• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ويراڳين کان واندا ٿي .....

آزاد نظم

ويراڳين کان واندا ٿي
______________
ويراڳين کان واندا ٿي
ڪئي سون سوچ سنڌوءَ جي
رڳو ناحق رڳو ظلمت
ٿيڻ جهڙي نه هئي سهمت
ايڏا پور هن پيارا
اهي منهنجي وطن وارا
ڪيان افسوس ڪنهن سان مان
گهڻو پيسو پر بدحالي
ڪري ٿو ڪير سنڌ خالي
اهو ڪير آ ڄاڻووهشت
جنهن جي سڃاڻپ آ ...
آهي ڇو ڇيڪ وطن منهنجي
بنائي ٿو ڪڏهن باندي
هلائي ٿو ڪڏهن گوليون
اچو تنهن کي مٺا روليون
نه سمجهي جو اسان ٻوليون
کڻو بڙڇون بندوقون سڀ
ڦاڙيون پيٽ هن جو بڀ
ائين افلاس هيڏو ...هاءِ
سڪ سنڌڙي سان هاڻي لاءِ
وطن ويري وڙهي وڙهبو
هن جي سيني تي چڙهبو
ڪيون ڪا سوچ سنڌوءَ جي
لڇي پئي لال سنڌ ڄائي
هن کي ڪان لڄ آئي
پرائي مال تي منڪر
چڙهي ويٺو آ چٻ وانگي
ڀڄايو هي هتان بزدل
جو ماري سنڌ جا سپنا
خوابن کي هي خاري ٿو
بي ڏوهي رت هاري ٿو
ظلمت هي اڀاري ٿو
نفرت سان نهاري ٿو
پيسو سنڌ ٻهاري ٿو
اسان جا خواب بک سانگي
اسان جو روح پيو تانگهي
اسان جي ڀونءِ جا ڀائر
اٿو سڀ ساٿ سان ساجهر
وڃي ڪين ويل هي وهامي
پڙهي ڏس سلوڪ هت سامي.

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top