پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي ساٿيو ! السلام عليڪم هن دنيا ۾ هرڪو پنهنجي چهري تي خول (کوپا) چاڙهيو هلي، انهن خول چاڙهي هلندڙن ۾ هُو چريو ”ناز“ سرفهرست اٿوَ في الحال هي شاعري پنهنجي پاڻ يعني هن شاعري جي تخليق ڪار تي فٽ ٿئي ٿي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ چريا شاعر به اصل عجيب هوندا اٿو خصوصي طور تي مون جهڙا ٽي درجي وارا سوچيندا ڪجهه آهن ته وري ڪندا ڪجهه آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ خير جتي به هُجو سرها هُجو، هن شاعري ۾ پازيٽو رايا ڪٿي به نظر ڪونه ايندا پر نگيٽو رايا ڏيڻ چاهيو حاضر آهيان
جواب: ڪري خُون دل جو ٿا ساٿي سڏائن ! ڪري خون دل جو ٿا ساٿي سڏائن، صفا بي مروت ۽ بيدرد چهرا ۔۔۔۔ سمورا لڳن ٿا هتي زرد چهرا ۔۔۔۔ نڪي زائفائون، نڪو مرد چهرا ۔۔۔ الله پناه ڏيندو، خطرناڪ صورتحال جي نشاندهي آهي ۔۔۔ ادا ناز! ايترو نه ٿي اداسي، خيال سان ڳولها ڪريو متان اوهانجي ئي ڀر ۾ هجي ڪو مرد چهرو ۔۔۔
جواب: ڪري خُون دل جو ٿا ساٿي سڏائن ! شايد تون به مون وانگر صفا چريو آهين ادا عاشق جو هن ٽي نمبر واري شاعري کي تو سٺو چيو شايد سنڌ سلامت تي جي محبتي اڱڻ تي هي منهنجي آخري شاعري هُجي انهي ڪري انهي شاعري کي سُٺو چوڻ وارن جي به مهرباني ادا سولنگي لک لائق
جواب: ڪري خُون دل جو ٿا ساٿي سڏائن ! سائين ناز صاحب اوهان جهڙي شاعري تي اسان کي هيرايو آهي اڄ ان شاعري ۾ دم ڪو نه لڳو باقي توهان جي شاعري ته زبردست هوندي آهي پر اڄ!!!
جواب: ڪري خُون دل جو ٿا ساٿي سڏائن ! پيارا نثار ابڙا هي منهنجي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تي آخري شاعري آهي، پيارا تون جو اسان جي پاسي ۾ مرد چهرو آهين الله سائين توکي سدا سلامت رکي يار زنده صحبت باقي لک لائق جو تو اسان جي هن غريباڻي شاعري تي ڪجهه پنهنجا ويچار ونڊيا
جواب: ڪري خُون دل جو ٿا ساٿي سڏائن ! ان ڪري ته چوندا آهن ته فلم ڪيڏي به شاندار هُجي پر ان فلم جو اختتام خراب هوندو آهي ته ساري فلم کي خراب ليکيو ويندو آهي هي اسان جي هتي آخري شاعري هُئي توهان کي ڪونه وڻي ان ۾ دم ڪونه هو مطلب ته اسان واري شاعري واري ساري فلم فلاپ ثابت ٿي ۔ لک لائق جو توهان منهنجي هن بغير دم واري شاعري تي پنهنجا ڪجهه ويچار ونڊيا
جواب: ڪري خُون دل جو ٿا ساٿي سڏائن ! استاد سائين! آخري شاعري؟؟؟؟؟؟؟؟ مهرباني ڪري ان ڳالهه کي واضع ڪندا.....
جواب: ڪري خُون دل جو ٿا ساٿي سڏائن ! الله نه ڪري جو هت هي توهان جي آخري شاعري هجي الله تعالي پنهنجي فورم ۽ توهان جو ساٿ تا حياتي قائم رکي الله تعالي اوهان کي سدا سلامت رکي سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: ڪري خُون دل جو ٿا ساٿي سڏائن ! سائين ٺيڪ آهي شاعري ته شاعري آهي اها سٺي به ٿي سگهي ٿي ۽ نه به پر توهان ائين ڇو لکيو آهي ته هي توهان جي آخري شاعري آهي الله توهان کي صحت عطا فرمائي ۽ سدا سلامت رکي
جواب: ڪري خُون دل جو ٿا ساٿي سڏائن ! رنجيت مٺا آخر ۾ به ته ڇڏبو هُو چوندا آهن ته ميلو متل ڇڏجي ، تون چارئي طرف نظر ڊوڙائي ڏس ته واقعي سنڌ سلامت جي وشال اڱڻ جو ميلو متل آهي يا نه! شال سنڌ سلامت جو اهو ميلو سدائين متل هُجي۔ ان ڪري يار پاڻ کي ۽ پنهنجي شاعري کي دوستن کان ايڊوانس ۾ الوداعيون پيا ڪرايون۔ نو مينشن ، فڪر نه ڪيو هڪڙي نثار ناز جي شاعري آخري ٿي ته ڇا ٿيو هتي هزارين تو جهڙا نوجوان سنڌي شاعر اڳيان ايندا۔ ۽ منهنجي سنڌ سلامت تي نئين جدت سان نئين فڪر سان پنهنجيون شاعريون پيش ڪندا۔ سولي سنڌي ۾ ڳالهه سمجهي وئين يا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: ڪري خُون دل جو ٿا ساٿي سڏائن ! پيارا طاهر سنڌي تون ڇو ٿو جذباتي ٿين مٺا هڪڙا ۽ هڪڙن جي شاعري آخري ٿي ته ڇا ٿيو سنڌ سلامت تي ڪئين نوان شاعر ايندا نوان ڪهاڻي ڪار ايندا، ۽ هي محبتي اڱڻ جنهن جو نالو ئي سنڌ سلامت آهي سدا سلامت رهڻو آهي، بس طاهر توهان بي لوث محبتون ۽ محنتون سدائين هن وشال اڱڻ لا جاري رکجو۔ مهرباني
جواب: ڪري خُون دل جو ٿا ساٿي سڏائن ! مٺا آرزو تنهنجي به مهرباني جو منهنجي هن غريباڻي ۽ آخري شاعري تي بي اختيار واه واهه چيو لک لائق
جواب: ڪري خُون دل جو ٿا ساٿي سڏائن ! ”اڙي ناز تون ڀي ته شامل انهن ۾ نڪي زائفون نڪو مرد چهرا!“ الائي ڇو توهان جا هي لفظ پڙهي مون کي اردو جو مشهور سياسي جملو ٿو ياد پوي۔۔۔ ”اس حمام ۾ ساري ننگي هين۔۔“ لفظن جي بيهڪ ۽ سمجهاڻي ٻڌائي ٿي ته توهان کي پنهنجن کان ڏک پهتو آهي۔۔۔ شايد ڪنهن صحيح چيو آهي ته ”ڏک ته پنهنجن کان ٿيندو آهي۔۔“ ۽ توهان جي پنهجائپ ۾ مان به آهيان ۔۔۔ ڪٿي ائين ته ناهي ته ۔۔۔ ”مون ۾ آهين تون ۔۔ متان تنهنجو ئي توکي لڳي۔۔۔“ توهان جي شاعري ۾ جيڪا حقيقت ٿي نظر اچي ڪٿي اها مشهور انڊين فلم راجا هندستاني وانگر ته ناهي ۔۔۔ ته توهان کي پنهنجن کان الڳ ڪرڻ جي سازش ٿيندي هجي ۔۔۔
جواب: ڪري خُون دل جو ٿا ساٿي سڏائن ! ادا سازشون تڏهن ٿينديون جو ڪير انهي سازش جو حصو ٿئي، جي مونکي منهنجي مان ئي مونکي لڳو آهي، باقي تون اسان جو جادوگر سائين آهين توکان ڏک پهتو تڏهن به خير آهي پنهنجي پاڻ تي وسائينداسين هڪڙي ڳالهه ياد رکي ڇڏجان ته ڪنهنجي دل متان رنجائين، ڪنهنجي دل متان وڍين، ڪنهنجي دل متان ٽوڙين، اها جيڪا دل هوندي آهي نه اهو خدا جو گهر به هوندي آهي، في الحال تنهنجي هر سوال جو جواب منهنجي هي پراڻي شاعري آهي