• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ نڪور نظم اڄ جو

نڪور نظم
_______________
محبت رکي من ۾ پيار نه پوک پرڀرو
سڪ سندوسودو ڪبو آهي کرو

عشق سندي عاجزي روح منجه رلاءِ
اهڙي سڪ وڌاءِ نينهن نه ٿي پو نابرو....

قرب ڪماءِ ڪاتڙا محبت مينهن وساءِ
واپس ڪين وراءِ ڪندو ره هي ٽاڪرو...

مجازي جي معامري موهي وڌو من
تڙپ وڌي وئي تن آوازن ۾ هوڪرو....

ڌرتي سڀ افلاڪ ڳولهيم ڳاله فراق جي
هن حب ڪيو حيراڪ سڪ سندو آسرو...

ڪڏهن روح راڳن ۾ ڪڏهن بيتن کان بيزار
عشق سندو اسرار بره بنان آ برو.....

جيئن سرو کائي کاٺ کي تيئن محبت ۾ مفاد
اندران اندر کاڌ محبت ماري معامرو.......

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top