ڪَهَڻُ تہ ڪَچائِي، سُورَ نہ سانڍِڻُ سُٿِرا اَڃان تہ آئِي ! ڏِيلَ مُهِجَي ڏُ کَ سِين سُرُ رِپَ ڪَهَڻُ = چوڻ، شڪايت ڪرڻ، ٻاهر ٻاڦ ڪڍڻ، ٻين کي ٻڌائڻ ڪَچائِي = هلڪڙائي، وعدي خلافي سانڍِڻُ = سنڀالڻ، لڪائڻ، برداشت ڪرڻ سُٿِرا = سولا، آسان آئِي = اي مائي، او جيجل ماءُ ڏِيلَ = سرير، بدن، جسم، بت مُهِجَي = منهنجي بيت جو پس منظر ~ شڪايت ڪرڻ هلڪڙائي آهي، سورَ سانڍڻ سولو ڪم ناهي. ~ او جيجل ! اڃان ته هي جان ڏکن ۾ ورتل آهي سمجهاڻي اهو ڪو معجزو چئبو تہ ڪنهن سان نينهن لائجي ۽ پوءِ سک سان سمهي ننڊون ڪجن. هي عشق تہ اندر ۾ کاٽ هڻي ماڻهونءَ جو سک، چين، ننڊ، آرام ۽ خوشيون کسي ويندو آهي.جيئن مڇي پاڻيءَ کان سواءِ ڦٿڪي ساھ ڏيندي آهي. گل خوشبو کان سواءِ مرجهائجي ويندو آهي ۽ چڪور چنڊ کي پسڻ لاءِ اڏري اڏري پساھ پورا ڪندو آهي. ايئين ئي عاشق جو جياپو بہ محبوب جَي ڪارن، ڊگهن ۽ ريشمي زلفن کي سنوارڻ ۽ ناسي نيڻن جي پسڻ سان ئي ممڪن آهي. محبوب کان سواءِ ڪنهن عام سان سور سلڻ، شڪايت ڪرڻ روا ناهي، وڙ ناهي. هي هلڪڙائپ ڪنهن عاشق کي نٿي سونهين. محبوب جَي ڏنل گهاوَنِ، اهنجن ۽ اذيتن کي سهڻ ۽ برداشت ڪرڻ ۾ بہ هڪڙو لطف، مزو، سُرورُ ۽ سڪون هجي ٿو. نيٺ ماڻهون ان جو هيراڪ بڻجي وڃي ٿو. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____