ٽئي عجيب سوال ”بني اسرائيل جي زماني جي سچ تي مشتمل حڪايت“ بني اسرائيل جي زماني جي هڪ بادشاه پنهنجي وزيرآعظم کي سڏايو ۽ هن کان ٽي سوال پڇا. پهريون سوال هي هو:_”اهڙو سچ ٻڌايو جنهن کي دنيا ۾ ڪير به ڪوڙ نه چئي سگهي يا ڪوڙ ثابت نه ڪري سگهي؟ ٻيو سوال:_”اهڙو ڪوڙ جنهن کي ڪير به سچ نه چوي يا سچ نه ثابت ڪري سگهي؟ ٽيون سوال:_”اها ڪهڙي شي آهي جنهن جي ڪري وڏي کان وڏو ماڻهون به ٻين جي اڳيان جهڪي ويندا آهن؟ وزير آعظم ڪافي غور ڪيو پر جواب سمجه ۾ نه آيس ته بادشاه کان ڪجه ڏينهن جي مهلت گهري.بادشاه جواب ۾ چيس ته ٺيڪ آهي توکي ٽن ڏينهن جي مهلت ڏيان ٿو ،جيڪڏهن ٽن ڏينهن ۾جواب نه ڏنو ته تنهنجو سر قلم ڪيو ويندو. ٽن ڏينهن تائين وزير انهن سوالن جا جواب لاء تمام گهڻو غور ڪندو رهيو .ڪڏهن سوچيائين ته مان چوان الله پاڪ سچ آهي ،پر دهريا الله سبحان التعالئ کي نه مڃيندا آَهن.جيڪڏهن چوان ته آسمان سچ آهي ته سائنسدان چون ٿا ته آسمان نيلگون فضا ۽ حد نگاه آهي.گويا جيڪو به سوچي پيو ڪو نه ڪو انڪار ڪرڻ وارو ملي وڃيس پيو. آخرڪار ٽيئن ڏينهن وزير آعظم پريشان ٿئي ڪري محل کان ٻاهر نڪتو ته اڄ هن جي زندگي جو آخري ڏينهن آهي. ان پريشاني ۾ هو شهر کان ٻاهر زمينن جي طرف نڪري ويو.هڪ پوڙهو هاري پنهجي زمين کي ڏاندان سان کيڙي رهيو هو.جڏهن وزيرآعظم هن پوڙهي هاري جي ڀرسان لهنگيو ته ان پوڙهي هاري وزيرآعظم کي چيئو”تون ڪنهن سٺي گهراڻي جو فرد لڳي پيو پر معلوم ٿو ٿئي ته توکي ڪا سخت پريشاني آهي“.وزيرآعظم جواب ڏنس ته ”هاء بابا مان پريشان ته آهيان مگر ان پريشاني جو ڪو حل نه آهي.“پوڙهي هاري جواب ڏنس ته ”بي شڪ ڪجه ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن جن جو حل مشڪل هوندو آهي پر پوء به ڪنهن سان مشوره ڪرڻ سان دل جو بار گهٽجي ويندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن مشڪل جو حل به نڪري اندو آهي.جيڪڏهن تون مناسب سمجهين ته پنهنجي مشڪل مون کي ٻڌا، شايد الله پاڪ ڪا آساني پيدا ڪري.“وزيرآعظم چيئس” ٺيڪ آهي توهان هر ڇڏي اچي منهنجي ڀرسان ويهو ته مان اوهان کي پنهنجي مشڪل ٻڌايان.“ پوڙهي هاري هر کي ڇڏي اچي وزيرآعظم جي ڳاله ٻڌڻ لاء هن جي ڀرسان ٿئي ويٺو. وزيرآعظم چيس ته ”مان هن ملڪ جو وزيرآعظم آهيان ۽ بادشاه مون کان مٿيان ٽي سوال پڇا آهن پر مون کي سمجه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا جواب ڏيان.“پوڙهي هاري چيئس ته ”هن ٽن سوالن جو جواب ته تمام آسان آهي ،ڪمال آهي وزيرآعظم هوندي به توهان کي انهن جو جواب نه ٿو اچي.“وزيرآعظم پڇس ڇا توکي انهن جو جواب اچي ٿو؟ پوڙهي هاري جواب ۾ چيئس ها مون کي انهن جا جواب اچن ٿا. اهڙو سچ جنهن کي دنيا ۾ ڪير به ڪوڙ نه چئي سگهي اهو آهي ”موت“دنيا جو ڪو سائنسدان،ڪو دهريو ان کان انڪار نه ٿو ڪري سگهي.وزيرآعظم خوش ٿئي ويو بي شڪ پهرين سوال جو جواب ملي ويو.پوڙهي هاري چيئو ته تنهنجي ٻئي سوال جو جواب آهي ته ”هي دنيا ڪوڙ آهي ،جيستائين انسان زنده رهندو آهي سمجهندو آهي ته هي گهر منهنجو آهي،هي ڪار منهنجي آهي، هي بنگلو منهنجو آهي،هي زمين منهنجي آهي ،هي زال منهنجي آهي ،هي ٻار ،ڀيڻ ڀائر۽ دوست منهنجا آهن پر جيئن ساه جي ڏور ڪٽجي ويندي اٿس ۽ اک وڃي قبر ۾ کوليندو آهي ته خبر پوندي اٿس ته دنيا ۾ جيڪو ڪجه هن ڏٺو ۽ سمجهو هو اهو خواب هئو،انهن مان ڪابه شيء هن جي نه هئي جيڪڏهن هن جي هجي هان ته هن سان گڏ هجئي هان پوء انسان رڙيون ڪري چوندو ته دنيا ڪوڙ آهي ۽ ان کي ڪير به سچ نه ٿو ثابت ڪري سگهي.“ وزيرآعظم چيئو بي شڪ ٻئي سوال جو جواب به صحيحي آهي هاڻي ٽيئن سوال جو جواب به ٻڌايو. ايتري دير ۾ پوڙهي هاري جي گهرن ماني ۽ لسي آيئي ۽ پوڙهي هاري وزير آعظم کي چيئو اچو پهريائين ماني کائون ان کان پوء مان توکي ٽيئن سوال جو جواب ٻڌائيندس.وزيرآعظم ٻن ڏينهن کان بکيو هو،پريشاني جي ڪري هن کي ماني نه پئي وڻي،انهڪري هو هڪدم پوڙهي هاري سان ماني کائڻ ويهي رهيو.جڏهن ٻنهي ماني کائي بس ڪئي ته ڪجه لسي بچي پئي ڀرسان واري وڻ سان پوڙهي هاري جو ڪتو ٻڌل هو، ان جي سامهون هڪ مٽي جو ٿانون پيل هو،پوڙهي هاري بچيل لسي ڪتي جي سامهون واري ٿانون ۾ وڌي ۽ ڪتو لسي پيئڻ لڳو.هاڻي وزيرآعظم چيئو ته ”بابا ماني کاڌي آهي هاڻي ته مون کي ٽيئن سوال جو جواب ڏيو.نه ته بادشاه مون کي قتل ڪري ڇڏيندو.“ پوڙهي هاري چيئس ته ”ٽيئن سوال جي جواب معلوم ڪرڻ لاء منهنجي هڪ شرط توکي مڃڻي پوندي،وزيرآعظم چيئس،اوهان پنهنجي شرط ٻڌايو.پوڙي هاري چيئس ته ”هن ڪتي سان گڏ توکي لسي پيڻي پوندي،“وزيرآعظم گهٻراجي پوڙهي هاري کي چيئو ”با با اوهان هوش ۾ ته آهيو اهو توهان ڇا پيا چئو“ پوڙهي هاري چيئس ته ڏس جيڪڏهن توکي ٽيئن سوال جو جواب کپي ته منهنجي شرط مڃ نه ته وڃي ڪنهن ٻئي کان ان جو جواب پڇ منهنجي اها شرط آهي ان کانسوء مان توکي جواب نه ٻڌائيندس،اڳتي تنهنجي مرضي.وزيرآعظم جي جان خطري ۾ هئي،جيڪڏهن ٽيئن سوال جو جواب نه مليندس ته پڪ سان هن جوبادشاه سر قلم ڪندو.اهو سوچي مجبور ٿئي ڪري هيڏي هوڏي ڏسي ڪتي سان گڏ لسي پيئڻ لاء جهڪيو.پوڙهي هاري هڪدم وزيرآعظم کي ٻانهن کان جهليو ۽ چيئو ته اوهان کي ڪتي سان گڏ لسي پيئڻ جي ضرورت نه آهي ،اوهان جي ٽيئن سوال جو جواب حاضرآهي”توهان ملڪ جا وزير آعظم آهيوپر پنهنجي غرض جي ڪري ڪتي سان گڏ لسي پيئڻ لاء تيار ٿئي ويو. هيء غرض اهڙي شيء آهي جنهن جي ڪري وڏي کان وڏو ماڻهون ٻين جي اڳيان جهڪي ويندو آهي “ محترم ميمبرس ! ان ڳاله ۾ ٿورو به ڪوڙ نه آهي ته جيڪو ماڻهون دنيا جي ٻين ماڻهن کان ڪو غرض نه رکي ۽ بي غرض ٿئي وڃي يقين ڄاڻ هو الله سبحان التعالئ جو ولي ٿئي ويندو آهي. اهو صرف ۽ صرف الله پاڪ جي حڪمن جي مڃڻ وارن جو شان آهي ته هو الله تعالئ کانسواء ڪنهن ٻئي سان ڪنهن به قسم جي ڪا غرض نه ٿا رکن ۽ هو پنهجي غرض جي پورائي لاء صرف ۽ صرف الله پاڪ جي سامهون جهڪن ٿا.اهئي ماڻهون هن دنيا ۽ آخرت واري زندگي جيڪا تمام گهڻي طويل عرصي جنهن جو ڪو به انسان اندازو نه ٿو لڳائي سگهي تي مشتمل آهي ۾ ڪامياب آهن ۽ انهن کي قيامت جي ڏينهن ڪاميابي جو پروانو سڌي هٿ ۾ الله پاڪ عنايت ڪندو.پر جيڪو ماڻهون پنهنجي غرض پاڻ جهڙي فاني انسان سان رکندو ته هن کي ڪتي سان گڏ لسي پيڻي پوندي ۽ ٻيون بيعزتيون برداشت ڪرڻيون پونديون. آڃا به وقت نه ويئو آهي اچو ته اسان ۽ اوهان الله پاڪ کان سچي دل سان پنهنجي گناهن جي معافي گهري غيرالله مان غرض ڪڍي،الله پاڪ ۾ غرض رکي ان ڪائنات جي خالق جي اڳيان سربسجود ٿئي ڪري پنهنجون سڀ غرضون پوريون ڪرايون ۽ ڪاميابيون ماڻيون. شل هي اسان جون ننڍڙيون ڪاوشون توهان جي دل ۾ جڳه ٺاهين ۽ ان تي عمل ڪري اوهان ۽ اسان الله پاڪ جا خلقيل نيڪ بندن ۾ جاء ٺاهي سگهون ۽ پياري نبي ،محسن انسانيت،رحمت العالمين حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وسلم جن جا سچا ۽ پڪا آمتي ٿئي ڏيکاري سگهون.آمين والسلام توهانجو ناچيز ڀاء.