• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ اندر هلندڙ آپريشن بابت هڪ سوال

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
ڪجھه سنڌي قوم پرست اهو عام تاثر ڏين ٿا ته ٻين سميت ايم ڪيو ايم خلاف هلندڙ ڪارروائي، اردو ڳالهائيندڙن خلاف سازش آهي ـ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ساڳي اصول موجب چئي سگھجي ٿو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ خلاف هلندڙ ڪارروائي به سنڌين خلاف سازش آهي ـ
جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ڇڏيو ٻنهي کي ته هڪڙا دهشتگردي ڪري، هزارين بي گناهه انسانن کي ٽارگيٽ ڪلنگس ذريعي مارڻ ۽ وڏي پيماني تي ڀتاخوريءَ جو ڪم جاري رکن ۽ ٻيا وري ٻنهي هٿن ۽ پيرن سان سنڌ جي وسيلن جي ڦرلُٽ جو ڪاروبار جاري رکن ـ واهه سنڌي قومپرست، اوهان جا دليل ـ
سنڌ سلامت جي دوستن کي گذارش آهي ته پنهنجي راءِ کان باخبر ڪن ته هو منهنجي دليل سان هڪراءِ آهن يا نه ـ بهرحال، اختلاف راءِ رکڻ هر هڪ جو بنيادي حق آهي ـ
 
Back
Top