• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مٿي جي سُور لاءِ لوڻياٺو ليمون جو جوس

چنچل راج

سينيئر رڪن
جڏهن به اسان کي مٿي ۾ سُور ٿيندو آهي، اسان ڪا گوريءِ دوا وٺندا آهيون. شايد اِها وقتي ته سُور ختم ڪرائي ٿي ڇڏي، پر جيڪڏهن مٿي ۾ سوراڪثر ٿيندو هُجي ته هر هر گوريون وٺڻ نون مسئلن کي جنم ڏيئي ٿوڇاڪاڻ ته اهي مختلف ڪيميڪلز جي ٺهيل هئڻ ڪري سائيڊ افيڪٽس ڪن ٿيون.

تنهنڪري، جهٽ ۾ گوري دوا وٺڻ کان پهرين توهان اِها قدرتي علاج آزمائي ڏسو جنهن جو ڪو سائيڊ افيڪٽ به ڪونهي.

گهربل سامان:

۲ ليمون

صاف سٿرو پاڻي

سامونڊي لوڻ

طريقو:

ليمون نچوڙيو ۽ اوترو ئي پاڻي وجهو جيترو ليمن جو جوس آهي. ڪجه لوڻ وجهو ۽ جي چاهيو ته برف به وجهي سگهو ٿا.

شايد اهو اوهان جو پسنديدو مشروب نه هُجي، پر اهو ضرور مددگار ثابت ٿيندو ڇاڪاڻ ته لوڻ ۾ جھجھا اليڪٽرولائٽس هوندا آهن جيڪي توانائي جي مقدار کي وڌائن ٿا، سُور کي ختم ڪن ٿا، سيروٽنن جي مقدار کي برابر ڪن ٿا ۽ اميونٽي (بيمارين جي خلاف وڙهڻ جي سگھ) وڌائن ٿا. انهي کي ضرور آزمائي ڏسجو.

untitled-7.png
 
Back
Top