• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پير خواجه عبدالرحمان جان سرهندي

عبدالغني لوهار

سينيئر رڪن
سنڌ ۾ آباد ’پير سرهندي‘ بزرگن جي نسب جو سلسلو هندستان جي وڏي عالم، امام رباني، مجدد الف ثاني شيخ احمد سرهنديءَ سان ملي ٿو. پير صاحب جا وڏا دين جي تبليغ خاطر سرهند شريف (هندستان) مان پهرين ’قنڌار‘ (افغانستان) ويا. ٽن پشتن کان پوءِ وري پشاور (پاڪستان) ۾ آيا. سندن ٻن پشتن جي بزرگن جون مزارون پشاور ڇانوڻي ڪابلي گيٽ جي ويجهو ’حضرت جي‘ جي نالي سان مشهور آهن. اتان هڪ بز...رگ خواجه عبدالرحمان جان سرهندي مجددي پهرين مٽياريءَ، ۽ پوءِ ٽکڙ تعلقي حيدرآباد ۾ اچي آباد ٿيو، جنهن جو خاندان اڄ تائين سنڌ جي ڏاکڻي حصي ۾ ديني تعليم ۽ روحاني فيض جي ڪري مشهور آهي. هي پير، هندستان جي شهر ’سرهند‘ جي نسب سان پشت بپشت سرهندي پيرن طور مشهور آهن.
پير خواجه عبدالرحمان جان سرهندي فاروقي نقشبندي جي نسب جو سلسلو ستيتاليهين پشت ۾ حضرت عمر فاروق رضي الله تعاليٰ عنه سان ۽ ٽيٽيهين پشت ۾ امام رباني مجدد الف ثاني شيخ احمد سرهندي فاروقي رح سان ملي ٿو. .
هي بزرگ ارڙهين صدي عيسويءَ جي آخر ڌاري سنڌ جي شهر مٽيارين ۾ آيو، جتي سندس والد خواجه عبدالقيوم سرهندي ۽ ڏاڏي خواجه فضل الله سرهنديءَ جا مريد موجود هئا. سيد ميران محمد شاهه اول کي جڏهن خبر پئي ته هي وڏا بزرگ آهن ته کين پنهنجي ڳوٺ ’ٽکڙ‘ ۾ آڻي رهايائين. ٿوري وقت کان پوءِ پاڻ حج جي ارادي سان حجاز مقدس ويو ۽ وڃي مديني منوره ۾ رهيو ۽ واپس اچڻ جو ارادو ترڪ ڪيائين. اها خبر جڏهن سيد ميران محمد شاهه کي پئي ته مديني منوره وڃي پير صاحب کي سنڌ هلڻ لاءِ زور ڀريائين ۽ پير صاحب هميشه لاءِ اچي ٽکڙ (سنڌ) ۾ رهائش پذير ٿيو ۽ اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ هن گاديءَ جي پهرئين بزرگ جي آمد ۽ سندس روحاني فيض جي ابتدا ٿي. ٽکڙ جو ڳوٺ، ڏسندي ئي ڏسندي روحاني معرفت جو مرڪز بنجي ويو، جتي پوري برصغير، سنڌ، ڪابل ۽ قنڌار جا پانڌيئڙا منزلون ماڻي اچي فيض حاصل ڪرڻ لڳا . پير صاحب 1315هه مطابق 1897ع ۾ وفات ڪئي، سندس مقبرو گنجي ٽڪر جي دامن ۾ ” مقبره شريف “ جي نالي سان مشهور آهي

19231401304_3e57d1abb1_o.jpg

فيس بوڪ جي پيج سنڌي بزرگ تان کنيل
 
Back
Top