محرم علي

'ڪهاڻيون' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏4 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    امر جليل

    مان ڪجھ دير سان گھر پهتس. ٿڪل هوس. منهنجي زال مونکي در مان داخل ٿيڻ شرط چيو، ”هو ٻُچيءَ ڏاڙهيءَ وارو پساري آهي نه ـــــــ ڇا نالو اٿس؟“

    ”محرم علي“ کيس پساريءَ جو نالو ياد ڏياريم.

    ”ها. مئو محرم علي.“ منهنجيءَ زال چيو، ”هن توکي سڏايو آهي. چوايو اٿائين، جئين ماستر صاحب گھر پهچي ته کيس هڪدم مون ڏانهن موڪلجو.“

    ”وري هوندس ڪا درخواست لکائڻي!“ بيزار ٿيندي چيم، ”مان ان پوڙهي سيهڙ مان اچي ڦاٿو آهيان.“

    محرم علي اسان جي پاڙي ۾ رهندو هو. گھر جي مهڙ ۾ پسارڪو دڪان هوس، پر وڪڻندو کٽمٺڙا ۽ ڀڳل بسڪوٽن جي ڀور هو. پوڙهو، ٺوڙهو، منهن سُڪل، جھڙو ڇوهارو! ڄاڙين تان وار غائب هئس. اٺ ــــ ڏهه چٻا ٽنڊا، گھنڊيدار وار، کاڏيءَ تان لٽڪندا رهندا هوس. ان عجيب اوسر کي سڏيندو هو سونهاري! ماڻهو سادو هو، جھڙي موري. هر ڪو هضم ڪري ڇڏيندو هوس. ٻڌو هئائين ته ماڻهو ٽي ويلا ماني کائيندا آهن. پر محرم علي ۽ سندس ڪٽنب ٻه ويلا ماني کائيندا ها.

    محرم علي منهنجو مٿو به کائيندو هو. مان سندس پاڙيسڙي هوس. مون کان ذري گھٽ روزانو سرڪار کي هڪ درخواست لکائيندو هو. ڪراچيءَ کان ٽيهه ــــ چاليهه ميل پري، پپري ـــــ داٻيجيءَ وٽ اباڻي زمين هئس، جنهن جي ايراضيءَ جي کيس ڪابه خبر نه هئي. ان زمين ۾ عرصي کان ننگ بلائون رهندا هئا. پر پوءِ، جڏهن ڪراچيءَ جو شهر آباديءَ سان ڇلڪڻ لڳو ۽ هر طرف کان فيڪٽرين ۽ ڪارخانن جي گھيري ۾ وٺجي ويو، تڏهن ماڻهن محرم عليءَ جي اباڻي زمين تان نانگ بلائن کي لوڌي ڪڍيو ۽ زمين تي قبضو ڪري ورتو. زمين جو ملهه وڃي آسمان سان لڳو. سرڪار سڳوريءَ اٿندي ئي اها زمين اتان جي غير قانوني رهاڪن ۾ ورهائي ڇڏي. تڏهن وڃي محرم عليءَ کي به هوش آيو. دستگير جي ڳنڍ ٻڌي ويهي رهيو. چيائين، ”پنهنجي موروثي زمين اٿم. ضرور هٿ ڪندس. عوامي دور آيو آهي ــــــــ ضرور عرض اگهبو.“

    بس سائين، زمين محرم عليءَ جي، قلم منهنجو ۽ ٻولي انگريز جي! مهينن جا مهينا لنگھي ويا، پر محرم عليءِ جي درخواست تي نه ٿي ڪا ڦوٽ نه ڪا ٻوٽ! هڪڙي ڏينهن محرم علي کي سمجھائيندي چيو هوم، ”يار محرم علي نانگن بلائن کان زمين جو قبضو ڇڏائڻ سولو آهي، پر ماڻهن کان ڦٻايل زمين جو قبضو موٽائي وٺڻ ناممڪن آهي.“ پر محرم علي نه مڙيو. مڙس اُميد جي ٻٻر کي چنبڙي پيو هو، سو ٻيرن جي آس تان ساھ کڻي ئي نه. اسان جي اک ۾ شرم، انڪار پڄيئي نه! نيٺ هڪڙي ڏينهن، جڏهن محرم عليءَ جي اميد ٽٽڻ لڳي، تڏهن سرڪار سڳوريءَ جي ڪنهن ڪاموري جو محرم علي جي نالي خط آيو، جنهن ۾ لکيل هو ته، ’پپري داٻيجيءَ جي ڏاکڻي طرف سروي نمبر فلاڻي مطابق جيڪا زمين آهي، سا برابر محرم عليءَ جي ملڪيت آهي، پر اها زمين سرڪار غريبن ۾ ورهائي ڇڏي آهي. تنهن ڪري محرم عليءَ کي زمين جي قبضي بدران ڪو مناسب معاوضو ڏنو ويندو.‘

    ان خط اچڻ کان پوءِ محرم عليءَ جي درخواستن جي نوعيت بدلجي ويئي. اڳ زمين جي قبضي بابت سرڪار کي درخواستون لکرائيندو هو، پوءِ معاوضي جي ترت وصولي لاءِ سرڪار کي درخواستون لکائڻ لڳو.

    جنهن ڏينهن جي ڳالهه مان اوهان کي ٻڌائي رهيو آهيان، تنهن ڏينهن مان درخواست لکڻ وغيره جي موڊ ۾ نه هوس. مون پنهنجي زال کي چيو. ”الهه بچائي، اڄ مان محرم عليءَ کي ڪابه درخواست لکي نه ڏيندس. اڄ مان بيحد ٿڪجي پيو آهيان.“

    ”ڇو!“ الهه بچائيءَ، يعني منهنجيءَ زال پنهنجو هٿ منهنجي نرڙ تي رکيو، جنهن مان ٿوم جي ڌپ نڪري رهي هئي. پڇيائين. ”دشمنن جي طبيعت ته ٺيڪ آهي نه؟“

    ”خدا ڪري ته دشمنن جي طبيعت ڪڏهن به ٺيڪ نه هجي!“ کٽ تي ويهندي چيم، ”الله بخش، خدا بخش، قادر بخش ۽ مولا بخش لاءِ خيراتي اسپتال مان دوا وٺڻ ويو هوس. پيهه ايڏي ڄڻ خدا جو سمورو ملڪ بيمار هجي. پيهه جي ٺيلهن ۽ ڌڪ ڌڪان ۾ جھڄي پيو آهيان.“

    الله بخش منهنجي وڏي پٽ جو نالو آهي ۽ خدا بخش ٻئي نمبر پٽ جو نالو آهي. منهنجي ٽئين نمبر پٽ جو نالو قادر بخش آهي ۽ چوٿين نمبر پٽ جو نالو آهي مولا بخش. ڪهاڻيءَ ۾ جئين ته منهنجن پٽن جو ذڪر آيو آهي، تنهنڪري مان پنهنجو ذڪر پڻ ضرور ڪندس. منهنجو نالو علي بخش آهي. مان پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچيءَ جي سڀ کان وڏي علائقي، نيو ڪراچيءَ جي سڀ کان ننڍي اسڪول ۾ ماستر آهيان. منهنجي چئني پٽن کي دائمي کنگھ لڳل آهي. مان کنگھڻ کي عام رواجي بيماري نه سمجھندو آهيان. جيڪو شخص زندگيءَ ۾ کنگھندو آهي، سو ترقي ڪري نه سگھندو آهي ۽ جيڪو شخص زندگيءَ ۾ ڪنهن تي به نه کنگھندو آهي ۽ هر ڪنهن کي ڪٿ ۾ آڻيندو آهي، سو شخص زندگيءَ جي پاتار ۾ لهي ويندو آهي. زندگيءَ ۾ ڪنهن تي نه کنگھڻ ۽ ڪنهن تي نه کنگھڻ جي عادت انسان کي ٻاراڻيءَ وهيءَ ۾ پوندي آهي. مان نٿو چاهيان ته منهنجا چاريئي پٽ کنگھڻ جي مرض ۾ مبتلا ٿين، ۽ پوءِ وڏي هوندي هر ڪنهن تي کنگھڻ جي مشق جاري رکن پوءِ هڪڙي ڏينهن زندگيءَ جي پاتار ۾ لهي وڃن! مان تنهنڪري پنهنجي پٽن جي کنگھ جو لاڳيتو علاج ڪرائيندو آهيان. پر، علاج جي باوجود نه کنگھ منهنجن ٻارن کي ڇڏيو آهي ۽ نه ئي منهنجن ٻارن کنگھ کي ڇڏيو آهي.

    مون دوائن جون شيشيون ميز تي رکي ڇڏيون.

    منهنجي زال چيو ته ”ٻچيءَ ڏاڙهيءَ واري پساريءَ جو ٽيون نمبر پٽ توکي ٽي دفعا سڏڻ آيو هو.“

    ان وقت دروازو کڙڪيو. الله بچائيءَ وڃي دروازو کوليو. محرم عليءَ جو چوٿون نمبر پٽ اندر آيو. هو شاهراهه پاڪستان جي چئوواٽي تي سائيڪلن جا پنڪچر ڳنڍيندو هو. هن چيو، ”چاچا، توکي بابا سڏايو آهي.“

    مون دل ۾ پاڻ کي، محرم عليءَ جي چوٿين نمبر پٽ کي ۽ محرم علي کي پاراتا ڏنا. پوءَ، بيدليو محرم عليءَ جي گھر هليو ويس.

    محرم عليءَ کي ڏسي مون کان ڇرڪ نڪري ويو. هو وائڙو وائڙو پئي لڳو ــــــــــ ڄڻ ڪنهن سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا هو. مون کي ڏسي اُٿي بيٺو. مئل ڏنڀري جي اکين جھڙين اکين ۾ زندگيءَ موٽي آيس. ڪنبندڙ آواز ۾ چيائين، ”ڪٿي آهين يار علي بخش! اصل ماري وڌو اٿئي.“

    ”خير ته آهي نه، محرم علي؟“ مون کائنس پڇيو.

    ”ها، هون ته مڙيئي خير آهي.“ هن پنهنجي چوٿين نمبر پٽ کي ڇڙٻ ڏيندي چيو، ”اڙي تون اڃان تائين ڇو بيٺو آهين! هل هتان، هل.“

    محرم عليءَ جو چوٿون نمبر پٽ هليو ويو. ڪوٺيءَ ۾ مان ۽ محرم علي اڪيلا رهجي وياسين.

    محرم عليءَ هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي، خبرداريءَ سان پنهنجي سٿڻ جي اُبداڻي مان هڪ ڪاغذ ڪڍي مون کي ڏنو. چيائين ”هيءُ خط منهنجي وڏي پٽ ڏسي ورتو آهي. بدبخت انگريزيءَ جا ٻه چار اکر پڙهي ڄاڻي. چيائين ته معاوضي جي رقم بابت ڪا ڳالهه آهي.“

    مون ڪاغذ پڙهي ڏٺو. عقل چرخ ٿي ويو. محرم عليءَ کي ڪلهن کان وٺي ڌونڌاڙيندي چيم، ”محرم عليءَ، تنهنجا وار نيار ٿي ويا آهن. سرڪار سڳوريءَ توکي چئن لکن روپين جو معاوضي ڏيئڻ جي آڇ ڪئي آهي.“

    ”آهستي!“ محرم عليءَ منهنجي وات تي پنهنجو هڏائون هٿ رکي ڇڏيو. چيائين، ”آهستي ڳالهاءِ علي بخش. منهنجي زال، پٽ ۽ ڌيئون پئسن جي ڳالهه نه ٻڌي وٺن.“

    ڏسندي ئي ڏسندي محرم عليءَ کي ڪنبڻي وٺي ويئي. مون کيس پاڻيءَ جو گلاس ڀري، آڻي ڏنو. هو يڪ ساهي پاڻيءَ جو گلاس پي ويو. هو ڪجھه ڪجھه سامت ۾ آيو. چيائين، ”منهنجو وڏو پٽ چور آهي. هن هيءُ ڪاغذ ڏسي ورتو آهي.“

    ”تنهنجو وڏو پٽ ڏاڍو نيڪ آهي، محرم عليءَ.“ چيم، ”هو ويچارو خالي دٻا، ۽ بوتلون وۡڻي پنهنجو خرچ پکو ڪڍندو آهي ـــــ توتي بار ته نه آهي.“

    ”توکي خبر ڪونهي علي بخش.“ محرم عليءَ چيو، ”دولت بڇڙي بلا آهي.“

    محرم علي ٻئي هٿ مٿي تي رکي کٽ تي ويهي رهيو ۽ سوچ ۾ گم ٿي ويو. ڪجھ دير کان پوءِ پڇيائين، ”پڪ اٿئي ته مون کي پئسا ملندا؟“

    ”ها محرم علي.“ چيم، ”تون عنقريب لکاپتي ٿي ويندين.“

    محرم عليءَ ڪنڌ مٿي ڪري پنهنجي گھر جي ڪچيءَ ڇت ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ ڀتين ڏانهن ڏٺو. پڇيائين ، ”هن ڪچي گھر مان چور ۽ ڌاڙيل منهنجا چار لک رپيا چورائي ته نه ويندا؟“

    وراڻيم، ”چار لک وصول ڪرڻ کان پوءِ تون هن ڪچي گھر ۾ ڇو رهندين!“

    پڇيائين، ”ته پوءِ ڪيڏانهن ويندس؟“

    ”ڪنهن سٺي، سهڻي ۽ ٺاهوڪي بنگلي ۾.“

    ”ته ڇا، هيءُ اجھو مونکي ڇڏڻو پوندو؟

    ”ها محرم عليءَ. چيم، ”دولت ملڻ کان پوءِ ماڻهو سمورا پراڻا رشتا ٽوڙي، نوان رشتا جوڙيندو آهي.“

    ان وقت محرم عليءَ جو وڏو پٽ، جيڪو خالي دٻا ۽ بوتلون وڪڻندو هو، سو اندر آيو. مونکي چيائين، ”چاچا، ڪاغذ ۾ پئسن جي ڳالهه لکيل آهي نه؟“

    ”اڙي هل هتان.“ محرم عليءَ کيس ڇڙٻيندي چيو، ”تنهنجو ڪهڙو ڪم ته ڪاغذ ۾ ڇا لکيل آهي!“

    هو ويچارو خالي دٻي جھڙو منهن کڻي هليو ويو. محرم علي کٽ تي ويٺو رهيو، ۽ سوچيندو رهيو. پوءِ هٿن جون تريون مهٽيندي مون کان پڇيائين، ”يار علي بخش، چار لک مان ڪيڏانهن ڪندس؟“

    ”سوال اهو ناهي محرم علي، ته چار لک رپيا تون ڪيڏانهن ڪندين.“ چيم، ”ڏسڻو اِهو آهي ته، اِهي چار لک توکي ڪيڏانهن ٿا ڪن.“

    محرم علي وڌيڪ پريشان ٿي ويو. پڇيائين، ”يار، مان ڪيڏانهن گم ٿي ويندس ڇا؟“

    ”ممڪن آهي.“ چيم، ”پر، في الحال ڪجھ چئي نه ٿو سگھجي.“

    محرم عليءَ کي جڏهن ڪجھه سمجھه ۾ نه آيو، تڏهن پڇيائين، ”تون ئي ڪا صلاح ڏي. مان ته آهيان ڪورو ڄٽ. مون کي سمجھاءِ ته مان چئن لکن کي ڪيڏانهن ڪريان.“

    ”چار لک نه.“ چيم، ”ٽن لکن جي ڳالھه ڪر محرم علي.“

    محرم علي ڪجھه ڪجھه حيران ٿيندي چيو، ”رقم ته چار لک رپيا ڏيڻي ڪئي اٿائون نه.!“

    ”ها“

    ”پوءِ سڄو سمورو هڪ لک ڪيڏانهن ويندو؟“

    ”هنود قاصائيءَ جي کڏ ۾.“

    ”هان!“ وات ڦاٽي ويس.

    ”خط ۾ توکي چار لک رپيا ڏيڻ جي آڇ ڪئي اٿائون. تو کي چئن لکن جو چيڪ نه موڪليو اٿائون.“ محرم عليءَ کي ڪامورڪي لڏي جو سرشتو سمجھائيندي چيم، ”تون جڏهن چئن لکن جو چيڪ وٺڻ ويندي، تڏهن گھٽ ۾ گھٽ 25 سيڪڙو رقم صاحبن ۽ صاحبن جي چمچن کي نذر نياز ۾ ڏيئي ايندين.“

    پڇيائين، ”۽ جيڪڏهن نه ڏيان ته پوءِ؟“

    ”ته پوءِ اها رقم تنهنجن پَڙپوٽن کي به نه ملندي.“

    ”سو وري ڇو؟“

    ”اهو ڪامورا شاهيءَ جو اڻ لکيل دستور آهي.“

    محرم علي ڊڄي ويو. منهن جا گھنج وڌيڪ چٽا ٿي پيس. نرڙ ۾ گھُنڊ پئجي ويس. پوءِ، هو کٽ تان اُٿيو. ٻئي هٿ ڪڇن ۾ ڏيئي، ڄڻ سيءُ ٿيندو هجيس، هو ڪوٺيءَ جي ڪنڊ ۾ وڃي بيٺو.

    محرم عليءَ جي حال تي مون کي رحم آيو. مون وڌي وڃي سندس ڪلهي تي هٿ رکيو. پڇيومانس، ”ڇا پيو سوچين، محرم علي؟“

    هن منهن ورائي مون ڏانهن ڏٺو. پوءِ مظلوماڻي لهجي ۾ چيائين، ”تون ئي ڪا صلاح ڏي، علي بخش مان ڇا ڪريان.“

    مان سوچ ۾ پئجي ويس. ڪا صلاح سمجھه ۾ نه آئي.

    ”ڪجھه ته ڳالهاءِ.“ محرم عليءَ التجا ڪندي چيو، ”يار، ڪا ته صلاح ڏي.“

    ”مان ڪهڙي صلاح ڏيانءِ، محرم علي.“ چيم، ”مان پاڻ مولائي مڙس آهيان. مون کي ڪهڙي خبر ته ايڏن پئسن مان ڇا ڪري سگھجي ٿو!“

    ”ڳالھه ته ٺيڪ پيو ڪرين، يار“ محرم عليءَ چيو. ”تون اخبار پڙهندو آهين. ووٽن ۽ چونڊن جون ڳالهيون ڪندو آهين. تون ڪانه ڪا چڱيرڙي صلاح ته ڏيئي سگھين ٿو!“

    گھڻي سوچ ويچار کان پوءِ به مون کي ڪا صلاح سمجھه ۾ نه آئي. محرم عليءَ کي چيم، ”هيئن ڪر محرم علي، سموري رقم الله جي نالي ۾ مسڪينن ۽ محتاجن ۾ ورهائي ڇڏ.“

    محرم عليءَ اکيون چنجھيون ڪري مون ڏانهن ڏٺو ـــ ڄڻ ، منهنجي صلاح نه وڻي هجيس. پوءِ ڪياڙي کنهيندي چيائين، ”يار، مون مسڪين کي الله سائينءَ جيڪا رقم ڏني آهي، سا رقم ٻين مسڪينن کي وري ڪيئن ورهائي ڇڏيان! اها ته الله سان ٺڳي ٿيندي.“

    ”ته پوءِ يتيم خانو هلاءِ.“

    ”يتيم خانو هلايان.“

    ”ها. ثواب جو ثواب. نيڪيءَ جو نيڪي ۽ فائدي جو فائدو.“

    ”فائدو وري ڇا جو؟“

    ”اول ته يتيمن کي ڪو سودمند ڌنڌو سيکارجاءِ، جھڙوڪ: گلم غاليچا ٺاهڻ، پيتيون ٺاهڻ، خيرات گھرڻ، چوريون ڪرڻ، کيسا ڪترڻ وغيره. پوءِ ويٺو لکين رپيا ڪمائجانءِ.“ محرم عليءَ کي زماني سازيءَ جو درس ڏيندي چيم، ”۽ ٻيو ته، ان ڪم مان نامياچار ٿيندءِ. انسان دوست ۽ غريبن جو هڏڏوکي سڏبين. هر سال، سرڪار کان يتيم خاني لاءِ هزارين رپين جا فنڊ ويٺو وصول ڪندين.“

    محرم علي عجب وچان مون ڏانهن ڏٺو. پڇيائين، ”علي بخش ڀنگ ته نه پيتي اٿئي.“

    ”ڀنگ اسان جي معاشري پي ڇڏي آهي.“ چيم، ”جيڪي زماني ۾ ڏٺو اٿم، سوئي ويٺو ٻڌايانءِ.“

    ”يار زماني جي ڳالھه کي باھ ڏي.“ محرم عليءَ چيو، ”ڪو مفيد ڌنڌو ٻڌاءِ، جنهن ۾ سموري رقم لڳائي ڇڏيان.“

    الاءِ ڪئين ذهن ۾ هڪدم هڪ خيال اُڀري آيو. چيم، ”پنهنجي ڪٽنب سميت، بلڪ مٽن مائٽن ۽ اوڙي پاڙي سميت عمري ڪرڻ جو ڌنڌو شروع ڪر.“

    مون کي اک ڏيکاريندي پڇيائين، ”اڙي علي بخش، عمرو ڌنڌو آهي؟“

    ”اڳين وقتن جي مون کي ڪا خبر ڪونهي. باقي ويهين صديءَ جي پوئياڙيءَ ۾ عمرو ڌنڌو ٿي پيو آهي.“ مون کي پنهنجو لهجو زهريلو محسوس ٿيو ۽ بنھه نه وڻيو. چيم، ”تون پنهنجي ڪٽنب ۽ آڪھه سميت هر سال عمرو ڪجانءِ، ۽ اتان واچون، ريڊيا، ٽيپ ريڪارڊر، ولايتي ڪپڙو ۽ سون آڻي پنجوڻي بلڪ ڏهوڻي قيمت ۾ ويٺو وڪڻجانءِ، ۽ موج ڪجانءِ.“

    ”نه بابا نه.“ محرم عليءَ چيو، ”مون کان ڦڏي جو ڪم نه ٿيندو.“

    ”تون عمري کي ڦڏو ٿو سمجھين!“ مون محرم عليءَ کي چيو، ”تون ڪفر ٿو بڪين.“

    هڪدم چيائين، ”حج ۽ عمرو ڪندس، پر اهو ڪم نه ڪندس.“

    مان کليس ــــ محرم عليءَ جي سادگيءَ تي. چيم، ”تون اهڙا اهڙا ڪم ڪندين، جو خود حيران ٿي ويندين.“

    ڊڄي ويو. پڇيائين، ”ڪهڙا ڪم ڪندس؟“

    ”تون ادبي مزاڪرن، سنگيت جي محفلن ۽ مشاعرن جي صدارت ڪندين.“

    ”مان!“

    ”ها، تون.“ چيم، ”تون پينٽنگن جي نمائش جو به افتتاح ڪندين.“

    هو مُنجھي پيو. چيائين، ”پر مان ڪورو ڄٽ آهيان.“

    مون کي محرم علي تي کل آئي. چيم، ”دولت اچڻ کان پوءِ ماڻهو سڀ ڪجھه ڪري سگھندو آهي.“

    ”يار!“ چيائين، ”ٻيو ڪو ڌنڌو ٻڌاءِ ــــ ڪم جو هجي.“

    ”مڇي مارڻ جون ٻه لانچون خريد ڪر.“

    ”مهاڻو ٿيان؟“

    ”نه.سمگلر ٿجانءِ.“

    ”سمگلر؟“

    ”مڇي مارڻ جي بهاني جهاز ۾، چرس ۽ آفيم پيو کڻي وڃجان ۽ موٽ ۾ سون ۽ واچون پيو کڻي اچجانءِ.“

    ”يار تون ته ابتيون صلاحون پيو ڏئين.“ محرم عليءَ چيو، ”ڪا سنئين سڌي صلاح ڏي.“

    ”ته پوءِ غور سان ٻڌ.“ چيم، ”سياست ۾ ڪاهي پئه.“

    ”سياست ۾ ڪاهي پوان! مان؟“

    ”ها، تون.“

    ”پر مان ته ٻه درجا به پڙهيل نه آهيان.“

    ”ان لاءِ علم جي ضرورت نه هوندي آهي.“ چيم، ”سچ پڇين ته محرم علي، تو جھڙا ماڻهو سياست ۾ ڏاڍا ڪامياب ٿيندا آهن.“

    ”ڀوڳ نه ٿو ڪريان.“ چيم، ”تون ڇوٽ ۾ ڪنهن سياسي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏ.“

    محرم علي سوچ ۾ پئجي ويو.

    مون چيو، ”پر پارٽي مضبوط ۽ طاقتور هئڻ گھرجي. ٻڏندڙ ٻيڙيءَ ۾ پير رکڻ نه گھرجي.“

    محرم عليءَ مون ڏانهن ڏٺو.

    مون چيو، ”۽ پوءِ توکي قومي يا صوبائي اسيمبلي جي سيٽ لاءِ چونڊ لڙڻ جي تياري ڪرڻ گھرجي.“

    محرم عليءَ هٻڪندي هٻڪندي پڇيو، ”مون ٻڌو آهي، چونڊن جي چڪر ۾ قارون جا خزانا به ختم ٿي ويندا آهن؟“

    ”ها، ائين برابر آهي.“ چيم، ”تون سياست ۾ اچڻ کان پوءِ جڏهن ماڻهو نه رهندين ۽ ليڊر ٿي پوندين، تڏهن ٻه ـــ چار بنگلا ته تڙي کڙي ٺاهرائي سگھندين ۽ ٻه ـــ چار موٽرون به در تي بيهاري سگھندين.“

    ان وقت محرم عليءَ جو ٽيون پٽ اندر آيو ۽ پيءُ کان هريڙ گھرڻ لڳو. پيٽ ۾ ڳڙٻڙ هئس. پڻهس ڇڙپ ڏيئي ڀڃائي ڪڍيس. هو هليو ويو.

    محرم عليءَ چيو، ”ته تنهنجي صلاح آهي، ته مان سياست ۾ بهرو وٺان؟“

    ”ها.“ چيم، ”ملڪ کي تو جھڙن قابل ماڻهن جي سخت ضرورت آهي.“

    محرم علي قائل ٿيڻ لڳو. پڇيائين، ”ته پوءِ شروعات ڪئين ڪجي؟“

    ”ڪنهن وڏيءَ هوٽل ۾ پريس ڪانفرنس سڏائي، ڪنهن مضبوط سياسي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏ.“ چيم، ”پر اعلان ڪرڻ کان اڳ هڪ ڳالھه جو يقين رکجانءِ، ته جنهن پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪرين، تنهن پارٽيءَ جي 1976ع وارين چونڊن ۾ ڪاميابيءَ يقيني هجي. ان باري ۾ اول خوب سوچبو.“

    اندران محرم عليءَ جي زال جو آواز آيو، چيائين، ”اڪبر ڏنڊو هڻي جھانگير جو مٿو ڦاڙي وڌو آهي. هينئر شاهجان ٻنهي ڀائرن کي مار ڏيڻ لاءِ تيار بيٺو آهي.“

    ”اورنگزيب کي چئي، ٽنهي کي ڪڪڙ ڪرائي ڇڏ.“ محرم عليءَ جواب ڏيندي چيو، ”مان هن وقت سخت مصروف آهيان. علي بخش کان سرڪار سڳوريءَ کي درخواست لکائي رهيو آهيان.“

    پڇيومانس، ”ته پوءِ ڪهڙو فيصلو ڪيو اٿئي ـــ سياست ۾ بهرو وٺندين يا سمگلر ٿيندين؟“

    ”مان سمجھان ٿو، ملڪ کي منهنجي ضرورت آهي.“ محرم عليءَ گنڀير ٿيندي چيو، ”مان سياست ۾ بهرو وٺندس، علي بخش.“

    مون محرم عليءَ کي چيو، ”تو کي ٻي شادي ڪرڻي پوندي.“

    ”ٻي شادي!“ محرم علي کان ڇرڪ نڪري ويو. پڇيائين، ”ڇو؟“

    ”تنهنجي زال معاف ڪجانءِ، پڙهيل ناهي ۽ نه ئي وري ڪا سهڻي آهي.“ محرم عليءَ کي سمجھائيندي چيم، ”توکي ڪا اهڙي زال ڪرڻي پوندي، جيڪا عورتن جي فلاح ۽ بهبوديءَ تي تقريرون ڪري سگھي، ۽ ميلاد جي محفلن جي صدارت ڪري سگھي.“

    ”نه بابا.“ محرم عليءَ چيو، ”مان ٻي شادي هرگز نه ڪندس.“

    چيم، ”ته پوءِ سياست ۾ بهرو وٺڻ جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏ.“

    پڇيائين، ”ڇو ڪڍي ڇڏيان؟“

    وراڻيم، ”ڇو جو گھڻي پڙهيل، پر چالاڪ، سهڻي ۽ فيشني زال کان سواءِ اڄڪلھه جي سياست اڻپوري سمجھي ويندي آهي.“

    محرم علي ڪشمڪش ۾ پئجي ويو. ڪجھه دير کان پوءِ چيائين، ”مان اڌ اکري چونڊجي ويس ته اسيمبليءَ ۾ وڃي ملڪ لاءِ ڇا ڪندس؟“

    ”ملڪ جو گاڏو پيو گهلجي.“ چيم، ”تو رڳو پنهنجو فڪر ڪر محرم علي.“

    مان اڳتي توهان کي ڪجھه نه ٻڌائيندس، ته اڄڪلھه محرم علي ڪٿي آهي، ڪئين آهي، ۽ ڇا ڪندو آهي! مان توهان کي فقط ايترو ٻڌائيندس، ته هو اڄڪلھه نهايت اهم شخص آهي. اک جي اشاري سان ڪنهن جا به لاھه ڪڍائي سگھندو آهي.

    وائيس آف سنڌ جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو