• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

محترم سعيد احمد اُڄڻ صاحب کي عزت ۽ احترام سان منهنجو سلام

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
فيس بوڪ تي هڪ دوست جي پوسٽنگ پڙهيم ـ سچ پچ، پوسٽنگ پڙهي، منهنجن اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ته اسان وٽ به اهڙا نيڪ انسان موجود آهن جيڪي ڏکئي وقت ۾ مسڪينن ۽ ضرورتمندن جي ڪهڙي نه ريت واهر ڪن ٿا ـ منهنجو عزت ۽ احترام سان، محترم سائين سعيد احمد اُڄڻ کي سلام آهي ۽ دعاگو آهيان ته الله تعالى کيس انهيءَ ڪم جو اجر ڏيندو ـ مان انهيءَ دوست ماجد حيدريءَ جي پوسٽنگ جو هڪ حصو دهرايان ٿو:
مان مهراڻ ورسٽي ۾ 2006 ۾ داخل ٿيس تہ مون وٽ داخلا جي لاءِ 15 هزار روپيا بہ نہ هئا جيڪي منهنجي محترم سائين سعيد احمد اڄڻ مونکي ڏنا ( انهن ڏينهن ۾ سندس ڀيڻ جي شادي رٿيل هئي ۽ هن پنهنجي محترما ڀيڻ جي ڏاج جو ٽي وي سيٽ واپس ڪري مونکي اهي پئسا ڪري ڏنا) تہ مان داخلا في ڀري سگھيس . مون انٽري ٽيسٽ ۾ شڪارپور ۾ اربن ڊوميسائيل تي مقابلو ڪري 2 پوزيشن حاصل ڪئي ۽ ان وقت تقريبا 2 هزارن کان مٿي اميدوار صرف شڪارپور جا هئا جنهن کان پوءِ مونکي پيٽروليم ڊپاٽمينٽ ۾ داخلا ملي ـ
اچو ته محترم سائين سعيد احمد اُڄڻ جهڙن نيڪ انسانن جي عظمت کي هڪ ڀيرو وري سلام ڪريون جنهن پنهنجي ڀيڻ جي ڏاج جو ٽي وي سيٽ واپس ڪري هڪ سنڌي نوجوان کي داخلا ڏيارڻ ۾ واهر ڪئي ـ
 
Back
Top