• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

محترم عطا محمد ڀنڀريَ سان عذرخواهي

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
اسان نامياريَ دانشور۽ ليکڪ محترم عطا محمد ڀنڀريَ سان، سندس نوجوان پٽ راجا ڏاهر ڀنڀريَ جي قتل تي عذرخواهي ڪريون ٿا ـ مون ڪجهه ڏينهن اڳ به پوسٽنگ ڪئي هئي ته اسان محترم عطامحمد ڀنڀري جي ڪُٽنب جي انهيءَ مطالبي جي زوردار پٺڀرائي ڪريون ٿا ته سندن پٽ جيڪڏهن ڪو ڏوهه ڪيو آهي ته ان تي کُلي عدالت ۾ مقدمو هلايو وڃي ـ ائين کنڀيَ کڻڻ ۽ پوءِ انهن جا لاش ڦٽا ڪرڻ سان نفرتون وڌنديون، محبتون نه ـ
 
ظالم، جابر، ڏاڍ ۽ ڏمر وسيلي حڪمراني ڪندڙن اڳيان ڪي به اصول ،اخلاقي قدر ۽ قانوني ضابطا ناهن هوندا . اهڙن ڇڙواڳ ماڻهن کي پاڻ کان وڌيڪ قوت ئي قانوني رستن ۽ طريقن تي هلڻ لا مجبور ڪندي آهي . سموري سنڌي قوم جڏهين لالچ، خود غرضي، سستي ،ڪاهلي ،اجائي ٽرڙائپ۽ وڏيرپ ڇڏي قومي ٻڌي ايڪي جي راهن تي هلندي ته پو ڪنهن به عطا محمد ڀنڀري جهڙي پٽن کي ،ڪو به اهڙي نموني سان شهيد ڪري نه سگهندو. اسان ڏکويل خاندان سان ڏک ۾ شريڪ ٿيندي ،اها دعا ٿا ڪريون ته سندن ڏنل قرباني رائگان نه ويندي ۽ ڪو اهڙو وقت ايندو جو .
نه ڪو رائر ڏيهه ۾ ، نه ڪا جهل نه پل ،
آڻيو وجهن آهرين ، روڙيو رتا گل ،
مارو پاڻ املهه ، مليرئون مان گهڻو .
 
Back
Top