ستن آسمانن هيٺ

'ڪهاڻيون' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏4 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    نورالهدى شاهه

    اسان ٻنهي جي ملاقات سمنڊ ڪناري ٿي هئي.

    هو سمنڊ ڪناري، واريءَ تي ويهي ٽڪ ٻڌي سمنڊ جي هُن پار ٻڏندڙ سج کي ڏسي رهيو هو ۽ مان واريءَ تي ليڪا پائي رهيو هئس.

    هُن ته الاءِ اُن پل ڇا ٿي سوچيو پر مان ان لِيڪن منجھه ڪيئي ليڪا پائي سوچي رهيو هئس، چوڏسا ماڻهو مري رهيا آهن ۽ ڌرتيءَ ڄڻ اڻ ڳڻيا لاش اوڳاڇي ڇڏيا آهن. ڪيڏو نه نفسا نفسيءَ جو عالم آهي ۽ ڄڻ ڪٿي ڪا پناهه گاهه ڪونهي. پاڻي جيڪو انسان پيئي ٿو، رت منجھان، رڱجي ڳاڙهو ٿي چڪو آهي، تڏهن به ماڻهو اُن کي ڍُڪ ڀري پيئي به پيو ۽ اڃ به اجھاميس ڪانه ٿي. ڪيڏا نه ماڻهو آهن. هر طرف ماڻهو ئي ماڻهو آهن. اڻ ڳڻيا ۽ اڻ ڄاتا. تڏهن به ڪٿي به ڪو ماڻهو ڪونهي. ڄڻ ماڻهو ئي لڏي ويو آهي ڌرتيءَ مٿان. ڪيڏي نه بوءِ اچي ٿي هر ساهه واري شيءِ مان. ڪيڏو نه ڀوءُ ٿئي ٿو، هر ساهه واري شيءَ کان!

    تڏهن به جيئڻ تي دل ٿي چاهي. تڏهن به دل ٿي چاهي ته، انهن ئي ماڻهن منجهه رهجي. انهن سان ئي گوڏو گوڏي سان گڏي ويهي روئجي به ۽ کلجي به. تڏهن به دل ٿي چاهي ته، ڌرتيءَ مٿان لاڳيتو گھلجندڙ زندگيءَ کي چنبڙي پئجي. جيڏانهن جيڏانهن رڙهندي وڃي ٿي، اوڏانهن رڙهبو وڃجي، پر جيئجي.

    پر ڇا جي سگھجي ٿو؟؟

    مون کي لڳو، مان واريءَ تي پاتل پنهنجن ئي لِيڪن ۾ ڦاسندو پيو وڃان. دل چاهي ٿي ته، انهن مان پاڻ ڇڏائي اُٿان ۽ ڪنهن به ماڻهوءَ کي پڪڙي چوان ته، ٻه ٽي گھڙيون مونسان ويهي ڳالهائيندين؟؟ بس ٻه ٽي گھڙيون. مان ڳالهائڻ چاهيان ٿو. ڪوئي آهي مون کي ٻڌڻ وارو؟؟ ڪوئي آهي؟؟ مان ڳالهائڻ چاهيان ٿو. ڪوئي آهي؟ ڪوئي آهي؟

    پري پري تائين ڪيئي ماڻهو پئي هليا. اُهي ئي مون جھڙا ماڻهو. اُهي ئي ٻه اکيون. اُهي ئي ڪن، نڪ، چپ ۽ پيشاني، اُهي ئي ٻه ٻانهون، ٻه هٿ ۽ ٻه پير.

    پر مون کي لڳو، مان هنن سان ڪميونيڪيٽ نه پيو ڪري سگھان. ٻانهن کان جھلي بيهاري نٿو سگھان.

    الاءِ هو ماڻهو آهن به يا نه ؟؟ سواءِ هن جي، جيڪو پريان اڪيلو ويٺو آهي. ڄَڻ ماڻهن جي هجوم ۾ هو ئي هڪڙو ماڻهو آهي.

    مان ليڪن ۽ دائرن مان اُٿي اچي هن وٽ ويهي رهيو هئس.

    هُن ڪنڌ ورائي مون ڏانهن نهاريو به ڪين. پر ڄڻ مون کي محسوس ڪري ورتو هئائين. سج پاڻ کي اڃا به وڌيڪ ڍاري ڇڏيو هو پاڻيءَ منجھه سمنڊ ۽ آسمان هڪڙي ڳاڙهي ليڪ تي اچي پاڻ ۾ گڏجي رهيا هئا.

    مون ئي هن سان ڳالهائڻ شروع ڪيو، بنان هن ڏي نهارڻ جي.

    چيم . . . . . . . ”مان ڳوٺاڻو آهيان. منهنجو پيءُ ڳوٺ جو سڀ کان سُکيو زميندار هو. اسان جو گھر پڪين سِرن جو ۽ ڳوٺ ۾ سڀني گھرن کان اوچو ۽ وڏو هو. اڱڻ ته ايڏو وڏو هو، جنهن تي سڄو ڳوٺ سمائجي وڃي ۽ ان جي ڏاکڻي ڪنڊ ۾ نم جو گھاٽو ۽ سئو سالن جي ڄمار وارو وڻ ڄڻ ڪنهن پهريدار جيان بيٺو هوندو هو. پر تڏهن به اسانجو گھر ڳوٺ سڄي ۾ سڀ کان وڌيڪ غير محفوظ گھر هو. منهنجي پيءُ کي پنهنجي پيءُ کان دشمني، بدلو، خون ۽ ڪيئي مڏا ۽ تکا هٿيار ورثي ۾ مليل هئا ۽ منهنجو پيءُ چوندو هو ته، سندس پيءُ کي به پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي کان اهو سڀ ڪجھه ورثي ۾ مليو هو. هو وڏي واڪي مان سان چوندو هو ته، سندس پيءُ ۽ ڏاڏي کي ته، گذريل پيڙهين کان سندن دؤر تائين ٿيل مڙني خونن جا انگ اکر آڱرين تي نالن ۽ تاريخن سوڌا ياد هئا. ڪنهن کي ڪنهن ماريو هو ۽ ڪنهن تي ڪهڙو هٿيار استعمال ڪيو ويو هو! پڻ هنن جا هيل تائين ڪيترا مُئا ۽ ڪيترا اڃا هُنن جي کاتي ۾ باقي بچيل هئا ۽ ائين ئي اسان جي پاسي به.

    پر کيس ڏاڍو افسوس هوندو هو ته، الاءِ ڇو کيس اهي انگ اکر چٽيءَ طرح ياد نه رهيا هئا. کانئس اڪثر انهن جي حساب ڪتاب ۾ ڳڙٻڙ ٿي ويندي هئي. منهنجي پيءُ جو ننڍپڻ به اهڙو ئي گذريو هوندو، جھڙو منهنجو. مان ته جڏهن ننڍڙو هئس ۽ اڃا انگن اکرن جي سڃاڻپ به ڪانه آئي هئم، جو هو مونکي هر رات، تارن ڀرئي آسمان هيٺ پنهنجي ڀر ۾ ليٽائي دشمني، خون، بدلي ۽ ورثي ۾ مليل مڏن ۽ تکن هٿيارن جا تفصيل ڪهاڻين جيان ٻڌائيندو هو. جيتوڻيڪ کيس هر هر پنهنجي ڳڻپَ نئين سري کان شروع ڪرڻي پوندي هئي، پر سندس لهجي ۾ لٿل وڏائيءَ کي ذري جيترو به لوڏو ڪونه ايندو هو. مون کي ڇاتيءَ سان لائي چوندو هو، ”تون جڏهن جوان ٿيندين، جڏهن تنهنجا شهپر گھاٽا گھاٽا نڪري اچن ۽ تنهنجي ڇاتي مون کان به ويڪري ٿي وڃي ۽ تنهنجي آواز جي گونج تي وڻ تي ويٺل پکي پاڻ ڦٿڙاٽي ٽارين تان اُڏامي نڪرن ۽ مان تڏهن شايد نه به هجان، جو هاڻ اسان جا دشمن منهنجي رتُ جي اُڃ کنيو وجھه وٺيو ويٺا آهن، ته ڪڏهن ٿو مان انهيءَ گس تان لنگھان، جتي مان هنن جي هٿيارن جي نشاني تي اچي وڃان ۽ هو مونکي گولين سان ڀڳڙن جيان ڀُڃي ڇڏن، پر تون تڏهن پنهنجي گذريل سموري پيڙهيءَ جي رتُ جو وير وٺجانءِ! اِهو وير توتي قرض هوندو انهن سڀني جو، جيڪي انهيءَ ويڙهه ۾ مارجي ويا. مڙس سکَ جي ننڊَ مرڻ کان پوءِ سمهندا آهن.“ ڳالهائيندي ڳالهائيندي اوچتو هو مون کي پنهنجي ڇاتيءَ کان ٿورڙو پري ڪري، منهنجي مُنهن کي اکين آڏو ڪري، منهنجي اکين ۾ سڌي طرح نهاريندي پڇندو هو ”تون منهنجي ڳالهه ٻُڌين پيو نه پُٽ؟؟؟“ مان چوندو هئس ”ها.“ پر تڏهن، جيتوڻيڪ مان سندس ڳالهه کي پوريءَ ريت سمجھي به نه سگھندو هئس، پر جيئن جيئن هو ڳالهائيندو ويندو هو، مان هن جي ڇاتيءَ سان لڳل هوندي به اندر ئي اندر پيو وگھرندو ۽ ڏڪندو هئس. ائين لڳندو هو ڄڻ ڪوئي منهنجي ڪنڌ وٽان ڪات پيو تکو ڪري. ساهه منهنجي نڙيءَ ۾ ڪنڊيءَ جيان ڦاسي پوندو هو ۽ پير پگھرجي پوندا هئا، پر تڏهن مان اهو سڀ ڪجھه مٿس ظاهر ڪونه ڪندو هئس. مون کي لڳندو هو ته، جي هُن کي منهنجي ان حال جي خبر پئجي وئي، ته هو ئي مون کي ماري ڇڏيندو، نه ته ڪيڏو نه موهه هو هُن جو مون سان!! منهنجي ماءُ کيس چوندي هئي، ”تون ته ڄڻ چريو آهين پٽ لاءِ. سڄو ڏينهن ان کي ئي ڇاتيءَ سان لايو پيو هلين. انڪري ٻيو ڪو به ڪم نٿو پڄنئي ۽ هن کي به هيڪاري ريجالو ۽ دادلو ڪري ڇڏيو اٿئي!“ موٽ ۾ هو اڃا به زور زور سان چوندو هو، ”الاءِ ڪير جيئي، ڪير مري، ڇڏ ته پيءُ پٽ سڪون ته لاهي وٺون.“

    منهنجي ماءُ جي منهن تي ڄڻ ڪو پاڇولو پئجي ويندو هو، پر منهنجي پيءُ جي سامهون ڪي به ڪين ڪڇندي هئي. هڪ لڱان ڪُڇي هئي. چيو هئائينس، ”هڪ ئي پٽ اٿن. ڇو ٿو منهنجن آنڊن ۾ ٽانڊا ڀرين. نه ڀر هن جي معصوم دل ۾ دشمنيءَ جا اُلا. نه ڪر هن کي رتو ڇاڻ ۾ ڦٽي. هن کي جيئن ڏي. هن کي جيئڻ ڏي.“ مون کي چٽا ساروڻا آهن، ته ان ڳالهه جي موٽ ۾ منهنجو پيءُ هُن تي ڪيئن اُلرون ڪري گجيو هو ۽ هوءَ ڪيئن ڀت سان لڳي ساهه روڪيو بيٺي هئي ۽ مان ڪيئن چاهيندي به هُن جي ٽنگن سان چنبڙي رڙيون ڪري روئي نه سگھيو هئس. پر پوءَ جڏهن منهنجو پيءُ گھر ۾ نه هوندو هو ۽ هوءَ ۽ مان اڪيلا هوندا هئاسين، هوءَ منهنجو مٿو پنهنجي گوڏي تي ڌري، منهنجن وارن ۾ آڱريون ڦيرندي، مونسان ڳالهائيندي ويندي هئي ۽ مان بس ٽڪ ٻڌيو کيس پيو ڏسندو هئس. سوچيندو هئس، منهنجي ماءُ ڪيڏي نه سهڻي آهي!، سندس آواز به ته ڏاڍو مٺو هوندو هو، پر مون سان ڳالهائيندي هر هر ڀرجي ايندو هو سندس آواز. ڳالهائيندي ويندي هئي ۽ ڳيت ڏئي لڙڪ ڄڻ پيئندي ويندي هئي. چوندي هئي، ”ماڻهوءَ تي ماڻهوءَ جو رتُ حرام آهي. پاڻ جيئي يا نه، پر ماڻهوءَ کي جيئڻ ڏجي. ماڻهو ويچارو ٻه ٽي ڏينهڙا ئي ته، جيئڻ آيو آهي هن جھان ۾. اڃا ٿورڙو ڪي پوکي ٿو ۽ ٿورڙو ڪي لُڻي ٿو. ڪو پوور اڻپورو گھرڙو اڏي ٿو. ڪي ننڍڙا ننڍڙا ٻار ڄڻي ٿو. انهن لاءِ ڪي ٻه ٽي داڻا اَن جا ميڙي مس گڏ ڪري ٿو ۽ اڃا ساهه به ڪين کڻي ٿو، جو سڀ ڪجهه اتي ئي ڇڏي هليو وڃي، ٿو هن جھان مان. وڃڻو ته هونءَ ئي آهي ماڻهو کي. پوءِ به ماڻهو ماڻهوءَ کي ڇو جيئڻ نٿو ڏي؟؟ ۽ ماڻهو، جيڪو ماڻهوءَ کي جيئڻ نٿو ڏئي، اُهو به ته ڏس، ماڻهوءَ جو خون ڪري موٽي پنهنجن ٻچن ڏانهن ئي وڃي ٿو پنهنجي گھرڙي جي ڇت هيٺ وڃي ساهه پٽي ٿو. تڏهن به جنهن ماڻهوءَ کان جيئڻ ڦري ٿو، انهيءَ تي قياس به نٿو ڪري.“

    پوءِ هو ڪي پل چپ، منهنجن وارن ۾ پئي آڱريون ڦيريندي هئي. پوءِ اوچتو نه ڄاڻ ڪهڙو پور پوندو هئس مَن ۾، جو مون کي ٻنهي ٻانهن کان جھلي اُٿاري ويهاري ڇڏيندي هئي ۽ منهنجين اکين ۾ اکيون وجھي چوندي هئي، ”تون ته ڪونه ماريندين نه ماڻهو؟ ڪوئي توتي اُلر ڪندو ته به، اُن جو هٿ جھليندي، اُن جو ڪنڌ ڪونه ڪپيندين. پاڻ به جيئندين نه؟ واعدو ڪر. تون پاڻ به جيئندين نه؟ واعدو ڪر. تون پاڻ به جيئندين ۽ جوان ٿيندين. وڏا وڏا گھاٽا شهپر ٿيندئي. موڙ ٻڌندين. وني پرڻبين. لائون لهندين. ڪلهن تي پنهنجا ٻه ننڍڙا ننڍڙا پٽ کنيو پيو هلندين. انهن لاءِ گھرڙو اڏيندين. پنهنجي اڱڻ ۾ گل پوکيندين. پنهنجي در تي وڏا وڏا ڪڙا نه چاڙهجئين. مٽ مائٽ، سڄڻ ۽ ساڻيهه سڀئي پيا تنهنجي تڏي ايندا ۽ ويندا. رب ڪندو ڪڏهن به تنهنجي گھر جو در ڪين ٻوٽبو ۽ هي ٻني ٻارا ماڻهو ۽ ماڻهو جي ٻچن جو رزق آهن. انهن تي ماڻهوءَ جو رتُ ڪونهي وهائبو. ٻني ٻارو، مٽي ۽ ڌرتي، ريتون ۽ رواج، غيرتون ۽ عزتون، ماڻهو انهن سڀني کان مٿانهون آهي. ماڻهو آهي ته مٽي به آهي ۽ ڌرتي به آهي. غيرت به آهي ته عزت به آهي. ماڻهو ناهي ته اهي سڀئي رڻ منجھه ٿوهر جي ٻوٽن جيان آهن ۽ تون به جڏهن انهن ٻنين تان پوکون ڪري ۽ فصل لڻي گھر موٽندين ۽ تنهنجي گھر جي چائنٺ تي تنهنجا ٻار ڊوڙي اچي تنهنجين ٽنگن ۾ چنبڙندا، تڏهن توکي خبر پوندي ته، اصل شيءِ ماڻهو ئي آهي.“ ۽ ڳالهه پوري ڪندي ڪندي، ڪڏهن ڪڏهن سندس اکين مان لُڙڪ لڙي ايندا هئا.

    ڳالهائيندي ڳالهائيندي، مون پنهنجي ڀر ۾ هُن ڏانهن نهاريو. سج ٻُڏي چڪو هو ۽ سمنڊ به هاڻ اونداهو ٿي چڪو هو. هُو نه ڄاڻ سمنڊ کي گھوري رهيو هو يا اونداهيءَ کي! هُن جي ۽ منهنجي وچ ۾ هوا جيتري وٿي هئي. مان هن کي محسوس ڪري سگھيس ٿي، پر ڏسي ڪونه پئي سگھيس. مون کي لڳو، هُن جا چپ پڇاڙڪا پساهه کڻندڙ پکيءَ جيان هوريان هوريان ڦٿڪي رهيا آهن. مون کي لڳو هو به مون جيان ڪجھه ڳالهائڻ چاهي ٿو.

    چيائين، ”مان هن شهر جو ئي ڄاول آهيان. اِتي ئي پليو آهيان. سمنڊ ڪناري، سمنڊ کان به وڌيڪ گجندڙ هن شهر جي اُن آباديءَ ۾ منهنجو گھر آهي، جتي ماڻهو، گھر ۽ رستا سڀئي پاڻ ۾ گڏ وچڙ ٿي، پنهنجي پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ويهي رهندا آهن. بس ڊوڙي ڊوڙي جيئندا آهيون ۽ ساهه ائين کڻندا آهيون، ڄڻ سهڪندا هجون. ڏينهن جو گھڻو تڻو حصو پنهنجو نالو به وساري ويهندا آهيون *۽ گھر جو پتو به. شناختي ڪارڊ جي آفيس ۾، ووٽرز لسٽن ۾ اسين رجسٽرڊ آهيون، انڪري پنهنجو ڄڻ وجود رکون ٿا. مشينن جيان سڙڪن تي ائين هلندا آهيون، ڄڻ ڪنهن اسان ۾ هڪڙي خاص سسٽم هيٺ طئي ٿيل پروگرام فيڊ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسين هاڻ اُن مطابق مقرر ڪيل، ليڪن مٿان پيا ايندا ۽ ويندا آهيون. اسان جي ان مسلسل اچ وڃ جو ڪوبه رڪارڊ ڪونهي رکيل اسانجي ميمري ڪارڊ ۾. صبح کان وٺي سج لٿي تائين اسين پئسي جي ڳولا ۾ يا زندگيءَ جي انهن ڪمن پٺيان، جن لاءِ پئسو گھربل آهي، گھر کان ٻاهر بسن ۾ ٽنڊڙجي، سڙڪن تي ٿاٻڙجي، آفيسن ۽ قطارن جا ڌڪا ٿاٻا کائي، ڪتن جيان نوس، نوس ڪندا، ٿڏا ٿونا سهندا، جڏهن گھرن ۾ گھڙندا آهيون، ته اسان جا کيسا اوترائي خالي هوندا آهن، جيترا گھران نڪرڻ مهل هوندا آهن. زندگيءَ جون گھرجون جيئن جو تيئن وات ڦاڙيو اسان جي قبرن جيڏن ۽ قبرن جھڙن گھرن ۾ آدم بوءِ آدم بوءِ ڪنديون پيون ڦيريون پائينديون آهن. اسان وٽ نه دوستي آهي، نه دشمني آهي. نه ماڻهو آهي نه ماڻهپي جو ڪانسيپٽ. بس خواهشن جون چڻنگون ۽ ضرورتن جا اُلا آهن. جيڪي ڪڏهن به اُجھامڻ جا ناهن. ميز ڪرسي ۽ ٽي وي فرج کان وٺي اَٽي لَٽي اجھي تائين کان اِهي چڻنگون ڌڳڻ شروع ٿين ٿيون ۽ ڀڳل سَڙڪن، گند جي ڍيرن، گئس، پاڻي ۽ بجليءَ جي بلن، مسواڙن، اسڪول جي فيئن ۽ آدم خور ٽريفڪ تائين پهچندي پهچندي، اِهي چڻنگون اُلا بڻجيو پون. اسان جو نه ڌرتيءَ سان تعلق آهي ۽ نه آسمان سان. شهر مٿان آسمان نالي سان تاڻيل شيءِ محض پولار آهي. ڪڏهن ڪڏهن اُن پولار ڏانهن ڪنڌ مٿي کڻي نهاربو به آهي ته نيڻ نهار، آڪاس سان ڳاٽ هڻندڙ عمارتن ۾ اٽڪي موٽي ايندي آهي ۽ ماڻهو پنهنجي پاڻ ۾ اڃا به جيتامڙو بڻجي پوندو آهي. بس پنهنجي جيتامڙي هئڻ وارو اڪيلو احساس ئي آهي، جيڪو اسان جي وجود جي اندر پنهنجو جيئرو وجود رکي ٿو ۽ جيتامڙي هئڻ جو اهو احساس ئي هو، جيڪو هڪ ڏينهن مون کي شهر جي هڪڙي مسجد ۾ وٺي ويو. مسجد ۾ سومهڻيءَ نماز پئي پڙهائي وئي. مونکي وضو به نه هجي ۽ اها به خبر نه هجي ته، ڪهڙي رڪعت پڙهائي پئي وڃي. مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن به سومهڻيءَ جي نماز پڙهي به ته ڪانه هئي. مان بس آخري صف ۾ ٻانهون ٻڌي وڃي بيهي رهيس. نمازين ۾ به ڄڻ شهر سڄي جيان هڪڙو خاص پروگرام فيڊ ٿيل هو. روبوٽ جيان هو پيش امام جي آواز تي جھڪيا ۽ اُٿيا پئي ۽ انهن سان گڏ گڏ مان به، بلڪل خالي دل ۽ خالي دماغ سان. آخري سجدي ۾ الاءِ ڇا ٿيو مون کي، مان پنهنجي جيتامڙي وجود تي روئي پيس. خواهشون ۽ ضرورتون سجدي واري جاءِ تي عين منهنجي پيشاني هيٺ اچي گڏ ٿيون. چئن مهينن کان رهيل گھر جي مسواڙ ۽ مالڪ مڪان جو هر ٻئي ڏينهن در تي اچي پوليس جون ڌمڪيون ڏيڻ ۽ ڪيڏي مهل به گھر جا ٽپڙ کڻي در کان ٻاهر گھٽيءَ ۾ ڦٽي ڪرڻ جي وارننگ ڏيڻ. ٻن مهينن کان بجليءَ جو بل پڻ ۽ ٻارن جون فيون ۽ گئس جو ٻن مهينن جو بل پڻ ۽ ٻارن ۽ هر ڏينهن جي شروعات ۽ هر ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي زال جون سوال ڪندڙ اکيون ته، اڄ ٻار ڇا کائيندا؟ ننڍڙي جو کير ڪٿان ايندو؟ سيارو اچي پيو ۽ ٻارن جو يونيفارم پورو ڪونهي. سندس ختم ٿي ويل دوائن جي ته، ڳالهه ئي ڪانه ڪندي هئي. بس ڳالهائنيدي ڳالهائيندي هڪ اهڙي نهار دوائن جي خالي شيشين ۽ پاڪيٽن تي وجھندي هئي، ڄڻ زهر جو ڍُڪ ڀريندي هجي ۽ کتريل بوٽن اندر ڦاٽل جورابن ۾ منهنجا پگھريل پير اڃا به پگھرجي ويندا هئا ۽ دل ۾ اِها خود غرض خواهش اڀرندي هئي، ته خدا ڪري هوءَ انهن دوائن جي ڳالهه نه ڪري. خيال به ايندو هو ته جي سندس بيماري وڌي وئي؟ جي مري پئي؟ ۽ موٽ ۾ مان پنهنجي پاڻ کان به اکيون چورائي وٺندو هوس. مٿان آفيس ۾ هر ڏينهن تي منهنجي منهن تي وسڪارو ڪندڙ باس جي گڦ ته، ”تون هر روز ليٽ اچين ٿو. هي آفيس آهي، دوستن جو اڏو نه. اِهو آفيس جو پرابلم ڪونهي. توکي هتي پوري ڏهين وڳي هئڻ گھرجي. انڊر اسٽينڊ! ٻيءَ صورت ۾ تنهنجي پگھار ڪٽي ويندي.“ باس جي ڪمري کان ٻاهر ويٺلن جون ايڪسري جھڙيون اکيون ڄڻ ڪپڙا لاهي اگھاڙو ڪري ڇڏينديون هجن. ۽ الاءِ ڇا ڇا. مان سجدي ۾ روئي رهيو هوس. مان سوچيندو هئس ته، ڪٿي به پناهه گاهه ڪونهي. مونکي ڄڻ پناهه گاهه ملي ويئي هئي. مان هر ٻئي ٽئين ڏينهن مينهن واءُ ڪري ان مسجد ۾ گھڙي ويندو هئس ۽ سجدي واري جاءِ تي خواهشن ۽ ضرورتن جا ٻرندڙ مچ رکي، انهن مٿان پنهنجي پيشاني رکي ڇڏيندو هوس. ڪڏهن هڪ ئي سجدي ۾ يڪو پيو روئندو هئس. ڪنڌ کڻندو هئس ته مسجد خالي ٿي چڪي هوندي هئي. ڪڏهن پيش امام جي پٺيان نماز جوٽي بيهي رهندو هوس ۽ روبوٽ جيان هن جي پٺيان پيو اُٿندو ۽ ويهندو هوس. نه ته به خالي مسجد جي اڱڻ تي ويٺو هوندو هوس. پر مسجد کان ٻار نڪرڻ تي دل ئي ڪانه چاهيندي هئي. نه گھر ڏانهن، نه شهر ڏانهن. مونکي هن پناهه گاهه سان پيار ٿي ويو ـــــ غير مشروط پيار. جيتوڻيڪ مان روز روز ڪونه ايندو هوس. بس ڪڏهن ڪڏهن جڏن زندگيءَ کي سائيڪل رڪشي جيان ڇڪيندي ڇڪيندي مان آخري پساهه کڻڻ لڳندو هوس، ته اُهو آخري ساهه مسجد ۾ اچي کڻندو هوس. خدا مونکي ان مسجد جي خالي اڱڻ ۾ مليو. مان هُن کي ڏسي نه سگھندو هوس. محسوس ڪري سگھندو هئس، پر هُن جي مڪمل وجود کي نه، رڳو هُن جي نهار کي ۽ هُن جي مُرڪ کي. شروع شروع ۾ هو مون ڏانهن نهاريندي بس مرڪندو رهندو هو ۽ مان هڪ ساهيءَ ان سان ڳالهائيندو ويندو هوس. منهنجيون ڳالهيون کٽنديون ئي ڪين هيون ۽ هن جي مُرڪ ٽٽندي ئي ڪانه هئي. مون وٽ ته به، ڪيئي ڳالهيون ۽ ڪيئي سوال هئا ته، تو هئين ڇو ڪيو ۽ تو هونءَ ڇو ڪيو؟ توکي هي ڪرڻ گھرجي ها ۽ هو نه ڪرڻ گھرجي ها! مان هُن کي آڱرين تي ڳڻي ڳڻي ٻڌائيندو هئس ته ڏس، تو هي هي زيادتيون ڪيون آهن مون سان، ماڻهن سان ۽ ساري دنيا سان. منهنجون آڱريون کُٽي وينديون هيون، پر زيادتين جي فهرست ويندي هئي اڃا به ڊگھي ٿيندي ۽ هو مون ڏانهن نهاريندو پيو مرڪندو هو، ڄڻ منهنجي فهرست ئي غلط هجي. هوريان هوريان منهنجون ڳالهيون لڙڪن ۾ بدلجڻ لڳيون ۽ لڙڪ جھيڙي ۾. هُن جي مرڪ ته اڃا به گھري ٿي وئي هئي، پر منهنجي وڙهي پوڻ کانپوءِ هو هاڻ منهنجا لڙڪ به اگھڻ لڳو هو ۽ مونکي آٿت به ڏيڻ لڳو هو ته، مان آهيان نه، توسان گڏ گڏ. تنهنجي شهه ـــــ رڳ کان به توکي ويجھو. توکي خلقڻ وارو، توکي پالڻ وارو، اڪيلو ٿوروئي آهين. ڏک به ته مون ڏنا آهن، سک به مون ڏنا آهن. مان ئي انهن جو ذميوار آهيان. دنيا ته بس پاڻيءَ جيان پتاشو آهي. ماڻهو ويچارا ماڪوڙن جيان انهيءَ تي هروڀرو اچي مڙيا آهن. پتاشو ڳري پاڻي ٿي ويندو ۽ سڀ ڪجھه ان پاڻيءَ منجھه لڙهي ويندو. تنهنجي لاءَ صلو مون وٽ مقرر ڪيل آهي ۽ اُهو توکي ضرور ملندو. بس هن آزمائش تي توکي پورو لهڻو آهي. منهنجا لڙڪ هوريان هوريان اهڙي مرڪ ۾ بدلجڻ لڳا، جھڙي هُن جي مُرڪ هئي. منهنجي جھيڙي هُن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا ۽ مون هُن جي اڳيان ڪنڌ نمائي ڇڏيو. ڪنهن صلي لاءِ نه، غير مشروط پيار ۾. ڳالهائيندي ڳالهائيندي هو چپ ٿي ويو.

    سمنڊ جي نرڙ تي نه ڄاڻ ڪهڙي مهل چنڊ چڙهي آيو هو ۽ ان جا ڪِرڻا سمنڊ جي پاڻيءَ منجھه ڇلي رهيا هئا. ڪي کن هو به چپ رهيو ۽ مان به ڪي کن پوءِ ساڳيءَ وقت تي هن به چيو، ”پر تڏهن به هيءَ دنيا ڪيڏي نه سهڻي آهي!!“ مون به چيو، ”ها تڏهن به هيءَ دنيا ڪيڏي نه سهڻي آهي.“ سوال ته نه هُن پئي مون کان ڪيو نه ئي مون. بس مون ئي پنهنجي اڻ پوري ڇڏيل ڳالهه کي اُتان کان ڳالهائڻ شروع ڪيو، جتي ڇڏي هئم.

    چيم. ”منهنجو پيءُ منهنجي جوان ٿيڻ کان پهرين ئي دشمن جي هٿان مارجي ويو. هو اسان جي سامهون ڀريل بندوق کڻي نڪتو هو دشمن کان پنهنجن ابن ڏاڏن جو وير وٺڻ، پر موٽيو هُن جو رتوڇاڻ لاش سڄي برادري مڇرجي پئي. مون کي پيءُ جي ڇڏيل پڳ ٻڌرائي وئي ۽ ان جي اها ئي ڀريل بندوق منهنجن هٿن ۾ ڏني وئي. مون کي اڃا تائين ان بندوق جي نالي تي لڳل رت جا لينگھا ياد آهن. منهنجي جسم مان سيسراٽ نڪري ويو هو. مون ان پل ئي من ئي من ۾ جيئڻ جو فيصلو ڪيو هو. بلڪل ائين جئين منهنجي ماءُ مون ئي چوندي پئي آئي. مون اُها رت رڱيل بندوق هميشه لاءِ پنهنجي ماءُ جي لوهي ڪٻٽ ۾ بند ڪري ڇڏي هئي. مان پنهنجي ماءُ جي سامهون بنان هٿيارن جي جڏهن گھران نڪتو هوس، کڙکٻيتن جيان جرڪنديون پيون محسوس ٿينديون هيون. هوءَ چپن ۾ ڪجھه ڀڻڪندي منهنجي پٺ ڏانهن شوڪاريندي هئي ۽ مان در جي چائنٺ ٽپندي ٽپندي اُن جي ٿڌاڻ پنهنجي پٺيءَ تي محسوس ڪندو هئس. مان بنان هٿيارن جي، خالي هٿين انهن رستن تان به لنگھڻ لڳو هوس، جتان منهنجن ابن ڏاڏن جا دشمن به لگھندا هئا. خالي هٿن جو هڪڙو عجيب نشو ٿيندو آهي. ماڻهوءَ کي ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ هو دنيا جو سڀ کان سگھارو ماڻهو آهي. هر ويڙهه ۾، بنان وڙهڻ جي، هُن جي سوڀ ٿيڻي آهي. مان به ائين محسوس ڪندو هئس. انهن رستن تان، جتان منهنجو پيءُ هٿيارن ۽ پهريدارن کان سواءِ ڪونه لگھندو هو، مان خالي هٿن ائين لگھندو هئس، ڄڻ مون کي موت جي به پرواهه ڪانهي. ماڻهو مون کي چريو سمجھڻ لڳا. راڄ برادريءَ وارا مون کي بي غيرت ۽ ويڪو چوڻ لڳا ۽ مون کي پنهنجن خالي هٿن جو نشو ويو اڃا به چڙهندو. اهڙي ئي ڪيفيت ۾ هڪ شام مان انهن رستن تان وڃي رهيو هوس. واهه جي ڪپ تان لنگھندڙ ڪچي رستي تي جيپ ڊرائيو ڪندي، منهنجي ذهن تان ورثي ۾ پنهنجن ابن ڏاڏن جون دشمنيون صفا ريٽجي ويون هيون ڄڻ. ۽ مان ونڊ اسڪرين مان پريان، جهولندڙ کيتن جي هُن پار لهندڙ سج کي ڏسي سوچي رهيو هوس ته، دنيا سچ پچ به ڪيڏي نه خوبصورت آهي! هوا جو هڪڙو جھوٽو، جيڪو ماڻهوءَ کي ڇهندو لنگھيو وڃي ٿو، پن، جيڪو ٽاريءَ تان ڇڻي ڪري ٿو، هڪڙي سنهڙي لهر به، جيڪا پاڻيءَ منجھان اٿي ۽ پاڻي منجھه ئي لهي وڃي ٿي ۽ ڪک به جيڪو اُڏامندڙ پکيءَ جي چهنب مان ڪري مٽيءَ جو حصو بڻجي وڃي ٿو. هر شيءَ ۾ ڪانه ڪا سهڻي معنى رکيل آهي. هر شيءَ جي ڇهاءَ ۾ سمنڊ جيڏي گھرائي رکيل آهي ۽ ڪاش ماڻهوءَ کي اُن سمنڊ ۾ لهڻ جي مهلت ملي سگھي! بس عين اُن پل الاءِ ڪٿان کان گولي ونڊ اسڪرين کان ٿيندي منهنجي ڇاتيءَ مان پار ٿي ويئي.“

    ڳالهائيندي ڳالهائيندي مان چپ ٿي ويس.

    هو به چپ رهيو.

    ٻئي خاموشيءَ سان سمنڊ جي لهرن تي چنڊ جي ڪِرڻن کي ڇلندو ڏسي رهيا هئاسين.

    ڪيترائي پل خاموشي رهي.

    پوءِ هُن ڳالهائڻ شروع ڪيو.

    ”مون کي لڳندو هو، خدا هر رات مسجد جي خالي اڱڻ تي منهنجو انتظار ٿو ڪري. مون کي هُن سان پيار ٿي ويو آهي ۽ هُن کي مون سان. هاڻي مان سوال ڪندو هئس ۽ هو مون کي سوالن جا جواب ڏيندو هو. الاءِ ڪيترن ڏينهن جي ان ڪچهريءَ ۾ ڪيڏي نه عجيب ڳالهه هئي، ته هُن ڪڏهن به مون کان ڪو سوال ڪونه ڪيو. مان هُن کي ڪئين ٿو محسوس ڪريان؟ مان هُن جي ڳالهين تي ڪيترو يقين ٿو ڪريان؟” مان ڪيترو هُن سان سچو آهيان؟ ڇا ٿو سوچيان هُن لاءِ. ڇا ٿو ڪري سگھان هُن لاءِ! ڪجھه به نه. سوال ڪرڻ وارو صرف مان هئس.

    هڪ اهڙي ئي رات جڏهن اسين ٻئي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين، مسجد جو پيش امام اچي مٿي تي بيهي رهيو. پڇڻ لڳو، ”تنهنجو فرقو ڪهڙو آهي؟“ منهنجو فرقو ڪهڙو ٿي سگھي ٿو؟ مان سوچ ۾ پئجي ويس.

    بک؟؟ بيروزگاري؟؟ بيچيني؟؟ گھاڻي جي ڏاند جيان زندگيءَ جي چوڌاري ڦرندي ڦرندي پيرن کان روح تائين پئجي ويل لڦون؟؟ انهن مان ڪهڙو منهنجو فرقو ٿي سگھي ٿو؟
    پيش امام جو خيال هو ته، منهنجو ائين راتين جو هتي ويهڻ شڪ ۾ وجھڻ واري ڳالهه آهي ۽ مونکي پاڻ کي ڪليئر ڪرڻ کپي. پيش امام مون سان ڳالهائي رهيو هو ۽ خدا خاموشيءَ سان مون ڏانهن نهاري مرڪي رهيو هو، ”هيءَ مسجد جنهن فرقي وارن جي آهي، انهن ۾ منهنجي باري ۾ سوالن ۽ شڪن جي ڪري بي چيني ڦهلجي رهي آهي. جي مان پاڻ کي ڪليئر نٿو ڪري سگھان، ته پوءِ هن مسجد ۾ اچڻ ڇڏي ڏيان.“ پيش امام جي وڃڻ کان پوءِ مون خدا ڏانهن سوال ڪندڙ اکين سان نهاريو. موٽ ۾ هو مرڪي پيو، چيم، ”هاڻي مان توسان ڪٿي ملندس؟؟ هِن شهر ۾ ته اهڙي ڪائي ڪنڊ ڪانهي، جتي ماڻهو اڪيلو ويهي سگھي. شهر وارن کان به. پنهنجو پاڻ کان به. ۽ زندگيءَ کان به.“ ڪيتري دير مسجد جي اڱڻ ۾ ويٺا رهياسين، هو مرڪندو رهيو ۽ مان روئندو رهيس، اُن ٻار جيان جيڪو اسڪول وڃڻ نه چاهيندو هجي ۽ هُن جي مُرڪ ڄڻ چئي رهي هجي ته، ”اسڪول توکي وڃڻو ئي آهي.“ اُن رات گھر پهتس ته، زال منهنجي انتطار در جي سامهون ئي چيائين. ”وڏي پٽ کي اسڪول مان ڪڍي ڇڏيو اٿن. چار مهينا في نه ڏيڻ ڪري.“ مان بي دم ٿي ڪرسيءَ تي ويهي رهيس. پاڻي گھريم. پاڻيءَ جي گلاس سان گڏ چيائين، ”لائيٽ وارا آيا هئا، لائيٽ ڪٽڻ. ٻڻ مهينن جو بل ڪونه پياريل آهي. پر منٿ ميڙ ڪري سڀاڻو ڏينهن گھريو مان. سڀاڻي جي بل نه پياريو ويو، ته هو ٻيهر اچي لائيٽ ڪٽي ويندا.“ مان پاڻيءَ جو اُهو گلاس سڄي رات ڪونه پئي سگھيس. ڀت ۾ منهن هڻي اکيون ٻوٽي ڇڏيم. منهنجي پٺيءَ ۾ منهن هڻي هوءَ چئي رهي هئي، ”تون ته گھر کان ٻاهر الاءِ ڪجھه کائين به ٿو يا، نه پر ڪا خبر به اٿئي ٻن ڏينهن کان گھر ۾ کنڊ، آئل، چانهه جي پتيءَ ۽ اٽو ڪونهي. دال ۽ چانور به اچي ختم ٿيا آهن. کير وارو به هاڻي ڏيڍ ليٽر کير ۾ لپ کن زهر جي ڏيو وڃي ته، کير وٺو ٿا، پر پئسا ته، ڪونه ٿا ڏيو. تون ته هوندو ڪونه آهين، مون کي اڪيليءَ کي ئي اِهو سمورو زهر پيئڻو پوندو آهي.

    منهنجي پٺي هوريان هوريان هُن جي لڙڪن مان ڀڄي رهي هئي. ٻئي ڏينهن مان آفيس مان ائين ڀڳو هئس، جيئن ٻار اسڪول مان ڀڄندا آهن. بنان ساهه کڻڻ جي هڪڙي ئي ڊوڙ ۾ گھر وڃڻ بدران پنهنجي پناهه گاهه ۾ وڃي لڪندا آهن، جيسين اسڪول جو ٽائيم ختم ٿئي. ٽاڪ منجھند جو آسمان ۽ ڌرتي ٽامي جيان تپي رهيا هئا. مسجد ۾ اڳين نماز جي آخري رڪعت پڙهجي رهي هئي. مان به ٻانهون ٻڌي وڃي بيهي رهيس. منهنجون اکيون بي چينيءَ مان نمازين جي هُن پار خدا کي ڳولي رهيون هيون. دل جيڪا رات کان ڦٿڪي پئي، انهيءَ کي اڄ تسليءَ جي ٻن ٻولن جي ڏاڍي ضرورت هئي. الاءِ ڇو اڄ هو ڪونه آيو هو. نماز ختم ٿي. مان به اداس دل سان نمازين سان گڏ ٻاهر نڪري آيس. جُتي پيرن ۾ پائي مسجد جون ڏاڪڻيون لٿس ئي پئي ته ڏٺم هو مسجد جي ٻاهر بيٺو هو. مون اُتاولائيءَ مان کيس سڏڻ جي لاءِ چپ کوليا. هُن جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ لاءِ هٿ به مٿي کنيم ۽ ڏانهنس ڊوڙ پائڻ لاءِ نمازين جي رش کي وچ تان چيريندي رستو به ٺاهڻ جي ڪوشش ڪيم ئي پئي، عين ان پل سامهون کان ڪو الله اڪبر جو نعرو هڻندو مسجد ڏانهن ڌوڪيندو پئي آيو ۽ مون سان ٽڪرائجي ويو.“

    هاڻي هو به چپ هو ۽ مان به چپ هئس.

    مان ته رنس ئي پئي پر هو به هاڻي روئي رهيو هو. کاري سمنڊ ڪناري ڪيتري دير اسين ٻئي پنهنجا پنهنجا لڙڪ لاڙيندا رهياسين.

    پوءِ هُن پڇيو، ”تنهنجو لاش ڪٿي آهي؟“

    چيم، ”گھاٽي ٻيلي جي پيٽ ۾ اڇلي ڇڏيئون مونکي. اڃا تائين ته منهنجن وارثن ڪونه لڌو آهي. ڳولها ته هلي پئي وارثن طرفان. پر الاءِ چچريل ۽ ٽڪر ٽڪر ٿيل لاش کي هو سڃاڻي به سگھندا يا نه!“

    پڇيومانس، ”تنهنجو لاش ڪٿي آهي؟“

    هو اداسيءَ مان کلي پيو.

    چيائين، ”منهنجو ڪهڙو لاش! مان ته پرزا پرزا ٿي ويس. اڃا تائين خبر ڪانه پئجي سگھي آهي ته، خود ڪش حملي آور سان گڏ ٻيو ڪير هو. منهنجي زال چرين جيان اسپتالن ۾ پيل زخمين ۽ مڙدا خانن ۾ مونکي ڳولهيندي وتي.“

    هو به ٿڪجي چڪو هو ۽ مان به ٿڪل هئس. هو به سمنڊ ڪناري واريءَ تي، لهرن ڏانهن پير ڪري ليٽي پيو. مان به هُن جي ڀر ۾ ليٽي پيس. هُن به اکيون ٻوٽي ڇڏيون. مون به اکيون ٻوٽي ڇڏيون.

    وائيس آف سنڌ جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو