• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رِپَ اُڀِرِيامِ اَنگُورَ، سُتَي سُپِرِيَنِ جا

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jbc2uQg1Cwk3mH.jpg

اُڀِرِيامِ اَنگُورَ، سُتَي سُپِرِيَنِ جا
کايو کايو سُورَ، لُڇِئو لَوچِئو اُٿِيان


سُرُ رِپَ

اُڀِرِيامِ = ڦُٽي پيا، نسري پيا، جاڳي پيا، اٿلي پيا
اَنگُورَ = گونئچ، گوشا، سَلا، غم
کايو کايو = برداشت ڪري ڪري، سهندي سهندي
لُڇِئو = ڦٿڪي ڦٿڪي، تڙپي تڙپي
لَوچِئو = جهاڳيندي، ڀوڳيندي، ڳوليندي

بيت جو پس منظر

~ اک لڳندي ئي وڻن جي ٽارين ۽ شاخن مان نڪرندڙ گوشن جيان سور جاڳي پون ٿا.
~ رات سڄي لڙڪ لاڙيندي، لڇندي، ڦٿڪندي ۽ پرين کي ياد ڪندي ٿي گذري.

سمجهاڻي

رات جي سانت ۾ ڦٿڪي ڦٿڪي، تڙپي تڙپي، لڇي لڇي جڏهن اڃان مس اک لڳي ٿي تہ محبوب سان ڪيل رهاڻيون ۽ گهاريل پيار جا پل ايئين اندر مان ڦٽي نڪرن ٿا. جيئن پن ڇڻ جي مند ختم ٿيندي بسنت رُتِ ۾ وڻن ۽ ٻوٽن جي هر شاخ ۽ ٽاريءَ مان نوان گوشا، گونئچ ۽ گل ڦٽڻ شروع ڪندا آهن.
جڏهن محبوب جا ڏنل گهاوَ ۽ ڦٽ اٿلي پون ٿا تہ اندر ۾ ڪيئي زلزلا ۽ طوفان جنم وٺندا آهن. نيڻن جي مٺي ننڊ اُڏامي ڪوهين ڏور هلي ويندي آهي.
اِها اذيتن، عذابن ۽ ڪربناڪين ۾ گهاريل ڪاري رات ڊگهي ٿي، ڪيئي سال ۽ صديون محسوس ٿيندي لڇندي، ڦٿڪندي ۽ پرينءَ جي ڳولا ڪندي، ساريندي گذرندي آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____
 
ادا لک قرب اوهانجا . هڪ عرض ته اگر ممڪن هجي ته آئنده بيت جو پس منظر به تصوير ۾ شامل ڪيو وڃي ته اصل واھ واھ ٿي ويندي . وڌيڪ جيئن اوهان بهتر سمجهو . اها منهنجي ذاتي صلاح آ . باقي ٻانهي وس پرين جي
 
Back
Top