محمد خان سيال
سينيئر رڪن
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ سدائين ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي حمايت ڪئي آهي ـ
تبصرو: منهنجي خيال ۾ چار ئي صوبا ڀاشا ڊيم ٺاهڻ تي هڪراءِ آهن ۽ ان جي منظوريءَ کي چار پنج ورهيه گذرڻ جي باوجود ان تي ڪم شروع ڪونه ٿيو آهي ۽ هاڻ اها خبر به اخبارن ۾ آئي آهي ته ڀاشا ڊيم جي لاڳت وڌي وئي آهي ـ
ڀاشا ڊيم ۾ پاڻي گڏ ڪرڻ ۽ بجلي پيدا ڪرڻ جي گنجائش تڪراري ڪالاباغ ڊيم جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته سڀ صوبا ان تي هڪراءِ آهن پر پوءِ به ان تي ڪم شروع ڇو ڪونه ٿو ٿئي، ايستائين جو ان جي لاڳت به گھڻي وڌي وئي آهي؟
درحقيقت پنجاب ڀاشا ڊيم ٺاهڻ ۾ رنڊڪون وجھي رهيو آهي ۽ اهو ڪم اسلام آباد جي مختلف وزارتن ۾ ويٺل پنجابي بيوروڪريٽ سولائيءَ سان ڪري رهيا آهن ـ هڪ ٻيو سبب اهو به آهي ته پنجاب تڪراري ڪالاباغ ڊيم مان سنڌ جي حصي جو پاڻي سولائيءَ سان چورائي سگھندو جڏهن ته ڀاشا ڊيم مان ائين ڪونه ٿو ڪري سگھي ـ
ياد رهي ته شهيد بينظير ڀٽي، سنڌ پنجاب بارڊر تي ڪمون شهيد وٽ ڌرڻي هڻڻ دوران چيو هو ته جيڪڏهن پنجاب ۾ تڪراري ڪالاباغ ٺهيو ته سنڌ رڻ پٽ ٿي ويندي ـ
انهيءَ کان علاوهه پنجابي بيوروڪريٽ، ٿر ڪوئلي جي عظيم ذخيرن مان بجلي ٺاهڻ ۾ انهيءَ ڪري رنڊڪون وجھن ٿا ته جيئن ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو جواز ڳولي سگھن ـ
جيڪڏهن ٿر ڪوئلي مان بجلي ٺاهڻ ڏني وڃي ها ته اڄ ملڪ ۾ توانائيءَ جو گھوٽالو نه هجي ها ـ