گُوندَرَ گَڏِياسِ، صِحَتَ نِيَڙِيَمِ سَڄَڻَين مادَرِ ! مارِياسِ، ڦوڙائَي پِرِيَ جَي سُرُ رِپَ گُوندَرَ = غَمَ گَڏِياسِ = مليا اٿم، ٻانهن ٻيلي ٿيا آهن صِحَتَ = چاڪائي، تندرستي، خوشي نِيَڙِيَمِ = پاڻ سان کڻي ويو، کسي ويو، کڻي ويو سَڄَڻَين = سڄڻن، پرين، محبوبن مادَرِ = ماءُ، امڙ، جيجل ڦوڙائَي = فراق، جدائي، وڇوڙو، غم، عشق پِرِيَ = پرينءَ، محبوب بيت جو پس منظر ~ سور ساٿي بڻيا آهن، محبوب خوشيون پاڻ سان کڻي ويو آهي. ~ او جيجل ماءُ ! جانب جي جدائيءَ تہ مون کي ماري فنا ڪري ڇڏيو آهي. سمجهاڻي هن زندگيءَ ۾ جياپي جون شيون ڪيتريون ئي آهن، جن کان سواءِ جيئڻ مشڪل ٿيو پئي. اٽو، لٽو، اجهو ۽ ٻيون بنيادي ضرورت جون شيون، جن کان سوا زندگيءَ جو تصور بنھ اڻ پورو ٿو لڳي. پر ! شايد, محبوب ۽ ان جو پيار انهن سڀني شين کان مٿاهون، اُتم ۽ اعلي' ٿيندو آهي. محبوب ئي تہ زندگي آهي، جنهن سوا ماڻهون نامڪمل ٿو لڳي. محبوب جي هڪ جهلڪ پسڻ سان رات جي اوجاڳيل اکين ۽ ڏينهن جَي وِلوڙ جا ٿڪ لهي وڃن ٿا. محبوب جَي ملڻ سان ئي تہ صدين جا سڪايل نيڻ ۽ مرجهايل ۽ ڪومايل دلين کي راحتون، فرحتون، مسرتون، سُرورُ ۽ سُڪون ملندو آهي. محبوب رُسي وڃي تہ سڀ خوشيون ۽ مسرتون بہ پاڻ سان ساڻ کڻي ويندو آهي. تڏهن باقي بچندا آهن اوجاڳا، اوسيئڙا، عذاب، اذيتون ۽ ڪربناڪيون، جيڪي جيءَ کي جهوري ۽ روح رهڙي وجهنديون آهن. هر عاشق جي زندگيءَ جي ڪل ميراث ۽ ملڪيت محبوب سان ڪيل رهاڻيون ۽ ساروڻيون ئي هجن ٿيون. انهن جَي سهاري باقي زندگي لڙڪ لاڙيندي، آهون ۽ دانهون ڪندي ۽ سڏڪا ڀريندي گذارڻي پوندي آهي. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____