• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حمديه غزل

NbycO2.jpg

دعا

پڌريون نه ڪجئين پڙ ۾ مدايون پرين پيارا

ڍڪجئين اتي به منهنجون برايون پرين پيارا


ٻئي ڪنهن جي محبت ڏانهن منهنجو ڌيان نه ڌرجئين

تنهنجو ئي پيار دل ۾ وسايون پرين پيارا


انڪاري تنهنجي ٻاجهه جا هرگز نه ٿي سگهون

بس تنهنجي ڪرم جو ئي پيا ڳايون پرين پيارا


هن عشق جي زمين ڪڏهن خشڪ ٿيڻي ناهي

ڳوڙهن جو روز مينهن وسايون پرين پيارا


تون منهنجي روح کان به قريب آهين او جاني

احسان حال پوء ڇو سڻايون پرين پيارا

سيد احسان علي شاهه

 
Back
Top