سُتَي سَنڀِرِئومِ، ڪو ڳُڻُ ٻاروچنِ جو ڪَنڌِ وِهاڻو ڀِنو، هَرِيو هَٿُ ٿِئومِ سَڄَڻُ يادِ پِئومِ، جاڙَ جِيان ٿِي جَيڏِيُون سُرُ رِپَ سَنڀِرِئومِ = ياد پيوم ڳُڻُ = خوبي. ڀلائي ٻاروچَنِ = پرين. محبوبن ڪَنڌِ = ڪنڌ هيٺان ڀِنو = ڀڄي پيو. پسي پيو هِرِيو = آلو. ڀنل ٿِئومِ = ٿيم پِئومِ = پيم جاڙَ = اجايو. بيڪار جَيڏِيُون = سرتيون. سهيليون بيت جو پس منظر ~ ستي هيس تہ محبوب سان ڪيل رهاڻيون ياد پيون. ~ روئي وهاڻو ڀڄايم ۽ ڳوڙها اگهندي هٿ آلا ٿيم. ~ او سرتيون ! سڄڻ کان سواءِ جيئڻ اجايو آهي. سمجهاڻي اڪثر ايئين ٿيندو آهي تہ محبوب کان سواءِ ڪا گهڙي، ڪو پل آرام ناهي ايندو. سڄو ڏينهن سندس راهن ۾ نيڻ وڇائي اوسيئڙو ڪندي گذرندو آهي. در جي هر کڙڪي تي دل ڌڙڪي، ڇرڪي پوندي آهي تہ شايد هو اچي ويو. وري رات جي تاريڪين ۾ جڏهن ڪائنات خوابن جو سير ڪندي آهي تہ الائي ڇو اندر جي آنڌ ماند جي ڪري اک اک سان لڳي ناهي سگهندي. محبوب سان گهاريل پيار جا پل جڏهن ياد پوندا آهن تہ جسم لرزجي پوندو آهي. لڙڪن لارون اکين جي پنبڻين مان، موتين مالهائن جيان، سانوڻيءَ جي ڪنهن برسات جيان برسي هنڌ، رلهيون ۽ وهاڻا ڀڄائي ڇڏينديون آهن. جڏهن اڪيلائيءَ جو هڪ پل گهارڻ بہ عذاب بڻجي پوندو آهي. تڏهن هيءَ هيڏي ساري زندگي محبوب کان سواءِ گذارڻ جو تصور ڪندي ساھ نڪرندي محسوس ٿئي ٿو. ڀلا محبوب کان سواءِ جيئڻ بہ ڪا زندگي آهي ڇا !!؟ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____