سامونڊي طوفان جو خطرو نه ٽريو، 6 ضلعن ۾ ايمرجنسي، فوج ۽ رينجرز الرٽ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏4 جون 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سامونڊي طوفان جو خطرو نه ٽريو، 6 ضلعن ۾ ايمرجنسي، فوج ۽ رينجرز الرٽ​


    [​IMG]

    ڪراچي (نمائندن وٽان) عربي سمنڊ مان اٿندڙ طوفان جي امڪاني خطري سبب سنڌ حڪومت حيدرآباد سميت صوبي جي 6 ضلعن ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪندي ٺٽي ۽ بدين ضلعي جي سمورن اسڪولن ۾ رليف ڪيمپون قائم ڪري ساحلي علائقي جي رهواسين کي منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، وڏي وزير قائم علي شاهه چيو آهي ته سامونڊي طوفان جي صورت ۾ 4 ڪلاڪن اندر فوج متاثر ضلعن جا انتظام سنڀاليندي. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ ڪميٽي جو اجلاس وزير اعليٰ هائوس ۾ ٿيو، جنهن ۾ امڪاني طوفان ۽ برسات کي نظر ۾ رکندي ٺٽي، بدين، ميرپور خاص، حيدرآباد، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾ هنگامي حالتن جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس دوران وڏي وزير چيو ته ساحلي علائقن جي رهواسين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٺٽي ۽ بدين ضلعن جي ساحلي علائقن جي رهواسين کي رليف ڪئمپن ۾ منتقل ڪيو وڃي، جتي کين سمورين شين جي فراهمي کي به يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ ڪراچي شهر ۾ نالن جي هنگامي طور صفائي ڪرائڻ سميت ٺٽي ۽ بدين ۾ فوري طور تي لائيف سيونگ ٻيڙيون موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڪراچي ۾ فوج جي ڪور فائيو جو اجلاس به ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ مختلف کاتن جا عملدار شرڪت ڪري رهيا آهن. اجلاس ۾ سامونڊي علائقن ۾ طوفان سبب ٿيندڙ امڪاني نقصان کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي. پاڪستان آرمي جي عملدارن گولاڙچي جي مختلف اسڪولن ۾ قائم رليف ڪئمپن جو معائنو ڪري منتقل ٿيل ماڻهن کي ملندڙ امداد جي فراهمي جي حوالي سان ڄاڻ ورتي آهي. پاڪستان نيوي سمنڊ اندر مڇي جي شڪار لاءِ ويل مهاڻن کي واپس آڻڻ لاءِ هيلي ڪاپٽر ۽ فوڪر سروس شروع ڪئي آهي. سنڌ جي چيف ميٽرالاجسٽ محمد رياض خان جو چوڻ آهي ته سامونڊي طوفان جي رخ ۾ تبديلي آئي آهي ۽ اهو عمان جي ساحلي علائقن سان ٽڪرائجڻ کانپوءِ پاڪستان جو رخ ڪندو. چيف ميٽرالاجسٽ محمد رياض خان جو چوڻ آهي ته سامونڊي طوفان عمان جي سامونڊي علائقن تي پهچڻ بعد ان جي شدت ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي. محمد رياض خان جو چوڻ آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ تيز برسات پوڻ جو به امڪان آهي. چيف ميٽرولاجسٽ جو چوڻ آهي ته سامونڊي طوفان پيٽ ڪراچي جي ڏکڻ اولهه ۾ 980 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهي ۽ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ان جي شدت ۾ اضافي جو امڪان آهي. صدر آصف علي زرداري سامونڊي طوفان جي امڪان سبب ڪنهن اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ فوج ۽ واسطيدار ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. گولاڙچي جي زيرو پوائنٽ، گونگڙو، احمد راڄو ۽ ٻين علائقن مان 8 سئو کان وڌيڪ ماڻهن کي رليف ڪئمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، امدادي ڪئمپن ۾ پهتل ماڻهن جو چوڻ آهي ته کين خوراڪ ۽ پيئڻ جي پاڻي جون سهولتون فراهم نه ڪيون ويون آهن. پاڪستان آرمي جي عملدارن گولاڙچي جي مختلف اسڪولن ۾ قائم رليف ڪئمپن جو معائنو ڪري منتقل ٿيل ماڻهن کي ملندڙ امداد جي فراهمي جي حوالي سان ڄاڻ ورتي آهي. گولاڙچي ويجهو سمنڊ ۾ چاڙهه اچڻ سبب علائقي واسين ۾ خوف ۽ هراس پکڙيل آهي. گولاڙچي تعلقي جي 50 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ هزارين ماڻهن ڦاٿل آهن، جن کي منتقل ڪرڻ لاءِ اپاءَ نه ورتا ويا آهن. فشر فوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه جو چوڻ آهي ته ٺٽي ۽ بدين ضلعي مان سمنڊ ۾ ويل 70 هوڙا اڃا تائين واپس نه آيا آهن، جڏهن ته ڊي سي او ٺٽو دعويٰ ڪئي آهي ته جاتي ۽ ٻين علائقن مان مڇي جي شڪار لاءِ ويل سمورا مهاڻا واپس اچي ويا آهن. ڊي سي او جو چوڻ آهي ته ڪيٽي بندر واري علائقي ۾ ڪجهه ڪٽنبن کي رليف ڪئمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جن کي کاڌ خوراڪ جون شيون فراهم ڪيون پيون وڃن. ڊي سي او جو چوڻ آهي ته طوفان جي خطري باوجود ٺٽي جي ساحلي علائقن تي رهندڙ ماڻهن ۾ ڪو به خوف ۽ هراس نه آهي. ٺٽي ضلعي جي جاتي تعلقي جي يوسي ڪوٺي ۽ ڪڙمڪ جي رهواسين جو چوڻ آهي ته کين محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ لاءِ انتظاميا پاران ڪو به رابطو نه ڪيو ويو آهي، جنهن سبب هو خوف ۾ مبتلا آهن. ٺٽي جي چوهڙ جمالي شهر ۾ صوبائي صلاحڪار غلام قادر ملڪاڻي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شاهه بندر تعلقي جي 16 ڳوٺن کي خالي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ انهن ڳوٺن ڏانهن گاڏيون روانيون ڪيون ويون آهن. بدين جي ڪڍڻ واري علائقي ۾ ضلعي انتظاميا پاران رليف ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن، جتي ساحلي علائقن جي رهواسين کي منتقل ڪيو ويندو. ٺٽي جي ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ضلعي اندر 24 ڪئمپون قائم ڪري روينيو، پوليس، صحت، تعليم ۽ ٻين کاتن کي الرٽ ڪيو ويو آهي ۽ پوليس جا 4 سئو جوان ساحلي علائقن ۾ امدادي ڪارروائين لاءِ روانا ڪيا ويا آهن. بدين ۽ ٺٽي جي سامونڊي پٽي جي رهواسين کي امدادي ڪئمپن ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته اي ڊي او آفيسن ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويا آهن. پاڪستان نيوي سمنڊ اندر مڇي جي شڪار لاءِ ويل مهاڻن کي واپس آڻڻ لاءِ هيلي ڪاپٽر ۽ فوڪر سروس شروع ڪئي آهي. ڌاٻيجي جي ساحلي پٽي ۾ رهندڙ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ به ڪي جوڳا اپاءَ نه ورتا ويا آهن. سنڌ ثقافت کاتي جي وزير سسئي پليجو جو چوڻ آهي ته سامونڊي طوفان قدرتي آفت آهي، جنهن کي هو روڪي نٿا سگهن پر بچاءَ لاءِ ممڪن اپاءَ وٺي رهيا آهن. سسئي پليجو جو چوڻ آهي ته سامونڊي طوفان سبب نقصان کان بچڻ لاءِ ٺٽي ۽ بدين جي ضلعي انتظاميا کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي ۽ ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ لاءِ مسجدن مان اعلان ڪرايا پيا وڃن.

    سامونڊي طوفان سبب هزارين ماڻهو متاثر ٿي سگهن ٿا: سسئي پليجو

    ڪراچي (پ ر) ثقافت واري صوبائي وزير سسئي پليجو چيو آهي ته سنڌ جي سامونڊي پٽي تي امڪاني طوفان سان هزارين ماڻهو متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته خطري سبب فوج ۽ ٻين ادارن کي چوڪس رهڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن. ڪراچي جي سامونڊي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو ائين زندگي گذاري رهيا آهن، ڄڻ اهي پٿر جي دنيا ۾ رهندا هجن. هن چيو ته ڪنهن به عملدار ڪابه ڪوتاهي ڪئي ته ان خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي.

    چيف سيڪريٽري آچر تائين هاءِ الرٽ رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

    ڪيٽي بندر (رپورٽ: آدم جانيارو)سنڌ جي چيف سيڪريٽري فضل الرحمان ڪالهه ڪيٽي بندر جو دورو ڪري سامونڊي طوفان کان بچڻ لاءِ ورتل اپائن جو جائزو ورتو ويو ۽ هدايتون ڏنيون. ان موقعي تي کيس ٻڌايو ويو ته ضلعي انتظاميا مسجدن ۾ اعلان ڪري 200 ماڻهن کي پاڻي مان ڪڍي ڪيٽي بندر ۾ رليف ڪئمپ ۾ رهايو آهي. چيف سيڪريٽري چيو ته طوفان عمان طرف وڌي رهيو آهي ۽ اهو ڇنڇر يا آچر تي پاڪستان ۾ داخل ٿيندو. چيف سيڪريٽري ضلعي انتظاميا کي حڪم ڪيو ته ماڻهن جي بنيادي مسئلن کي حل ڪيو وڃي ۽ آچر تائين انتظاميا هاءِ الرٽ رهي. ڊي سي او منظور شيخ، ڊي پي او ۽ ٻيا به ساڻس گڏ هئا.

    طوفان جي تباهي کان بچڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ گهرجن: حسين هارون

    ڪراچي (پ ر) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نمائندي عبدالله حسين هارون حڪومت کي خبردار ڪندي چيو آهي ته قدرتي آفتون وڏيون تباهيون آڻينديون آهن، ان ڪري خدا نه ڪري ته هن ڀيري به ڪا وڏي تباهي ٿئي. حڪومت کي امڪاني سامونڊي طوفان جي تباهي کان بچڻ لاءِ اڳواٽ ئي جوڳا اپاءَ وٺڻ گهرجن. سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ کاڌي پيتي جو گهٽ ۾ گهٽ 15 ڏينهن تائين بندوبست ڪرڻ گهرجي جيئن عوام کي بعد ۾ ڪنهن پريشاني جو منهن ڏسڻو نه پوي. هن هڪ پريس بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته سامونڊي علائقن ٺٽو ۽ بدين ۾ هاڻي کان ئي خوراڪ جا انتظام ڪيا وڃن.


    بشڪريه عوامي آواز
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سامونڊي طوفان جو خطرو نه ٽريو، 6 ضلعن ۾ ايمرجنسي، فوج ۽ رينجرز الرٽ

    الله سنڌ سميت سڀ ڏي خير ڪري
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سامونڊي طوفان جو خطرو نه ٽريو، 6 ضلعن ۾ ايمرجنسي، فوج ۽ رينجرز الرٽ

    سائين مون بي بي سي جي ويب سائيٽ ۽ ٻين پاڪستاني اخبارن جي ويب سائيٽ تي ڀيرو ڀڃي خبر پڙهي ته فرق محسوس ٿيو۔۔۔۔ ڪاوش، ايڪسپريس ۽ جنگ ٻڌائين ٿا ته سنڌ يا بلوچستان تائين پهچندي طوفان جي رفتار ڪيٽيگري 1 کان به هيٺ هلي ويندي يعني نقصان ڪار نه رهندو، جڏهن ته بي بي سي تي اها خبر پڙهيم ته طوفان ڪنهن به صورت ۾ ڪيٽيگري 3 کان هيٺ نه لهندو ۽‌انهيءَ‌رفتار سان پاڪستان جي ساحلن سان ٽڪرائيندو۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو