هت ڪوڙ آهي ٺٽ ۾ هت ڪوڙ آهي ٺٽ ۾ سورن ۾ آهي سچ ۽ حق سندي خليل لئه مچندو رهي ٿو مچ هر ڪو ٿيو غلام آ دنيا جي امر جو وسري ويو زماني کي قرآن آهي ڳچ پئسن تي پهرين ايندا ها ناچو ۽ ناچڻيون هاڻي ته مفت ۾ ئي تون ٻارين ٻچي پيو نچ ممڪن ئي نه هو غير ڪو گهر جو اڱڻ ٽپي هي دور غير کي ٿو چئي وچ ۾ ويهه اچ انسان ٻئي کي خوش ڏسي هرگز نه خوش ٿيو هن آڳ حسد واري ۾ پيو منهنجو پاڻ پچ پنهنجن سان رب جو حڪم ٿيو ناتا نه ٽوڙجن تون پاڻ تن سان پرچي پئو رت سان رجهي تون رچ ايڏي نه تيز هلائي تون گاڏي بريڪ هڻ ڪر زيست جو تبديل گيئر هڪدم هڻي ڪلچ ڌرتيءَ جو جهنگ ساڙي تون ايندڙ نه وقت ساڙ حب جي هڙي هڻي تون دل جي ته ديهه ۾ اچ احسان ڏکيا ڏنگ ٿئي ڏاڍن جي ڏيهه جا هن ٻه منهين بلا کان جي بچڻو اٿئي ته بچ احسان شاه هاشمي
احسان ڏکيا ڏنگ ٿئي ڏاڍن جي ڏيهه جا هن ٻه منهين بلا کان جي بچڻو اٿئي ته بچ شل نه ڪو مسڪين ٻه منهين بلا جي وات ۾ اچي پوءِ بچڻ ڏاڍو مشڪل اٿس.