چار ايڪڙ ٻني

'ڪهاڻيون' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏4 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    شيخ اياز

    رات جو پويون پهر هو. ڪڪڙن دس ٿي هنيا، اُڀ تي ڦڪي چانڊوڪي ائين ٿي لڳي ڄڻ خدا زمين تي نهاري مرڪي رهيو آهي. ساري ڪائنات تي خاموشي وسي رهي هئي. انسان ۽ ان جا هل هنگاما سانت جي گود ۾ ستا پيا هئا. قرآن ۾ انسان کي اشرف به چيو ويو آهي ته ظالم ۽ جاهل به. شايد رات جي وقت انسان اشرف آهي ۽ ڏينهن جي وقت ظالم ۽ جاهل. ڏينهن جي وقت هن جا جھيڙا ۽ جھڳڙا، ساڙ وير، غم غصو ۽ ڇڪتاڻ ڏسبي ته هن جي فطرت کان نفرت اچي ويندي. پر رات جي وقت جڏهن هو ننڊ ۾ الوٽ هوندو آهي ۽ چانڊوڪي سندس منهن کي چمندي آهي تڏهن هن تي پيار اچي ويندو آهي ته هي اهو آهي جنهنجي محنت خدا جي اڻ گھڙيل دنيا کي گھڙيو ۽ ٺاهيو آهي، جنهن هوا، باهه ۽ پاڻي کي مٺ ۾ آندو آهي ۽ هاڻي هڏ هڻي، کنبڙاٽيون کوهي، سانت جي گود ۾ ستو پيو آهي. جنهن قدرت سان هو ڏينهن جو وڙهندو آهي، سا کيس لوليون ڏئي رهي آهي.

    جنهن رات جي هيءَ ڳالهه آهي، اها به اهڙي مٺڙي پياري رات هئي ـــ شاهوءَ ننڊ ۾ پاسا ٿي بدلايا. سندس منهن تي معصوميت وسي رهي هئي. سفيد ريش، نوراني ڀنل چهرو. اوچتو ڪتي جي ڀونڪ تي هو ڇرڪ ماري اٿيو، سندس رڳ رڳ ۾ آرس ڪر موڙڻ لڳو ــــ ڏکڻ جي هير ۾ سندس اکيون ٻوٽيون ٿي ويون ـــ پر اڄ رات آواندا ڀڃڻا هئا، سندس ۽ سندس وڏيري جي عزت جو سوال هيو. هن پنهنجي پٽن رمون ۽ جانوءَ کي ڌونڌاڙي اٿاريو جي سندس ڀرسان کٽولن تي ستل هئا. اکيون مهٽيندي رمونءَ پنهنجي سيرانديءَ کان لوڙهه ڪڍي ۽ جانوءَ ڪهاڙي ۾ هٿ وڌو. ٽيئي موريءَ جو ٻنو ڏيئي هليا ۽ چوڌاري موٽي آيا.

    ”اچي پرهه ٿي آهي.“ رمونءَ اکيون مهٽيندي چيو. ٿڌي هير کين ننڊ ۾ جھوليءَ ۾ ڇڪي رهي هئي. ٽيئي ٻه چار جھوٽا کائي ليٽي پيا. شاهو پريو مڙس هو. رمون ڪرڙوڍ ۽ جانو ڳڀرو. شاهو سوچي رهيو هو، ڪري خدا خير باقي اڄ لٺ ضرور لڳندي. هن اڳ به گھڻائي جھيڙا ڪيا هئا. مٿا ڦاڙيا ۽ ڦاڙايا هئا. اڃا سندس ڪهاڙيءَ تان رت به نه سڪي هئي. اها به رات هئي جڏهن هو شانيءَ سان روح ريجھائي رهيو هو. شاني جنهنجو بدن ڪنهن سنگتراش ٺاهيو هو. شاني، جنهنجون چيريون اکيون اڃا به کيس گھوري رهيون هيون. جنهنجا ماسيرا ڳل ياد ڪري اڃا به سندس روح ۾ گلاب ٽڙي رهيا هئا. جنهن جا ڊولائتا انگ اڄ به سندس روح ۾ گلاب ٽڙي رهيا هئا. جنهن جا ڊولائتا انگ اڄ به سندس اکين اڳيان ڦري رهيا هئا. اي محبت تون سدا جوان آهين. تون هميشه زنده آهين. شاني اڃا زنده هئي توڙي کيس ڪاري ڪري ماريو ويو هو. شاهوءَ کي ياد هو ته ڪيئن شاني سندس ڇاتيءَ سان ڪرڙي وانگر چهٽي پئي هئي ته ڪوٺي تان ٻه جوان لٿا، هڪڙي ڪهاڙي سان شانيءَ جي سري لاهي ڇڏي، ۽ ٻئي هن تي وار ڪيو پر هي ٻانهن ڏئي ڌڪ بچائي اٿيو مس ته ٻئي ڪوٺو ٽپي ڀڃي ويا.

    هاءِ ڙي سنڌڙي. تو ۾ ڪيترا معصوم گنهگار ماريا ويا آهن، ڪيترا اٻوجھه ڏوهي ڪُٺا ويا آهن! ان وقت شاهوءَ شاني ڏانهن ڏٺو هو ته سندس لڱ لڱ ڪانڊارجي ويو هو. سري ڌار، ڌڙ ڌار، نه انگل نه ارڏايون، نه ماڻا مهڻا نه ناز نخرا، نه چرپر نه سس پس. ڄڻ هوءَ به ڪا کٽ هئي، بسترو هئي، ڀت هئي . . . . ڪجھه به نه. گھڙي اڳي جا سندس هٿن مان مڇيءَ وانگر ٿي کسڪي وئي، سندس ڇاتيءَ سان ڪرڙيءَ وانگر ٿي چنبڙي پئي، سا ائين ساڪن ۽ خاموش پئي هئي جيئن چانڊوڪيءَ ڀت تي پاڇو. ڄڻ سندس روح نڪري ان چانڊوڪيءَ جي پاڇي ۾ ملي ويو هو ۽ نور جي لهرن ۾ لڙهندو دور وڃي رهيو هو. دور جتي تارن جي کٽ تي هن لاءِ بسترو وڇايل هو، جتي فرشتا لوليون ڏئي رهيا هئا.

    شاهوءَ ٿڌو ساهه ڀريو ۽ سندس ذهن ورانگ ڀري ڏهه سال اڳتي وڌي ويو. هنکي ياد آيو ته ڪيئن هو پهريون دفعو چوريءَ لاءِ نڪتو هو، ان وقت ڄڻ ساري ڪائنات دم روڪي بيٺي هئي. ڄڻ ستارا اکيون ڇنڀي ڏسي رهيا هئا. لوڙهو ٽپي هن مينهن ڇوڙي مس ته ڀاڳيو جاڳي پيو هو ۽ کيس هڪل ڏئي اک جو ڀينڊ ٺڪاءُ ڪرايو هو. شاهوءَ اک کي ائين مهٽيو ڄڻ اڃا تائين اها ڏکي ٿي. هن پاسو ورايو ته کيس ياد آيو ته وڏيري کيس ٻي چوريءَ تي گھرايو جا هن نه ڪئي هئي. وڏيري کيس ڀونگو باسيو هو، ڀونڊو ڏنو هو، چٽ ملائي هئي، چپاٽ هنئي هئي، پڳ لاٿي هئي، ڏاڙهي پٽي هئي، پر هن چوري ڪئي هجي ته سلي. نيٺ وڏيري هنکي پوليس ۾ ڏنو هو ۽ هن پهريون دفعو ڪورٽ ڏٺي هئي، جتي قانون ئي قانون هو، انصاف ڪونه هو. ”اهو وڏيرو، اها پوليس، اهو قانون، سڀ هڪ وڏي سازش آهي.“ هن سوچيو، ”اها جانڊه جنهن ۾ اسانجي هڏي هڏي پيسجي ٿي وڃي ته هو دنيا کي چون ٿا ته اسان هنکي ڇڙي ڇانڊي، اڇو اجرو ڪري ڪڍيو آهي.“

    اڄ انهي وڏيري جي لاءِ هو سر ڏيئي رهيو هو. شاهوءَ مٿي نهاريو. ٿڌو نيرو آسمان خدا جي پيشانيءَ جيان ٿي لڳو. هڪ هلڪي ڪڪري چنڊ جي مٿان اچي هٽي وئي. شاهوءَ ائين محسوس ڪيو ڄڻ چنڊ مٿانئس اوچتو نگاه وجھي تعجب مان ڏسي رهيو هو. هن منهن وارئي رمونءَ ڏانهن ڏٺو. شايد هو به ائين محسوس ڪري رهيو هو. رمونءَ ڪڪري ڏانهن نهاري دل ۾ سوچيو ته بادل ٺهي ٺهي هليا ٿا وڃن. برسات جي بوند به نه پئي آهي. پر سال بيگاري ڏنيءَ ڪنيءَ ٿي وهي. هيل سڪ ٻڌ آهي. اڳي ئي پاڻي ٿورو وري جڙي ماڇيءَ وارا سندس موريءَ جا آواندا ڀڃي پنهنجي ٻنيءَ ڏانهن پاڻي لاڙڻ جا ڌڙڪا ڏيئي رهيا هئا. رمونءَ چار ايڪڙ ٻني ڪئي هئي. ان تي سندس زندگيءَ جو دارومدار هو. ان ۾ هن پنهنجو پگھر پوکيو هو. سلن سان گڏ سندس آسون اميدون اسري رهيون هيون. ڇا به ٿئي پر آواندا ڀڃڻ ڪونه ڏيندو. سندس ڌيءَ کي سال کان ٽيئڙ تپ هو. سندس زال جو ڳهه ڳٺو، چوڙي ٻانهين سڀ خرچ ۾ ڳري ويو هو. فصل لهندو ته کيس چار پئسا ٿيندا ۽ ڌيءَ جي دوا ڪرائيندو.

    اوچتو سندس دل ۾ وهم جاڳيو ته سندس نياڻي نظيران مري ويندي. سندس دل گائون مائون ٿيڻ لڳي. سندس هانوَ کي اڇل آئي ۽ ڳوڙها سندس اکين ۾ تري آيا. خدا کيس سالن کانپوءِ نياڻيءَ سان نوازيو هو. ننڍڙو گڏيءَ جھڙو ٻار. گھر جي سونهن، پيءُ ماءُ جي ورونهن. افسوس صد افسوس. اهو ابهم دوا دارون جي خرچ نه هئڻ ڪري مري ويندي. ڪيئي طبيب ڪيئي دوائون. پر هن وٽ پئسو ڪونه هو جو اهي خريد ڪري. شايد انسان جي زندگيءَ کان پئسو وڌيڪ قيمتي آهي. شايد طبيب ڇٽائڻ لاءِ نه ڪمائڻ لاءِ آهن. شايد دوا شفا لاءِ نه پر بها لاءِ آهي. پئسي نه هئڻ ڪري موت سندس جھوليءَ مان نياڻي کسي رهيو هو. اي موت ذرا ترس. جي پئسو نه آهي ته مون وٽ نه آهي. هن نياڻيءَ، هن ابهم جو ته ان ۾ ڏوهه نه آهي. هنکي ڪهڙي خبر ته مان جنهن وٽ ڄمنديس سو سڃو هوندو، ڀينگيو هوندو، ڏينهن رات پگھر جو پورهيو ڪندو هوندو ته به چار پئسا بچائي نه سگھندو هوندو. ٻڌين ٿو اي موت. انهيءَ اٻوجھه ابهم کي ڇا معلوم تي هوءَ ڄمندي ته تهه سيارو هوندو، پارا پوندا هوندا، ڏند ڏڪندا هوندا، لڱ لڱ ۾ تڙڪڻي هوندي ۽ سندس ڪنگال پيءُ وٽ پئسو نه هوندو جو هو ڪمبل وٺي. هن کي ڪهڙي خبر ته هيءَ دنيا پئسي جو چڪر آهي. پئسو انهن وٽ آهي جي ڀڀ ڪڍي، طول ويهائڻ تي ٽيڪ ڏئي ويهن ٿا. پر جن جي رونبو ڪري چيلهه چٻي ٿي وئي آهي تن جي لاءِ پئسو نه آهي. تن جي لاءِ محنت ۽ مشقت آهي، بک ۽ ڏک آهي، مرض ۽ موت آهي. رمونءَ مٺيون ڀڪوڙيندي پڪو ارادو ڪيو ته آواندا ڀڃن نه ڏيندس، پوءِ سر وڃي ته وڃي. آواندا ڀڄندا ته فصل سوڪ ٿي ويندو، کيس پئسو نه ٿيندو ۽ سندس نياڻي ٽيئڙ تپ وگھي مري ويندي. هنکي جڙي ماڇي وارن تي سخت ڪاوڙ آئي ۽ ڪهاڙيءَ ۾ هٿ وڌائين. جڙيو ماڇي هو. پر جڙيو ماڇي ته هنجو لنگوٽيو يار هو. ننڍي هوندي هو گڏ ٻڪريون چارڻ ويندا هئا. جڙيو ڪنڊيءَ جي وڻ تي چڙهي سڱر ڇاڻيندو هو ته ٻنهين جون ٻڪريون چرنديون هيون ۽ هو سچين ڪوڏين جھڙا ڏند ڪڍي رمونءَ کي چوندو هو، ”اسان ته نوريئڙي وانگر وڻ تي چڙهي ٿا وڃون. تون ڇا چڙهيندين ٻليءَ وانگر ٿو ٿڙ وٽ بيهي تڪين.“ جڙيو ۽ هو گڏ بيگاريءَ ۾ ترندا هئا، ٻلهاڙو کيڏندا هئا. رمون نڙ وڄائيندو هو ته جڙيو ڪن تي هٿ رکي ڪافي ڳائيندو هو:

    منهنجا گھوڙي سوار ــ تنهنجي چهبڪ ڪئي هان چري
    تنهنجي چهڪ ڪئي هان چري
    الا مان وڃان ٿي مري
    ڪڏهين ايندين وري ــ منهنجا پرڏيهي يار
    تنهنجي چهڪ ڪئي هان چري ــ منهنجا . . .

    اهو راڳ اڄ به رمونءَ جي ڪنن ۾ ٻري رهيو هو. اهو راڳ ٻڌي رمونءَ کي ڪيترو نه جڙي تي پيار ايندو هو! اڄ اهو جڙيو سندس رت پيئڻ لاءِ تيار هو. اڄ اهو جڙيو سندس آواندا ڀڃڻ ايندو. ڪهاڙيون هلنديون. رت وهندي. دوستي زخمي ٿي لڇندي. انسان ڪهڙو نه ذليل آهي. پنهنجي سَڌن کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪيترو نه ڪُڌو ٿو ٿي وڃي. هاءِ رمون کي ڪهڙي خبر ته جڙي کي به چار ايڪڙ ٻني آهي. هنکي ڪهڙي خبر ته موريءَ ۾ پاڻي گھٽ ڇو هو. هنجو به بٽئي وقت اڌ اَن وڏيرو کڻي ويندو هو. هنجو دارومدار به انهن اَن ڪڻن تي هو. هن کي ڇا معلوم ته موريءَ جي مهڙ تان سڄو پاڻي وڏيرو الله بخش ٿي کڻي ويو.

    وڏيرو الله بخش لکها جريب ٻنيءَ جو خاوند هو. سڀ ڪامورا ڪڙا هن وٽ ايندا هئا ۽ کانئس رسائي وٺندا هئا. رشوت جو نالو رسائي آهي. رشوت بيشڪ رسائي آهي. انسان جي انسان تائين رسائي، انسان جي خدا تائين رسائي، سڀ رسائي رشوت رستي ٿي سگھي ٿي. غريب هارين جي رت پيڙي وڏيرو الله بخش هر سال زڪوات ڪڍندو هو ۽ خدا تائين رسائي ڪندو هو. ۽ ماڻهن کي مرڪي چوندو هو ته منهنجو نالو ئي الله بخش آهي ۽ مولوي ثناء الله کيس ٽيڪو ڏيندو هو. اي الله، تنهنجي بخشيش ايتري سستي ته نه هوندي. اي ثناء الله، شايد تنهنجو الله رشوت به وٺندو آهي؟

    رمونءَ کي دبرندو ڏسي جانو ڇرڪ ڀري اٿيو. جانو انهيءَ جھيڙي جي بلڪل خلاف هو. هن جڙي جي ڌيءَ نازيءَ سان ياراڻي رکي هئي. جھونجھڪڙي مهل نازي دلو کڻي کوه تي ايندي هئي ۽ واٽ تي لون جي اوٽ ۾ جانوءَ سان روح رهاڻ ڪندي هئي. گھڙي کڻڻ سان نازيءَ جي چيلهه بيد جي لڪڻ وانگر مڙي ويندي هئي ۽ جانو جھونگاريندو هو:

    جيڪي چيلهه تي چار گھڙيون تنهنجي
    مان تنهن گھڙي تان گھوريس وو
    مان تنهنجي جدائيءَ جھوريس وو
    جيڪو چيلهه تي چار گھڙيون تنهنجي
    الا چيلهه تي چار گھڙيون تنهنجي

    ستارن جي ڇانو ۾ اهي پيار جو گھڙيون جانوءَ کي ابدي زندگيءَ جيان لڳنديون هيون. هن دنيا جي ڌرتتيءَ ۾ جنهنکي گھڙي پل پيار جي ڇايا ملي اهو ڪهڙو نه خوش نصيب آهي. جانوءَ کي نازيءَ جو خيال آيو. سندس ڇيهه ڇڄي پيا ــــ هو ڪيئن پنهنجي محبوبڙي جي ميار کڻي، سندس پيءَ تي هٿ هلائي. پر چوندا آهن ته رت راڻي آهي. جانوءَ جي ڀاءُ ۽ پيءُ تي ٻري ايندي ته هو ڪيئن ماٺ ڪري ويهندو. ”شل چار ايڪڙ ٻني ئي غرق ٿئي.“ جانو دل ۾ چيو، پر ريج لاءِ پاڻي پورو ڪونه هو، ٻني غرق ڇا ۾ ٿيندي.

    پرهه ريکون ڪڍيون. اوچتو ڪوڏر جو کڙڪو ٿيو. جانو ٽپ ڏيئي اٿيو، ”نه ويندءُ.“، رمون هڪل ڪئي. ۽ ٽيئي ڪهاڙيون ۽ لوڙهيون کڻي ڊوڙيا ”ماريو نه ڇڏيو“ جون رڙيون سناٽو چيرينديون ويون. ڏسندي ڏسندي ماس جا ڳپل اڏامڻ لڳا، رت جون سيرون وهي ڇڙيون ۽ ٻه جوان ڌرتيءَ تي ڪري پيا. هو پاڻيءَ تي وڙهي رهيا هئا. هر ڪو چوي ته منهنجي چار ايڪڙ ٻني آباد ٿئي. هي چار ايڪڙ زمين مون لاءِ آهي. هي منهنجي زمين . . . . ۽ زمين چئي رهي هئي ته مان ڪنهن جي به نه آهيان. توهان سڀ منهنجا آهيو. گھڙي کان پوءِ توهان سڀني جا لاش منهنجي آغوش ۾ دفنائبا.

    وائيس آف سنڌ جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو