محمد خان سيال
سينيئر رڪن
بلوچستان لبريشن فرنٽ يعني بي ايل ايف جنهن 10 ۽ 11 اپريل 2015 جي رات بلوچستان جي شهر تربت ۾ شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري، ويهن بي گناهه سنڌي مزدورن کي قتل ڪيوهو ۽ ليوي جي بلوچ اهلڪارن کي صرف ۽ صرف بلوچ هئڻ سبب سر جيئدان ڏنو هو ۽ ان جي ذميداري بي ايل ايف جي سربراهه ڊاڪٽر الله نظر يعني نام نھاد بلوچ چي گويرا، پاڻ رضاڪاراڻي طور قبول ڪئي هئي تنهن جي دهشتگرد تنظيم خلاف عيد جي ڏينهن آواران بلوچستان ۾ ٻيهر آپريشن ڪيو ويو جنهن ۾ بي ايل ايف جا نو ڪمانڊوز جھنم رسيد ٿي ويا آهن ـ اها خبر نيوز ون ٽي وي چينل 18 ۽ 19 جولاءِ 2015 تي رات جو ڏني ـ
ياد رهي ته لنڊن ۾ ڪم ڪندڙ سنڌي قومپرست تنظيم، ورلڊ سنڌي ڪانگريس ويهن سنڌي مزدورن جي، بي ايل ايف هٿان شهيد ٿيڻ تي ڪوبه احتجاج ڪونه ڪيو هو پر سنڌين جي قاتل ڊاڪٽر الله نظر جي ڀاءُ ۽ ٻن ڀائٽين جي آواران ۾، ڪجھه وقت اڳ ٿيل آپريشن دوران قتل ٿيڻ خلاف، جنيوا ۾ بلوچ سردارن سان گڏ احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ هاڻ به اهو امڪان آهي ته ورلڊ سنڌي ڪانگريس، آواران ۾ عيد جي ڏينهن ٿيل آپريشن ۾، سنڌي مزدورن جي قاتل بي ايل ايف جي نون ڪمانڊوز جي مرڻ تي ٻيهر احتجاج ڪندي ـ افسوس