• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

قدر

قدر

عشق جو قدر نه ٿيو حسن جي آڏو ڇالئه
دل جو اٽڪايو آهي دل سان مهاڏو ڇالئه



هو چڙيل ڪونهي مگر مونکي ڏٺئين گهنڊ وجهي
هن جي نظرن جو مونتي ڌيان هو تاڏو ڇالئه



مڙس ۽ زال ٿيا ڦيٿا ٻه هن زيست سندا
پوء هلي وهيل بنا ڪيئن هي گاڏو ڇالئه



جيڪي ڪجهه پوکيو اٿئون سوئي ته لڻڻو پوندو
ڪيئن تبديل ٿي ورندو هي پڙاڏو ڇالئه


سيد احسان هاشمي

 
Back
Top