خوخشخبري : بصر سان مٿي جا وار گهاٽا ڪريو

'صحت سرير جي' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏21 جولائي 2015۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    السلام عليڪم دوستو!
    اميد ته چاق چڱا ڀلا هوندا.

    [​IMG]

    بَصَرَ جو نالو ته توهان ٻڌو هوندو! :) جِي ها اهو بصر جيڪو کاڌي جي شين ۾ ڪم اچي ٿو اُن جون ٻيون به ڪافي خاصيتون آهن! جهڙوڪه ٻهراڙي ۾ ڪنهن کي ڪنڊو لڳندو هو ته ڪنڊي لڳڻ واري جا تي بصر کي گرم ڪري (باھ ۾ پچائي) اُن جا تي ٻڌيندا هئا ته ڪنڊي جو زهر ختم ٿي ويندو هو. اهڙا ٻيا به کوڙ سارا ڏس بصر جي باري ۾ آهن. اڄ آئون توهان کي بصر جي ان خاصيت جي باري ۾ ٻڌايان ٿو جيڪا توهان ٻڌي حيران ٿي ويندا.!
    مٿي ڏنل عنوان سان توهان کي اها ته خبر پئجي چڪي هوندي ته بصر مٿي جا وار ڇڻڻ کان بچائي ٿو صرف ايترو ئي نه بصر سان گنجي مٿي تي وار به ڦُٽي پون ٿا.!

    [​IMG]

    ته هيئن ڪريو :
    توهان بصر جو رَسُ ڪڍي ان کي مٿي تي لڳائي سگهو ٿا يا وري ان کي ٻين جڙي ٻوٽين ۾ ملائي به استعمال ڪري سگهوٿا. بصر ۾ سلفر ججهي مقدار ۾ ملي ٿو جيڪو کوپڙي تي لڳائڻ سان رت جي روانگي کي بهتر بڻائي ٿو ۽ ان سان ”ڪولجين ٽشوز“ ڪي پيداوار ۾ به اضافو ٿئي ٿو جيڪو وارن جي واڌ ويجهه ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿو. توهان جوسر مشين سان بصر جو جوس ڪڍي سگهو ٿا يا وري 4 کان 5 ڪٽيل بصر پاڻي ۾ 10 منٽن تائين اٻاري پاڻي کي ٿڌو ڪري ڇاڻي وٺو ۽ وارن ۾ شيمپو لڳائڻ کان پو استعمال ڪريو. جيڪڏهن توهان بصر جي بو برداشت ڪري سگهو ٿا ته بصر جو رسُ سڄو ڏينهن مٿي ۾ لڳل رهڻ ڏيو :) جيڪڏهن توهان کي ان سان پريشاني ٿئي ٿي ته توهان هڪ ڪلاڪ تائين لڳائي پو مٿي کي پاڻي سان ڌوئي ڇڏيو! ڪجهه ئي ڏينهن ۾ فرق ظاهر ٿيندو.


    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا هي اهو نسخو مجرب آهي يا ڪٿان عڪس ڪيل آهي؟
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. غلام مرتضى ٿهيم

    غلام مرتضى ٿهيم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 نومبر 2014
    تحريرون:
    168
    ورتل پسنديدگيون:
    392
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    ڌنڌو:
    اسٽيڊي
    ماڳ:
    شهر ٺٽو
    ادا عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم مهرباني جو اهڙو ٽوٽڪو ڏسيو آهي
    مونهنجي پاڙي ۾ ته کوڙ سارا کنجا ۽ وار ڇڻيل موجود آهن، توهان انهن جي ڪم واري شي ڏهسي آهي،
    انهن کي ان نسخي تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪندس ،
    باقي انشاالله فرق ڏسنداسين
    مهرباني ڀاه
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ايس ايم صارم

    ايس ايم صارم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    93
    ورتل پسنديدگيون:
    376
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ملازم
    ماڳ:
    محله ڪوٽ دينل شاھ پيرجوڳوٺ (ڪنگري
    جيڪڏهن واقعي بصر ڪم ڪيو...ته توهان جي مٺائي ٿي ...سچ ۾ قسم سان..:)
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    اهو بابا سائين پڻ ٻڌايو هو ۽ هڪ حڪيم صاحب کان ورتل آهي.
    آئون پڻ اڄ کان اهو شروع ڪريان پيو..
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو