دنياوي علم کي ڪن عالمن کي علم نه پر هنر چوندي ٻڌو اٿم.قرآن مجيد ۽ ان جي تفسيرن مان ته اها خبر پوي ٿي ته دنياوي علم به علم آهي.حضرت آدم عليه الاسلام جي تخليق کانپوءِ،الله سائين کين علم جي بنياد تي،فرشتن تي افضل ثابت ڪيو،۽کين فرشتن کان سجدو ڪرايائين.ان وقت الله سائين جيڪو علم حضرت آدم عليه الاسلام کي عطا ڪيو ان ۾ دنيا جو به سڀ علم اچي وڃي ٿو.ان لاءِ قرآن پاڪ جو ترجمو ۽ تفسير هيٺ ڏجن ٿا. وڌيڪ پڙهو