گهٽجي مري ٿو ته انهي جا ذميوار اسين ناهيون،انهي ڪري سائين جن کي عرض آهي ته اسان اوهان مان اها ئي اميد رکي سگهون ٿا اها ته اسانکي کي به پڪ آهي ته انهي کان سواءِ اسانکي اوهان ٻيو ڪجهه ڏئي به نه ٿا سگهون،پر قبلا سائين اسانکي اسانجي جي حصي جي بجلي ته ڏيو،پوءِ اگر ڪو موءُ ته اوهان زميدار ناهي،ڏٺو وڃي ته ڪراچي اندر مري ويلن بي گناهه جن جو انگ 1000کان وٿي ٿئي ويو آهي انهي جو موت جي زميوار صرف ۽ صرف پاڪستان واپڊا آهي ڇو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن اهين ناهي ٿيو ته ساه گهٽجڻ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو مئا هجن،ان ڪري اگر ڪراچي اندر بجلي جو ايترو بحران پيدا نه ٿئي هان ته مان سمجهان ٿو ته ايتريون جانيون هرگز ضايع نه ٿين هان ان ڪري عابد شير علي ڪهڙي بنياد تي پاڻ مان رسو ڪڍرائڻ جي ڪوشش پيو ڪري. جڏهن ته سنڌ حڪومت انهي ڳالهه تي هاڻ اچي سجيندا ٿي آهي ته وفاق سهي نموني سنڌ ۾بجلي جي بحران کي ختم نه ڪيو ته انهن جي خلاف ڪورٽ ۾ وڃبو سنڌ جي جهوني وزير سائين قائم علي شاه سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران وفاق مٿان ڪيس ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي،جڏهن ته خواجه آصف کي رحم نالي ڪا شي ناهي گهرن جي اڱڻ تي لاشن مٿان ماتم آهي،اهڙي ماحول اندر خواجه آصف چيو آهي ته 60ارب رپين نه مليا ته بجلي ڪٽي ويندي، آخر ڪراچي جو ڪهڙو قصور آهي ،ڪراچي اها ڪراچي جتي هرحيات زندگي پنهنجو مقام ۽ معيار ٺاهيو،جنهن ڪراچي هميشه خوشيون ورهايون،جتي غريب کان غريب انسان ۾ اميراڻي سوچ رکي ڪري زندگي گذاري ٿو،پر اڄ انهي ڪراچي اندر هر طرف لاشا ئي لاشا آهن،جتي خوشين جا گيت ڳائبا هئا اڄ اتي زندگي جي موت جا نوحا ڳائجي رهيا آهن،هن پاڪستان جي وڏي کان وڏي شهر هن هيڏي ترقي جي دور ۾ ڪڏهن پاڻي جي ڦڻي کان محروم آهي ته ڪڏهن بجلي کان،هرسياستدان پنهنجي ٻولي ٻولي رهيو آهي انهي لاءِ ڪڏهن چيو آهي ته (چوڻ وارن جو ڪجهه ڪون ٿو وڃي .!! پر ٻڌڻ وارا ڪمال ٿاڪن...!! هن وقت ڪراچي جي بي گناه عوام به واقعي ٻڌڻ سان ڪمال ڪيو آهي،حڪمران پنهنجي آڱرين تي نچائڻ جي قابل ٿا سمجهن.ڪير به سنجيدا ٿيڻ لاءِ تيار ناهي،انهي ڪري مان ڪراچي ۽ سموري سنڌ پاڪستان جي عوام کي اها اپيل ٿوڪريان ته هو هنن ڪمرانن مان سموريون اميدون هٺائي ڪري ڌڻي در دعا لاءِ هٿڙا کڻن،زمضان شريف جو رحمتن ڀريو مهينو آهي رب راضي ٿي پوي ۽ آسمان مان رحمتن جا ڪڪر ڪراچي مٿان وسائي ڪري ڪراچي جي عوام جي سورن درد جي دانهن ٻڌي ۽ شاهه سائين جي دعا ورجائي وڃي ته سائيم سدائيم ڪريم مٿي سنڌ سڪار دوست تون دلدار عالم سڀ آباد ڪرين غلام مصطفيٰ جمالي کڏهرو ضلع بدين 0333.3737575ٰ