21 جولائي ڪلھوڙا دور ھڪ ظالم جابر حڪمران جي جنم جو ڏينھن

'مختلف موضوع' فورم ۾ ذوالفقار دولتاٹی طرفان آندل موضوعَ ‏20 جولائي 2015۔

  1. ذوالفقار دولتاٹی

    ذوالفقار دولتاٹی
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 مئي 2013
    تحريرون:
    64
    ورتل پسنديدگيون:
    132
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    ايڊيٽر دي سنڌ آنلائن
    ماڳ:
    ڳوٺ صوڀو دولتاڻي دادو
    ﻣﻴﺎﻥ ﺷﺎﻫﻞ ﻣﺤﻤﺪ ﻃﺮﻳﻞ ڪﻠﻬﻮڙﻭ
    ‏[ 1593 ﻉ – 1657 ﻉ ‏]
    ﻣﻴﺎﻥ ﺷﺎﻩ ﻋﻠﻲ ﺍﻟﻤﻌﺮﻭﻑ ﺷﺎﻫﻞ ﻣﺤﻤﺪ ﻃﺮﻳﻞ ﻭﻟﺪ ﻣﺤﻤﺪ ﺩﺍﺋﻮ ڪﻠﻬﻮڙﻭ، 2 ﺻﻔﺮﺍﻟﻤﻈﻔﺮ 1002 ﻫﻪ ﻣﻄﺎﺑﻖ 21 ﺟﻮﻻﺀِ 1593 ﻉ ﺗﻲ، ﺑﮑﺮ ۾ ﺗﻮﻟﺪ ﭤﻴﻮ ﻫﻮ . ﺍﺑﺘﺪﺍ ۾ ﻓﺎﺭﺳﻲ ۽ ﻋﺮﺑﻲﺀَ ﺟﻲ ﺳﮑﻴﺎ ﻭﺭﺗﺎﺋﻴﻦ . ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﺍﻥ ﻭﻗﺖ ﺳﻨﮅ ﺗﻲ ڪﻠﻬﻮڙﻥ ﺟﻮ ﺩﻭﺭ ﺩﻭڙﻱ ﺭﻫﻴﻮ ﻫﻮ؛ ﺍﻧﻬﻲﺀَ ڪﺮﻱ ﮐﻴﺲ ﻗﺎﺑﻞ ﺍﺳﺘﺎﺩﻥ ﺟﻲ ﺣﻮﺍﻟﻲ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ، ﺗﻪ ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻲ ﻧﻴﻨﮕﺮ ﺑﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﻭڏﻥ ﺟﻴﺎﻥ ﻣﻠڪﻲ ﻣﻌﺎﻣﻼﺕ ۾ ﭜڙ ﭤﺌﻲ . ﻣﻴﺎﻥ ﺷﺎﻫﻞ ﻣﺤﻤﺪ ﻧﻨﮃﭘﮡ ﮐﺎﻥ ﺋﻲ ﻃﺒﻴﻌﺖ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڏﺍڏﻱ ﻣﻴﺎﻥ ﺁﺩﻡ ﺷﺎﻩ ڪﻠﻬﻮڙﻱ ﺟﻴﺎﻥ ﺍﻟﻠﻪ ﻟﻮڪ ﺻﻮﻓﻲ ﺩﺭﻭﻳﺶ، ﺳﻨﺘﻦ، ﺳﺎﮄﻥ ۽ ﮔﻮﺩڙﻱ ﭘﻮﺷﻦ ﺳﺎﻥ ﺭﻳﮅﻝ ﺭﮐﻴﻮ؛ ﺟﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ ﺣڪﻮﻣﺖ ﺟﻲ ڪﻤﻦ ﺗﻮڙﻱ ﺭﺍﭴﮅﺍﻧﻲ ﺭﻧﺠﻬﻪ ڪﻨﺠﻬﻪ ﮐﺎﻥ ﮔﻬﮣﻮ ﭘﺎﺳﻴﺮﻭ ﺭﻫﻴﻮ، ﻭﻳﺘﺮ ﻣﻦ ﺧﻮﻥ ﺳﮅﻭﻥ ﺑﻪ ﻣﺎﺭﻱ ﻣﺎﺕ ڪﻴﻮﻥ ﻫﺌﺎﺋﻴﻦ . ﻫﻮڏﺍﻧﻬﻦ ﺳﻨﺪﺱ ﻭﺍﻟﺪ ﺑﻪ ڪﻮ ﭔﻮٽﻮ ڪﻮﻧﻪ ﭔﺎﺭﻳﻮ . ﻫﻦ، ﻧﻪ ﻣﻠڪﻲ ﻣﻌﺎﻣﻼﺕ ۾ ﻣﻨﻬﻦ ﺭﮐﻴﻮ؛ ۽ ﻧﻪ ﻭﺭﻱ ﻭڏﻥ ﺟﻲ ﮀڏﻳﻞ ﻭﺭﺛﻲ ‏( ﭘﻴﺮﻱ ﻣﺮﻳﺪ ‏) ﮐﻲ ﻭﮄﺍﺋﻲ ﺳﮕﻬﻴﻮ . ﺳﻨﺪﺱ ﻭﻓﺎﺕ 1009 ﻫﻪ ‏( 1600 ﻉ ‏) ﺑﻌﺪ ﻧﻨﮃﻱ ﭘٽ، ﻣﻴﺎﻥ ﺍﻟﻴﺎﺱ ﮐﻲ ﻣﺴﻨﺪ ﻧﺸﻴﻦ ﺑﮣﺎﻳﻮ ﻭﻳﻮ . ﻣﻴﺎﻥ ﺍﻟﻴﺎﺱ ﺳﺎﻥ ﺣﻴﺎﺗﻲﺀَ ﻭﻓﺎ ﻧﻪ ڪﺌﻲ؛ ﺟﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ 1030 ﻫﻪ ‏( 1620 ﻉ ‏) ۾ ﺭﺍﻩ ﺭﺑﺎﻧﻲ ﻭﺭﺗﺎﺋﻴﻦ . ﭜﺎﺀُ ﺝ ﺍﻭﭼﺘﻲ ﺍﻧﺘﻘﺎﻝ، ﻣﻴﺎﻥ ﺷﺎﻫﻞ ﻣﺤﻤﺪ ﺟﻲ ﺩﻝ ﮐﻲ ﺳﺨﺖ ﺻﺪﻣﻮ ﺭﺳﺎﻳﻮ . ﺍﻥ ﻭﻗﺖ ﺳﻨﺪﺱ ﻋﻤﺮ 27 ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﻟﮗ ﭜﮗ ﻫﺌﻲ . ﭘﻮﺀِ ﺗﻪ ﮐﻴﺲ ﺗﺨﺖ ﺟﻮ ﺣﻘﻴﻘﻲ ﻭﺍﺭﺙ ﭴﺎﮢﻲ، ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻴﺌﻦ ڪﺮﻱ ﻗﻮﻡ ﺟﻲ ﻗﺴﻤﺖ ﺳﻨﺪﺱ ﺣﻮﺍﻟﻲ ڪﺌﻲ ﻭﺋﻲ .
    ﻣﻴﺎﻥ ﺷﺎﻫﻞ ﻣﺤﻤﺪ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ ﻭﻳﻬﮡ ﺷﺮﻁ، ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﻭڏﻥ ﺟﻴﺎﻥ ﭘﻴﺮﻱ ﻣﺮﻳﺪﻱﺀَ ﮐﻲ ﻭﮄﺍﺋﮡ ۾ ﻣﺸﻐﻮﻝ ﭤﻴﻮ . ﺯﺭﺍﻋﺖ ﺳﺎﻥ ﮐﻴﺲ ﻭڏﻱ ﺩﻟﺴﭽﭙﻲ ﻫﺌﻲ؛ ﺟﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ ﭼﺎﻧڊڪﻲ ﭘﺮﮘﮣﻲ ‏( ﻻڙڪﺎﮢﻮ ﺿﻠﻌﻮ ‏) ۾ ڪﺎﻓﻲ ﺯﻣﻴﻨﻮ ﻗﺒﻀﻲ ڪﺮﻱ، ﺁﺑﺎﺩ ڪﺮﺍﻳﺎﺋﻴﻦ . ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﺳﺒﺒﺎﻥ ﺗﺮ ﺟﻲ ﺍﺑڙﻥ ۽ ﺳﺎﻧﮕﻴﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ﮐﺎﻧﺌﺲ ﺳﺨﺖ ﺷڪﺎﻳﺖ ﭤﻲ، ﻣﮕﺮ ﻫﻦ ﺣﺎڪﻤﺎﮢﻲ ﺣﺸﻤﺖ ۽ ﻣﺮﻳﺪﻱ ﺧﺎﺩﻣﻲﺀَ ﺟﻲ ﺯﻭﺭ ﺗﻲ ﮐﻴﻦ ﮐﻴڪﺎﺭﻳﻮ ﺑﻪ ڪﻮﻧﻪ، ﻭﻳﺘﺮ ﻻڙڪﺎﮢﻲ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﺍﻭﻻﻫﻴﻦ ﻃﺮﻑ، ﻣﻴﻤﮡ ﻣﺤﻞ ‏( ﻻﻫﻮﺭﻱ ‏) ۾، ﺭﺍﺋﻴﺲ ڪﺌﻨﺎﻝ ﻣﺎﻥ، 1064 ﻫﻪ ‏( 1653 ﻉ ‏) ۾ ” ﮔﻬﺎڙ ﻭﺍﻫﻪ .“ ﮐﻮٽﺎﺋﻲ، ﭔﻨﻬﻴﻄﺮﻓﻦ ﺟﻮﻥ ﺯﻣﻴﻨﻮ، ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺯﻳﺮ ڪﻴﻮﻥ . ﭘﻮﺀِ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺁﺩﻡ ﭘﻮٽﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڏﺍﻫﭗ ۽ ﻃﺎﻏﻮﺗﻲ ﻃﺎﻗﺘﻦ ﻭﺳﻴﻠﻲ ﺁﻗﻲ ﺑﺎﻗﻲ ﺳﺎﻧﮕﻴﻦ ۽ ﺍﺑڙﻥ ﮐﺎﻥ ﺯﻣﻴﻨﻮﻥ ﮐﺴﻲ، ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻭﺍﺭﺛﻦ ۽ ﺧﺎﺹ ﺧﺪﻣﺘﮕﺎﺭﻥ ﺟﻲ ﺣﻮﺍﻟﻲ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ؛ ۽ ﭘﺎﮠ ﺟﻴﺒﺎﮢﻲ ﮘﻮﭞ ۾ ﺑﻴﭙﺮﻭﺍﻩ ﭤﻲ ﺭﻫﮡ ﻟﮙﻮ . ﻫﻮڏﺍﻧﻬﻦ ﺍﺑڙﻥ ۽ ﺳﺎﻧﮕﻴﻦ ﮐﺎﻥ ﺍﻫﻮ ﺳﭡﻮ ﻧﻪ ﭤﻴﻮ “ ﺟﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ ﭔﻲ ڪﺎ ﻭﺍﻩ ﻧﻪ ﻭﺍﺟﻬﺎﺋﻲ، ﭴﺎﻡ ﺻﺪﻳﻖ ۽ ﭴﺎﻡ ﺟﻼﻝ ﺟﻬڙﻥ ﺍﺑڙﻥ ﺯﻣﻴﻨﺪﺍﺭﻥ، ﻣﻴﺎﻥ ﺟﺎ ﺣﻖ ﻭﺳﺎﺭﻱ، ﭜﺮ ﻭﺍﺭﻥ ﺯﻣﻴﻨﺪﺍﺭﻥ ﺳﺎﻥ ﺯﻟﺠﻲ، ﺑﮑﺮ ﺟﻲ ﻣﺜﻞ ﻧﻮﺍﺏ ﻭٽ ﺩﺍﻧﻬﻴﻦ ﭤﻴﺎ . ﻧﺘﻴﺠﻲ ﻃﻮﺭ ﻣﻐﻠﻦ ﺟﻮ ﻭڏﻭ ڪٽڪ، ﻣﻴﺎﻥ ﺻﺎﺣﺐ ﻣﭥﺎﻥ ڪﺎﻫﻲ ﺁﻳﻮ . ﺁﺧﺮ ﺩﻭﺑﺪﻭ ﻟڙﺍﺋﻲﺀَ ۾ ﮐﻴﺲ 8 ﺭﺟﺐ ﺍﻟﻤﺮﺟﺐ 1068 ﻫﻪ ﻣﻄﺎﺑﻖ 15 ﺁڪٽﻮﺑﺮ 1657 ﻉ ﺗﻲ ﺷﻬﺎﺩﺕ ﺟﻮ ﺩﺭﺟﻮ ڏﻳﺎﺭﻳﻮ . ﺷﺎﻋﺮﻥ ﺍﻧﻬﻲ ﻣﺬڪﻮﺭ ﮐﻲ ﻓﺎﺭﺳﻲ ﺷﻌﺮ ۾ ﻫﻦ ﺭﻳﺖ ﺑﻴﺎﻥ ڪﻴﻮ ﺁﻫﻲ :
    ” ﺑﮧ ﺑﻌﺪ، ﻭﻓﺎﺗﺶ ڪﮧ ﺍﻟﻴﺎﺱ ﺑﻮﺩ، ﻧﺒﻴﺮﻩ ﺍﻭ ﺟﺎﻧﺸﻴﻦ ﺷﺪ ﺑﺰﻭﺩ
    ﺩﻳﻦ ﺷﻬﺮ ﺩﻫﻴﺮﻱ ﻋﻤﺎﻥ ﺳﻦ ﻭﺻﺎﻝ، ﺳﺮﺍﺳﺮ ﮔﺰﺷﺖ ﻭ ﺑﺎﺁﺧﺮ ﻭﺻﺎﻝ
    ڪﮧ ﺳﺎﻫﻞ ﻣﺤﻤﺪ ﺑﺮﺍﺩﺭ ﻧﺸﺴﺖ، ﺑﺠﺎﻳﺶ ﮔﺮﻓﺘﮧ ﺯ ﺳﺎﺑﻖ ﮔﺰﺷﺖ
    ﺍﺭﺍﺿﻲ ﺑﮧ ﺳﺎﻧﮕﻴﻦ ﻭﺍﺑﺮﻩ ﺑﮧ ﺟﻤﺮ، ﮔﺮﻓﺘﮧ ﻭ ﺩﺍﺩﻩ ﻋﺰﻳﺰﺍﻥ ﮔﺒﺮ
    … ﻳﻦ ﺟﻬﺖ ﺟﺎﮔﻴﺮﺩﺍ ﺍﻥ ﺧﻔﺎ، ﺑﺎﺫﻥ - ﺣڪﻮﻣﺖ ڪﺸﺪ ﺑﺮﺧﻄﺎ
    ﭼﻮﺑﺮﻓﺖ ﺍﺯ ﺟﻬﺎﻥ ﻧﺎﻡ ﻧﻴڪﻲ ﺑﺒﺮﺩ، ﻫﻤﺎﻥ ﺗﺎﺝ ﺑﺎﺩﮔﻴﺮ ﺑﺮ ﺳﭙﺮﺩ .“
    ﻣﻴﺎﻥ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻲ ﺷﺮﻭﻋﺎﺕ ۾ ﻃﺒﻴﻌﺖ ﻓﻘﻴﺮﺍﮢﻲ ﻫﺌﻲ، ﻣﮕﺮ ﺳﻨﮅ ﺳﻨﭝﺎﻟﮡ ﺳﺎﻥ ﻣﻨﺠﻬﺲ ﻭڏﻭ ﭰﻴﺮﻭ ﺁﻳﻮ . ﺯﺑﺎﻥ ۾ ﺯﻳﺎﺩﻫﻪ ﻣﻴﭡﺎﺝ ﻫﻮﺱ . ﻓﺎﺭﺳﻲ ﺳﻨﮅﻱ ﺯﺑﺎﻧﻦ ﺗﻲ ڪﺎﻓﻲ ﺩﺳﺘﺮﺱ ﺭﮐﻨﺪﻭ ﻫﻮ . ﻋﺎﻟﻤﻦ ۽ ﻓﻘﻴﻬﻦ ﺟﻮ ﻭٽﺲ ﻭڏﻭ ﻣﺎﻥ ﻫﻮ . ﺩﻳﺴﻲ ﺷﻴﻦ ﺳﺎﻥ ﻣﺤﺒﺖ ﻫﻴﺲ . ﺳﻨﺪﺱ ﻟﺒﺎﺱ ۾ ڪﻼﻩ ، ﭘﻴﺮﻥ ۾ ﺳﻨﮅﻱ ﺟﺘﻲ ۽ ﺗﻦ ﺗﻲ ﺳﻔﻴﺪ ﭘﻬﺮﻳﺎﮠ ﭘﻬﺮﻳﻨﺪﻭ ﻫﻮ . ﮔﻬﻮڙﻱ ﺳﻮﺍﺭﻱﺀَ ۾ ﺑﻪ ﺳﻨﺪﺱ ڪﻮ ﮀڊﻭ ﺛﺎﻧﻲ ﻫﻮ . ﺗﺮﮠ ﺧﻮﺍﻩ ﺗﻠﻮﺍﺭ ﺑﺎﺯﻱﺀَ ۾ ﺑﻪ ﻣٽ ڪﻮﻧﻪ ﻫﻮﺱ . ﺷڪﺎﺭ ﺟﻮ ﺷﻮﻕ ﮔﻬٽ ﺭﮐﻨﺪﻭ ﻫﻮ . ﺍﻟﺒﺘﻪ ڪﭽﻬﺮﻳﻦ ﺟﻮ ڪﻮڏﻳﻮ ﻫﻮ . ﺣﺎﺿﺮ ﺟﻮﺍﺏ، ﺧﻮﺷﻄﺒﻌﻲ، ﺳﻨﺠﻴﺪﻩ، ﺑﺎﺍﺧﻼﻕ ۽ ﻧﻬﺎﻳﺖ ﺍﻟﮣﻮ ﻣﻠﮣﻮ ﻣڙﺱ ﻫﻮ . ﮐﺎﻧﺌﺲ ﭘﻮﺀِ ﺳﻨﺪﺱ ﭜﺎﺋٽﻴﻮ، ﻣﻴﺎﻥ ﻧﺼﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﺗﺨﺖ ﮄﮢﻲ ﭤﻴﻮ؛ ﺟﻨﻬﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺩﻭﺭ ۾ ﻭڏﻭ ﻏﻠﻐﻠﻮ ﻣﭽﺎﻳﻮ ﻫﻮ . ﺳﻨﺪﺱ ﺟﺎﺑﺮﺍﻧﻪ ﺭﻭﺵ ﭘﺴﮕﺮﺩﺍﺋﻲﺀَ ﺗﻮڙﻱ ﺑﺎﺍﺛﺮ ﺯﻣﻴﻨﺪﺍﺭﻥ ۾ ﻭڏﻱ ﺍﮢﺒﮣﺖ ﭘﻴﺪ ڪﺮﻱ ﮀڏﻱ ﻫﺌﻲ؛ ﺟﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ 1103 ﻫﻪ ‏( 1691 ﻉ ‏) ۾ ﺟﻼﻭﻃﻨﻲﺀَ ﺟﻲ ڪﻴﻔﻴﺖ ۾ ﻭﻓﺎﺕ ڪﺮﻱ ﻭﻳﻮ .
    ﺍُﻥ ﺯﻣﺎﻧﻲ ۾ ﻣﻴﺎﻥ ﺷﺎﻫﻞ ﻣﺤﻤﺪ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮﻭ، ﻫڪ ﮔﻬﺎٽﻲ ﺟﻬﻨﮓ ۽ ﺍﭤﺎﻫﻪ ﭔﻴﻠﻲ ۾ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﻫﻮ؛ ﺟﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ ﮐﭕڙﻥ ﺟﻲ ﮔﻬﺮﺍﺋﻲ ۽ ﮔﻬﺎٽﺎﺋﻲ، ﻣﮑﻲﺀَ ﺟﻲ ﭔﻴﻠﻦ ﺟﻴﺎﻥ ﻣﻌﻠﻮﻡ ﭤﻴﻨﺪﻱ ﻫﺌﻲ . ﺍﺯﺍﻧﺴﻮﺍﺀِ ﮐﺒڙﻥ ﺟﻮﻥ ﻭﻳڙﻫﻴﻮﻥ ﭘﺎﮠ ۾ ﺍﻫڙﻳﻮﻥ ﺗﻪ ﮘﺘﻴﻞ ﻫﻮﻧﺪﻳﻮﻥ ﻫﻴﻮﻥ، ﺟﻮ ﺍﺗﺎﻥ ﺁﺳﺎﻧﻲﺀَ ﺳﺎﻥ ﻭﭸﮡ ﺑﻪ ﻣﺠﺎﻝ ﻫﻮ . ﺍﻫﻮﺋﻲ ﺳﺒﺐ ﻫﻮ ﺟﻮ ﭘﻮﺭﻱ ﭘﺴﮕﺮﺩﺍﺋﻲﺀَ ۾ ” ﻣﻴﺎﻥ ﺷﺎﻫﻞ ﻣﺤﻤﺪ ﮐﺒڙﻥ ﻭﺍﺭﻭ “ ﻣﺸﻬﻮﺭ ﻫﻮ . ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﻧﺎﻝ ﺳﺎﻥ ﺍﭲ ﺑﻪ ڪﺎﻓﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮐﻴﺲ ﻳﺎﺩ ڪﻦ ﭤﺎ . ﺳﻨﺪﺱ ﻣﻘﺒﺮﻱ ﺟﻲ ﺍڏﺍﻭﺕ ﺑﻪ ﺩﻳﺪﻩ ﺯﻳﺐ ﺁﻫﻲ . ﺳﺎﺭﻭ ﺻﺤﻦ ﺯﻣﺮﺩﻱ ۽ ﻓﻴﺮﻭﺯﻱ ﺭﻧﮓ ﺟﻲ ﭘﭥﺮﻥ ﺳﺎﻥ ﻣﻠﺒﻮﺱ ﻫﻲ، ﺟﻴڪﻮ ﺍﭲ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺁﺋﻴﻨﻲ ﺟﻴﺎﻥ ﭼﻤڪﻲ ﭤﻮ . ﻗﺒﻲ ﺟﻲ ﺍڏﺍﻭﺕ ڏﺳﮡ ﺳﺎﻥ ﺍﺋﻴﻦ ﭤﻮ ﻣﻌﻠﻮﻡ ﭤﺌﻲ، ﭴﮣڪ ﺍﻧﺴﺎﻧﻦ ﻧﻪ، ﺑﻠڪ ﻓﺮﺷﺘﻦ ﺟﻮ ﺑﮣﺎﻳﻞ ﺁﻫﻲ . ﭔﻪ ﺻﺪﻳﻮﻥ ﮔﺬﺭﮠ ﺑﻌﺪ ﺍﭲ ﺑﻪ ﺩﻳﻮﺍﺭﻳﻦ ﺟﻮ ﺭﻧﮓ، ﺭﺍﺯﻱ ﺟﻲ ﺭﻣﺰ ﭘﻴﻮ ڏﻳﮑﺎﺭﻱ .
    ﺍڏﺍﻭﺕ ۾ ﺍﮄ ﻓﻮٽ ﺟﻲ ڪﻤﺎﻧﻦ ﺗﻲ ﻫﻴڏﻭ ﺳﺎﺭﻭ ﭘﺮﺑﺖ ﺟﻴڏﻭ ﻗﺒﻮ، ڪﺎﺭﻳﮕﺮﻥ ﺟﻲ ڪﻤﺎﻟﻴﺖ ﺟﻮ ﺑﻲ ﻣﺜﺎﻝ ﻧﻤﻮﻧﻮ ﺁﻫﻲ . ﻣﻴﺎﻥ ﺟﻲ ﻣﺰﺍﺭ ﺗﻲ ٽﻴﻬﻪ ﺋﻲ ﺗﺎﺭﻳﺨﻮﻥ ﻭڏﻭ ﭼﻬﭽٽﻮ ﻟﮙﻮ ﭘﻴﻮ ﺁﻫﻲ . ﺧﺎﺹ ڪﺮﻱ ﻣﻬﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺳﻮﻣﺮ ﺭﺍﺕ ﭘﺮ ﺭﻭﻧﻖ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ . ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﺭﺍﺕ ۾ ﻫڪ ﻃﺮﻑ ڏﻳﺎٽﻴﻦ ﺳﺎﻥ ﺟﮙﻪ ﻣﮗ ۽ ﭔﺌﻲ ﻃﺮﻑ ﺳﺎﺯﻥ ﺳﺮﻭﺩﻥ ۽ ﻳڪﺘﺎﺭﻥ ﻭﺍﺭﻥ ﺟﻮﻥ ﻣﺤﻔﻠﻴﻮﻥ ﺧﻮﺏ ﻣﺘﻞ ﻧﻈﺮ ﺍﻳﻨﺪﻳﻮﻥ ﺁﻫﻦ؛ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻣﻴﺎﻥ ﺟﺎ ﻣﻌﺘﻘﺪ ﺣﺎﺿﺮﻳﻦ ﮐﻲ ﻧﺼﻴﺤﺖ ﺁﻣﻮﺯ ڏﻭﻫﻴڙﺍ، ﻏﺰﻝ ۽ ڪﺎﻓﻴﻮﻥ ﻭﻏﻴﺮﻩ ﭔﮅﺍﺋﻲ، ﻣﻘﻨﺎﻃﻴﺴﻲ ڪﺸﺶ ﺟﻮ ﺳﺎﻣﺎﻥ ﻣﻬﻴﺎ ڪﻦ ﭤﺎ . ﻗﺒﻲ ۾ ﻭﺭﻱ ﻧﺎﻧﮓ – ﻣﺮﻟﻲ ﺟﻲ ﻣﻦ ﻣﻮﻫﻴﻨﺪڙ ﺁﻭﺍﺯ ﺗﻲ ﻋﻮﺭﺗﻮﻥ ﺧﻮﺍﻩ ﻣﺮﺩ ﺟﻬﻮﻣﻨﺪﺍ ﻧﻈﺮ ﺍﻳﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ . ﺍﻫڙﻱ ﻭﮢﻨﺪڙ ۽ ﺩﻝ ﮐﻲ ﻓﺮﺣﺖ ڏﻳﻨﺪڙ ﻣﻨﻈﺮ ﻻﺀِ ﭘﻮﺭﻱ ﭘﺴﮕﺮﺩﺍﺋﻲﺀَ ﮐﺎﻥ ﺷﺎﺋﻘﻴﻦ ﺗﻮڙﻱ ﻋﻘﻴﺪﺗﻤﻨﺪ ﺍﭼﻲ، ﺳﺮ ﺗﺮﻱﺀَ ﺗﻲ ﺭﮐﻲ، ﺧﻮﻓﻨﺎڪ ۽ ﭜﻴﺎﻧڪ ﮐﺒڙﻥ ﺟﻲ ﻭﻳڙﻫﻴﻦ ﮐﻲ ﻟﻮﺋﻲ ﻟﺘﺎڙﻱ، ﻻﻧﮕﻬﺎ ﭠﺎﻫﻲ، ﺍﭼﻲ ﺣﺎﺿﺮﻱ ڏﻳﻦ ﭤﺎ . ڪڏﻫﻦ ڪڏﻫﻦ ﺗﻪ ﺍﻫﻮ ﻣﻨﻈﺮ ﺍﻳﺘﺮﻭ ﻭﮄﻱ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ، ﺟﻮ ﺟﻴڪﺮ ﺗﺮ ﮐﮣﻲ ﮀٽﺠﻦ، ﺗﻪ ﻫﻮﻧﺪ ﻫڪ ﺑﻪ ﻫﻴﭟ ﻧﻪ ﭘﻮﻱ .
    ﻫﺮ ڪﻢ ﺧﺪﺍ ﺟﻲ ﺣڪﻤﺖ ﮐﺎﻥ ﺧﺎﻟﻲ ﻧﺎﻫﻲ . ﻗﺎﺩﺭ ﺟﻲ ﻗﺪﺭ ﺟﻬﻨﮕﻠﻦ ۾ ﻣﻨﮕﻞ ﻣﭽﺎﺋﻲ ﮀڏﻳﺎ ﺁﻫﻦ . ﺳﺎﺭﻧﮕﻴﻦ، ﺳﺎﺯﻥ ۽ ﺳﺮﻭﺩﻥ ﺟﻮ ﻣﻦ ﻣﻮﻫﻴﻨﺪڙ ﺁﻭﺍﺯ، ﺣﺎﺿﺮﻳﻦ ﺟﻲ ﺩﻟﻴﻦ ﺗﻲ ﺟﺎﺩﻭﺀَ ﺟﻮ ﺍﺛﺮ ڪﻴﻮ ﮀڏﻱ؛ ﺍﻳﺘﺮﻱ ﻗﺪﺭ ﺟﻮ ﻫﺮ ﻓﺮﺩ ﻣﻮﺳﻴﻘﻲﺀَ ۽ ﻧﻐﻤﻦ ﺟﻲ ﻟﻲﺀِ ﺗﻲ، ﺟﻮ ﺟﺘﻲ ﺳﻮ ﺗﺘﻲ ﺟﻬﻮﻣﻨﺪﻭ ۽ ﺟﻬﻮﻟﻨﺪﻭ ﻧﻈﺮ ﺍﻳﻨﺪﻭ .
    ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺑﻲ ﺟﺎﻥ ﺑﺘﻦ ﺟﻴﺎﻥ ﻭﻳﭡﻲ ﻭﻳﭡﻲ ” ﺟﻴﺌﻲ ﻣﻴﺎﻥ ﺷﺎﻫﻞ ﻣﺤﻤﺪ ﻃﺮﻳﻞ “ ﺟﻮﻥ ﺻﺪﺍﺋﻮﻥ ﻫﻮﺍ ۾ ﺍﮀﻠﻴﻨﺪﺍ ﺭﻫﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ . ﻫﺮ ﺳﺎﻝ 7 ، 8 ۽ 9 ﺭﺟﺐ ﺍﻟﻤﺮﺟﺐ ﺗﻲ ﻭڏﻱﺀَ ﮄﺍﻡ ﮄﻭﻡ ﺳﺎﻥ ﺳﻨﺪﺱ ﻣﻴﻠﻮ ﻣﻨﻌﻘﺪ ﭤﻴﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ؛ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ڪﻨڊ ڪڙﭾ ﻣﺎﻥ ﻓﻨڪﺎﺭ ﺍﭼﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺟﻮﻫﺮ ﺣﺮڪﺎﺋﻴﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ . ﺍﮖ ﻣﻴﻠﻲ ﺟﻮ ﺍﻧﺘﻈﺎﻡ، ﻣﻴﺎﻥ ﺷﺎﻫﻪ ﻣﺤﻤﺪ ﺩﻳﺪڙ ﺟﻲ ﻫﭣ ۾ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﻫﻮ . ﺳﻨﺪﺱ ﻭﻓﺎﺕ ﺑﻌﺪ، ﺩﺭﮔﺎﻩ ﺗﻲ ﺭﻫﻨﺪڙ ﻓﻘﺮﺍﺀُ ﻫﻦ ﺭﻭﺍﻳﺖ ﮐﻲ ﺑﺮﻗﺮﺍﺭ ﺭﮐﻴﻮ ﭘﻴﺎ ﺍﭼﻦ .
    ﻣﻴﺎﻥ ﺟﻮ ﻣﻴﻠﻮ ﺭﺍﮖ ۽ ﺭﻣﻮﺯ ﺟﻲ ﺧﻴﺎﻝ ﮐﺎﻥ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻣٽ ﭘﺎﮠ ﺁﻫﻲ . ﻣﻴﻠﻲ ﺟﻮ ﻣﻨﻈﺮ ڏﺳﮡ ﻭٽﺎﻥ ﺁﻫﻲ . ﺭﻭﺿﻲ ﺁڏﻭ ﭘﻴﻞ ڪﺸﺎﺩﻱ ﻣﻴﺪﺍﻥ ۾ ﺳﻮﻳﻦ ﺩﻭڪﺎﻥ، ﺳﺮڪﺴﻮﻥ ۽ ﭔﻴﺎ ﺑﻪ ﻋﺠﻴﺐ ﻭ ﻏﺮﻳﺐ ﺗﻤﺎﺷﺎ ﻟﮙﻦ ﭤﺎ، ﺟﻴڪﻲ ﻣﻴﻠﻲ ﮐﻲ ﺩﻭﺑﺎﻻ ڪﻦ ﭤﺎ . ﺟﺎﺩﻭﮔﺮ ۽ ﻣﺴﺨﺮﺍ ﻭﺭﻱ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﻧﺪﺍﺯ ۾ ﺳﺤﺮ ﺑﻨﺪﻱﺀَ ﺟﺎ ڪﺮﺷﻤﺎ، ﺗﻤﺎﺷﺒﻴﻨﻦ ﮐﻲ ڏﻳﮑﺎﺭﻱ، ﺧﻮﺏ ﺧﻮﺵ ڪﻦ ﭤﺎ . ﭼﻮﭘﺎﺋﻲ ﻣﺎﻝ ﺟﻲ ﺧﺮﻳﺪ ﻭ ﻓﺮﻭﺧﺖ ﭘﮡ ﮔﺮﻡ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﺁﻫﻲ . ﻫﻮڏﺍﻧﻬﻦ ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ﺳﮕﻬڙ؛ ﺳﺎﻟڪ، ﺳﭙﻮﺭﻧﺞ ۽ ﺳﺮﻭﻳﭻ ﺑﻴﻨﻦ ۽ ﻧڙﻥ ﻭﺳﻴﻠﻲ ﺑﻴﺖ، ﮘﺠﻬﺎﺭﺗﻮﻥ، ڏﻭﺭ ۽ ﮘﺎﻩ ﻭﻏﻴﺮﻩ ﭔﮅﺍﺋﻲ ﺧﻮﺏ ﻣﺤﻔﻠﻴﻮﻥ ﻣﭽﺎﺋﻴﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ . ﻣﻄﻠﺐ ﺗﻪ ﻣﻴﺎﻥ ﺷﺎﻫﻞ ﻣﺤﻤﺪ ﺟﻲ ﻣﺰﺍﺭ ﺗﻲ ٽﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺍﻫڙﻭ ﺗﻪ ﻣﺰﻭ ﻟﮙﻮ ﭘﻴﻮ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﺁﻫﻲ
    ،
    سنڌي ادبي بورڊ جي ٿورن سان
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو