محمد خان سيال
سينيئر رڪن
اسان نامياريَ دانشور۽ ليکڪ محترم عطا محمد ڀنڀريَ سان، سندس نوجوان پٽ راجا ڏاهر ڀنڀريَ جي قتل تي عذرخواهي ڪريون ٿا ـ مون ڪجهه ڏينهن اڳ به پوسٽنگ ڪئي هئي ته اسان محترم عطامحمد ڀنڀري جي ڪُٽنب جي انهيءَ مطالبي جي زوردار پٺڀرائي ڪريون ٿا ته سندن پٽ جيڪڏهن ڪو ڏوهه ڪيو آهي ته ان تي کُلي عدالت ۾ مقدمو هلايو وڃي ـ ائين کنڀيَ کڻڻ ۽ پوءِ انهن جا لاش ڦٽا ڪرڻ سان نفرتون وڌنديون، محبتون نه ـ