• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سال1973 جي آئين موجب سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
يريسٽر ضمير گھمريَ جي چواڻي، سال 1973 جي آئين جي بنياد تي، سنڌي ٻوليءَ کي پهريون ڀيرو جيڪا اهميت ڏني وئي آهي سا 1956 ۽ 1962 وارن آئينن ۾ به بلڪل ڪانه ڏنل هئي پر انهن آئينن ۾ اهڙو ڪو به ذڪرڪونه هو ـ
سندس چوڻ موجب سنڌ سرڪار جيڪڏهن چاهي ته 1973 جي آئين جي بنياد تي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي قومي ٻولي قرار ڏئي سگھي ٿي ـ
هن اها ڳالهه ڪجھه وقت اڳ، بيچ لگزري هوٽل، ڪراچيءَ ۾ ڪتابن جي لڳل بين الاقوامي نمائش جي موقعي تي، سنڌ ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چئي هئي ـ
ڪنهن بئي هنڌ سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن 1973 جي آئين تي ايمانداريءَ سان عمل ڪجي ته سنڌ سميت صوبن کي گھڻو ڪجھه ملي سگھي ٿو ـ
 
Back
Top