• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ساري دنيا ۾ قومي تحريڪن ۾ وڌ کان وڌ ماڻهو ڪٺا ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي آهي پر سنڌين وٽ مامرو اُلٽو آهي ـ

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
ساري دنيا ۾ قومي تحريڪن ۾، گھٽ کان گھٽ اختلاف پيدا ڪريَ، وڌ کان وڌ ماڻهو ڪٺا ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي آهي ته جيئن سڀ گڏجي پوري زور سان قومي تحريڪ هلائن ۽ پنهنجي منزل جلد کان جلد حاصل ڪن پر اسان سنڌين وٽ مامرو نرالو آهي يعني لوڪ لڏڻ تي ۽ چري اڏڻ تي ـ
اسان جي ملڪ ۾ 95 سيڪڙو مسلمان آهن، گھٽ يا وڌ ساڳي حالت سنڌ ۾ به آهي سو جيڪڏهن مذهب تي، ان جو گھرو اڀياس ڪرڻ کانسواءِ، فيشني انداز ۾ تنقيد ڪبي ته اٽڪل 95 سيڪڙو يا ان کان کڻي گھٽ، ماڻهن جي دل آزاري ضرور ٿيندي ـ
هاڻ اسان جا اهڙا هٿ ٺوڪيا سنڌي قومپرست، سنڌ اندر ڪنهن جي زور تي انقلاب آڻيندا، هڪ يا ٻه سيڪڙو ماڻهن جي زور تي؟ اهڙا انقلاب صديون گذري وڃن پر ڪونه ايندا، سواءِ حالتون پاڻمرادو نه بدلجن ـ
اڄڪلهه اسلام تي تنقيد ڪرڻ فيشن بڻجي ويو آهي خاص ڪري سنڌ ۾ جت 95 سيڪڙو مسلمان رهن ٿا ـ اهي ماڻهو جيڪڏهن مذھب جي خلاف آهن ته اوهان ڏٺو هوندو ته انهن ڪڏهن به هندو مذهب خلاف ايڏي بدتميزي نه ڪئي هوندي جيتوڻيڪ منهنجي خيال ۾ ڪنهن به مذهب کي خراب نه چوڻ گھرجي ـ اسلام ۾ به ائين آهي ته ٻين جي مذهب کي خراب نه چئو، متان هو سڀاڻي توهان جي مذهب کي خراب چوي ـ جن کي مذهب اسلام پسند ڪونهي، سي ڀلي هندو مذهب يا ڪو ٻيو نظام اختيار ڪن ڇاڪاڻ ته سال 1973 جي آئين ۾ مذهب بدلائڻ جي اجازت ڏنل آهي ـ ڀلا اسلام ۾ رهي نفاق ڇو ٿا پکڙين؟
هڪ همراهه ڪجھه دوستن لاءِ لکيو آهي ته اهي دوست عمري بدران هت ڪنهن خير جي ڪم ۾ پيسا لڳائن ها ته بهتر هو ـ مان سمجھان ٿو ته اهڙن ماڻهن جي بدنيتي آهي نه ته هو جن گھرن ۾ پاڻ رهن ٿا تن جي باري ۾ چئي سگھجي ٿو ته هو پنهنجا گھر وڪڻي ڪنهن جھوپڙيءَ ۾ وڃي رهن ۽ اهو پيسو غريبن تي خرچ ڪن ـ ڇا هو پاڻ ائين ڪندا؟
اهڙن دوستن کي ڪاوڙ نه ڪرڻ گھرجي پر سچ ته اهو آهي ته مذهب کي نه مڃڻ وارا پنهنجن ڀينرن ۽ ڌيئرن جو نڪاح نه ڪرائن ۽ کين ڇڏي ڏين ته هو ڀلي هڪ ئي وقت هڪ مڙس ڪن يا ڏهه مڙس رکن ـ اهڙي ريت ڪنهن کي ناجائز ٻار ٿئي ته انهن تي به اعتراض نه هئڻ گهرجي ـ افسوس ته اهي ڳالهيون لکڻيون پئجي رهيون آهن ڇاڪاڻ ته اهڙن ماڻهن کي اهڙا مثال ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونهي ـ
 
Back
Top