محمد خان سيال
سينيئر رڪن
ائين سکڻو عربن ڪونه ڪيو آهي جو پنهنجي ثقافت، ٻولي ۽ نظريا سنڌين تي مڙهيائون جيئن سائين جي ايم سيد دعوى ڪئي آهي ـ ساري دنيا ۾ فاتحن، محڪومن تي پنهنجي ٻولي، ثقافت ۽ نظريا مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ـ مثال: سعودي عرب تي جڏهن ترڪن ۽ ايرانين جو قبضو هو ته هنن به ائين ڪيو هو جو انهن جون ثقافتي نشانيون اڃا به سعودي عرب ۾ موجود آهن ـ خود سنڌ ۾ ڌارين جو حڪومتون آيون ته هنن فارسي زبان زندگيءَ جي هرشعبي ۾ لاڳو ڪئي جيڪا ڪيترا ورهيه جاري رهي، سو رڳو عربن کي ڏوهه ڏيڻ اجايو آهي پر ساري دنيا ۾ ائين ئي ٿيندو رهيو آهي جيڪو دراصل نه هئڻ گھرجي پرعملي طرح ائين ئي ٿئي ٿوـ