فيس بوڪ ڏانهن ماڻهن جي رجهان جا سبب ______________________________ هي اهو پليٽ فارم آهي جنهن تي هڪ اڪيلي سر دنيا جي دوستن سان ڳاله ٻوله ڪري سگهي ٿو هتي دل جي صدائين کي وکيري سگهي ٿو هتي پنهنجي دل ۽ ٽيلينٽ مطابق ڪنهن به ٽاپڪ تي لکي سگهي ٿو محفوط ڪري سگهي ٿو ۽ ونڊ ڪري سگهي ٿو هتي پنهنجي مرضي مطابق سوچي لکي سگهي ٿو جتي ڪو به هن کي روڪڻ وارو نه آهي اصل ۾ هي هڪ آزاد فورم آهي جتي هر طرح جو مزو آهي جيڪو جنهن طرف وڃي ۽ خيالن جي ڏي وٺ به آساني سان ڪري سگهي ٿو پنهنجي مناسب وقت اندر مطلب ته هي اهو پليٽ فارم آ جيڪو معلوماتي به آ،ته دلفريب به آ ته خبر نامو به آ ته خبر پهچائڻ جو ذريعو به آ ،ته حالات واقعات سان ڳنڍيل رهڻ جو ذريعو به آ ۽ هر طرح جي خواهش مطابق هلندڙ هڪ اوطاق به آ ......