محمد خان سيال
سينيئر رڪن
شهيد ٿيل صحافي شان ڏهر کانپوءِ سندس والده کي به موت جي اوڙاهه ۾ اڇلايو ويو آهي ـ اهڙو ڪو انڌير، سرتيون جھڙو سنڌ ۾ ـ لڳي ٿو ته هن ملڪ ۾ انصاف جهڙي ڪا شيءَ رهي ناهي ـ قاتلن کي آزادي آهي ته جنهن کي وڻين تنهن جو قتل ڪن ـ سنڌ سرڪار، صحافي تنظيمن کان ۽ انساني حقن وارين تنظيمن کي به انهيءَ زيادتيءَ جو ترت نوٽيس وٺڻ گھرجي ۽ صحافي شهيد شان ڏهر جي وارثن سان انصاف جي خاطري ڪرائڻ گھرجي ـ