محمد خان سيال
سينيئر رڪن
سنڌ سرڪار جي ڪيڏي نه شاندار ڪارڪردگي رهي آهي تنهن جو ڪاٿو انهيءَ کان لڳائي سگھجي ٿو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ سنڌ اندر روھڙي ۽ نارا ڪينال تي، بجلي پيدا ڪرڻ جا ٻه پلانٽ لڳائڻ جي پيڙهه جو پٿر رکيو هو پر سڄا سارا ڇھه مهينا گذرڻ جي باوجود اوڏانهن ڪنهن به مڙي ڪونه ڏٺو آهي جو هيلتائين ڪو به ڪم اڃا شروع ئي ڪونه ٿيو آهي ـ 8 ڪروڙ 40 لک روپين جي لاڳت وارن انهن ٻن رٿائن ذريعي ڪل 24 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيڻي آهي ۽ ان جو مُدو 20 مهينا آهي ـ