• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڊاڪٽر الله نظر بلوچ وڌيڪ سنڌي پورهيتن کي قتل جو ارادو رکي ٿو: بي بي سي کي انٽرويو ـ

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
بي ايل ايف جو سربراهه ڊاڪٽر الله نظر بلوچ جنهن تربت ويجھو 20 سنڌي پورهيتن جا شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري، اپريل 2015 ۾، کين بيدرديءَ سان قتل ڪيو هو ۽ ليوي جي بلوچ اهلڪارن کي صرف ۽ صرف بلوچ هئڻ سبب سر جيئدان ڏنو هو ۽ انهن جي قتل جي ذميداري به رضاڪاراڻي طريقي سان قبول ڪئي هئي سو وڌيڪ سنڌي، پختون، پنجابي مزدورن کي قتل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.
هن اهڙو انٽرويو تازو بي بي سي اردو سروس کي فون تي ڏنو آهي ـ
سندس دعوى آهي ته اهي مزدور فوج سان ملي سازش ڪن ٿا ـ سوال اهو آهي ته مسڪين پورهيت سياست کان ڇا ڄاڻن؟ کين اهو به پتو ڪونهي ته روڊ ۽ بلون ٺاهڻ وارو فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن ادارو ڪهڙي بلا جو نالو آهي؟ هو ته پاڻ ۽ پنهنجن ٻچن جي روزگار لاءِ ڏينهن رات پريشان هوندا آهن پر 20 سنڌي پورهيتن جي قاتل ڊاڪٽر الله نظر بلوچ اهو ڪونه ٻڌايو آهي ته جيڪي بلوچ مزدور، پورهيو ڪرڻ لاءِ سنڌ اچن ٿا، سنڌي انهن جو ڪهڙو حشر ڪن؟
سنڌين جي قاتل ڊاڪٽر الله نظر بلوچ جي حامي ڪجھه ڪوڙن سنڌي قومپرستن کي گھرجي ته هو بي بي سي کي ڏنل ڊاڪٽر الله نظر بلوچ جو انٽرويو گھَرائي ۽ ڳنڀيرتا سان ضرور پڙهن جنهن ۾ هن تربت جي پورهيتن (سنڌين) جي قتل جو، اڳ وانگيان اعتراف ڪيو آهي ۽ وڌيڪ سنڌين کي، ٻين پورهيتن سان گڏ قتل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿوـ
http://www.bbc.com/urdu/pakistan/2015/07/150723_allah_nazar_baloch_blf_interview_zs
 
ڊاڪٽر نطر بلوچ جي ان ڳالهه جي پرزور مذمت ڪيون ٿا. کيس نه وسارڻ گهرجي ته سنڌ ۾ وڏي تعداد ۾ بلوچ به رهن ٿا .... ڇا سنڌي انهن سان ساڳيو رويو رکن جيڪو ڊاڪٽر نظر بلوچ سنڌي مزدورن سان رکڻ چاهي ٿو؟
 
ڊاڪٽر نطر بلوچ جي ان ڳالهه جي پرزور مذمت ڪيون ٿا. کيس نه وسارڻ گهرجي ته سنڌ ۾ وڏي تعداد ۾ بلوچ به رهن ٿا .... ڇا سنڌي انهن سان ساڳيو رويو رکن جيڪو ڊاڪٽر نظر بلوچ سنڌي مزدورن سان رکڻ چاهي ٿو؟
سائين...افسوس ته انهيءَ ڳالهه جو آهي ته پوءِ به ڪجهه سنڌي قومپرست قاتلن جي حمايت ڪن ٿا ـ سنڌين جا قاتل آواران ۾ آپريشن ۾ مُئا ته سنڌي قومپرست تنظيم ورلڊ سنڌي ڪانگريس لنڊن، جنيوا ۾ بلوچ سردارن سان گڏجي احتجاج ڪيو پر 20 بي گناهه سنڌي مزردورن مئا ته ڪانگريس ڪو به احتجاجي مظاهرو ڪونه ڪيو ـ افسوس آهي اهڙن قومپرستن تي ـ
 
Back
Top