• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻوڏ بابت احتياطي اُپاءَ اڳواٽ وٺڻ جي ضرورت

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
هڪ دوست فيس بوڪ تي ٻوڏن جي باري ۾ لکيو آهي ته: سنڌ جي نصيب ۾ هر ٻئي سال تباهي ڇو آهي؟
منهنجو جواب آهي ته: گھڻي عرصي کان ساري دنيا ۾ موسمون تبديل ٿين پيون ـ اسان سڀني کي ڪنهن جھليو آهي ته احتياطي اُپاءَ اختيار نه ڪريون؟ پاڻ نه پلي ڏوجھان متيان ڏيويَ ـ
سال 2010 ۾ جيڪا ٻوڏ آئي تنهن لاءِ اسان کي 17 مهينا اڳ خبردار ڪيو ويو هو، موسم بابت عالمي ڪانفرنس دوران جيڪا 13 ۽ 14 جنوري 2009 تي اسلام آباد ۾ ٿي هئي ـ ان وقت وزيراعظم يوسف رضا گيلاني هو سو آخري ڏينهن تي ڪانفرنس ۾ موجود هو جنهن 17 مهينا اڳ وارننگ ملڻ جي باوجود ڪجھه به ڪونه ڪيو ـ
هاڻ ويهي اسان قسمت کي ڏوراپا ڏيون ته ڪهڙو فائدو؟
 
Back
Top