تعليم هڪ اهڙو سرشتو ۽ نظام آهي جنهن جي ذريعي اسان ماڻهوءَ منجهان ڦري انسان بنجون ٿا. اسان جو اُٿڻ، ويهڻ، معاشري ۾ موجود هلچل ۽ گڏيل اتفاق راءِ جي ذريعي ڪيل مجموعي فيصلن، جيڪي سڀني معاشرتي فائدن لاءِ استعمال ٿين، فقط بهتر ۽ شعوري تعليم سان ئي ممڪن آهن. تعليم اسان جي ذهنن کي متحرڪ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي آهي، اسان تعليم ذريعي پنهنجي ذهنن کي متحرڪ ڪري نين حالتن مطابق پهنجي مسئلن کي حل ڪري سگهون ٿا. تعليم جهڙي اهم معاملي تي مون کان اڳ به ڪافي دوستن لکيو آهي، پر اهميت ان ڳالهه جي آهي ته ڇا صرف انگ اکر ئي هڪ ٻئي جي سامهون آڻڻ سان مسئلا حل ٿي ويندا؟ ڇا اها اسان سڀني سوچيندڙ ذهنن جي اخلاقي ذميواري نه آهي ته بهتر تعليمي رجحانن کي هٿي ڏيون. پر اسان پنهنجي طور تي به مسئلن کي جيئن جو تيئن رهڻ ڏيندا آهيون. اسان صرف ايستائين ٻڌل آهيون جيستائين ان سڄي مجموعي صورتحال مان به ذرو ڪي ٻه ذرا ذاتي فائدو حاصل ٿيندو هجي پر جڏهن مڪمل ذاتي فائدي جي نابواري ملندي آهي ته اسان پير پوئتي کڻندا آهيون. موجوده ملڪي حالتن ۾ جتي اسان عالمي دهشتگردي، سرمائيداري ڊوڙ ۽ ائٽمي طاقتن جي استعمال طرف وڌون پيا اُتي ساڳي ئي ريت اسان کي بهتر ۽ مثبت معاشرو جوڙڻ لاءِ تعليم کي ئي هٿي ڏيڻ گهرجي. شمارياتي انگن اکرن موجب دنيا جيسمورن ٻارن منجهان ٽيون حصو تقرين 162 ملين ڏکڻ ايشيا ۾ رهن ٿا، انهن مان 42 ملين ٻار اسڪول نه ٿا وڃن. اسڪول نه ويندڙ ٻارن مان سڀ کان گهڻو حصو پاڪستان ۾ آهي، جتي تقريبن ڪُل 20 ملين مان 8 ملين ٻار اسڪول نه ٿا وڃن. گڏوگڏ ٻارن جي تمام گهٽ داخلا، اسڪول مان پڙهائي ڇڏڻ وارا ٻار ۽ سڀ کان اهم صِنفي حوالي سان اڻبرابري پڻ وڏا مسئلا آهن. گڏيل قومن جي اداري هيومن ڊولپمينٽ انڊيڪس (HDI) مطابق پاڪستان 177 ملڪن مان 134 نمبر تي آهي، اها تمام هيٺين سطح فقط گهٽ ۽ غير معياري تعليم سبب ئي آهي. پاڪستان جي تعليمي شرح 51.6% آهي ان ۾ 63.7% ڇوڪرا (مرد) ۽ 39.2% ڇوڪريون (عورتون) آهن. اسان نه رڳو ڳاڻيٽي جي لطاظ سان بلڪه ڪوالٽيءَ جي حوالي سان به دنيا کان پوئتي آهيون. سنڌ جي صورتحال پاڪستان ۾ اڃان به پٺتي پيل آهي، پاڪستان پڙهيل هئڻ جو به گهڻو ريشو پنجاب ۾ آهي. سنڌ نه فقط تعليمي پر ترقياتي مرحلن توڙي تڪنيڪي صلاحيتن ۾ به پوئتي آهي. انهن سڀني حالتن جو ذميوار حڪومتي ادارن جو غير فعال هجڻ، سياسي مداخلت، شخصي ويڳاڻپ ۽ اسان سڀني سماجي ڪارڪنن جو هٿ تي هٿ رکي ويهڻ آهي. مون کي نٿو لڳي ته ڪوبه ٻاهريون ادارو يا فرد اچي اسان کي ايترو نقصان ڏئي سگهي ٿو جيترو اسان جي پنهنجي بيوسيءَ ۽ ناقابل تلافي خاموشيءَ سبب ٿئي ٿو. اثر (ASER) پاڪستان جي تازو پڌري ٿيل رپورٽ مطابق سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن ضلعن مان گهوٽڪي، سانگھڙ، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، ٽنڊوالهيار، بدين، ٽنڊو محمد خان، ٺٽو ۽ سجاول ۾ 30% کان وڌيڪ ٻار اسڪول ئي نٿا وڃن. ٿرپارڪر، ڄامشورو، مٽياري، دادو، نوشهروفيروز، قمبر، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ۾ 21% کان 30% فيصد، جڏهن ته حيدرآباد، شهيد بينظير آباد، خيرپور، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ هن وقت به 11 کان 20 فيصد ٻار اسڪول داخل ئي نٿا ٿين. ٻوليءَ جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته پنجين درجي جا شاگرد جيڪي ٻئين درجي جي آکاڻي/ڪهاڻي پڙهي سگهن ٿا انهن ۾ ڪشمور، شڪارپور، خيرپور، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد، مٽياري ۽ ڄامشوري ضلعن ۾ صرف 33 فيصد ٻار، جيڪب آباد، قمبر، نوشهروفيروز، ميرپورخاص، حيدرآباد، سجاول ۾ 33 کان 40 فيصد ٻار ،گهوٽڪي 7 ٿرپارڪر ۾ 41 کان 50 فيصد ٻار، عمرڪوٽ، بدين ۽ ٺٽي ضلعي ۾ 51 کان 60 فيصد، جڏهن ته سکر ۾ سڀ کان وڌيڪ 70 فيصد ٻار ڪهاڻي پڙهي سگهن ٿا. حالت صرف ايتري نه آهي رياضيءَ ۾ ڪلاس پنجين جا ٻار جيڪي ٽئين درجي جا ونڊ جا حساب ڪري سگهن انهن ۾ ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، قمبر، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، خيرپور، نوشهروفيروز، شهيد بينظير آباد، ڄامشورو، مٽياري، ٽندوالهيار، حيدرآباد، ميرپورخاص، ٽنڊو محمد خان، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، ٺٽو ۽ سجاول ضلعن ۾ فقط 33 فيصد ٻار حساب ڪري سگهن ٿا. دادو ۾ 33 کان 40 فيصد، گهوٽڪي، سانگهڙ، ۽ بدين ۾ 41 کان 50 فيصد ٻار، جڏهن ته سکر ۾ 70 فيصد کان وڌيڪ ٻار حساب ڪري سگهن ٿا. مٿي واضع ڪيل سموريون ڳالهيون ۽ انگ اکر تازو ئي شايع ٿيل رپورٽن مان ورتل آهن، توهان پاڻ اِن مان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته جتي دنيا جديد سائنسيت ۽ سماجي قدرن جي ڦهلاءَ ڏانهن ڊوڙي پئي، اُتي اسان جي ڪهڙي حالت آهي! اسان جو موجوده تعليمي نظام ۽ اُن سان لاڳاپيل تعليمي عملدار ۽ ڪامورا مڪمل ناڪس، ناڪاره ۽ نااهل آهن. حالت صرف ايتري نه آهي، توهان سوچيندا هوندوء ته مخصوص تعليمي بجيٽ، سگهارا ادارا ۽ عالمي تعليمي اِدارن جي سپورٽ ۽ فنڊنگ هجڻ جي باوجود به تعليمي سڌارا ڇو نه ٿا اچن؟ جواب بلڪل واضع آهي، ان سڄي ڪارڪردگيءَ جو ذميوار سياسي مداخلتون، نااهل اميدوار، ڪامورا ۽ سڀ کان اهم اڻ تربيت يافته استاد عملو به آهي. هاڻي اچو ته ٿورو وڌيڪ تفصيل سان انهن عنصرن تي ڳالهايون. پهريان (1992) تائين رٽائرڊ يا فوتي استادن جي جاءِ تي سندن ئي پونيرن (اولاد) مان ڪنهن به اهل توڙي نااهل شخص کي استاد ڀرتي ڪيو ويندو هو. گڏوگڏ ڪوبه شخص جيڪڏهن استادن واري تڪنيڪي ڪاليج مان پهنجي خرچ تي سيِ ٽيِ يا پيِ ٽيِ سيِ جو امتحان پاس ڪري ته کيس بنا ڪنهن ٽيسٽ ۽ امتحاني مرحلي جي استاد طور ڀرتي ڪيو ٿي ويو. ايترو آسان طريقي سان نوڪري ملڻ ڪري سرڪاري توڙي پرائيويٽ ادارن مان ڀُڳڙن مُٺ تي نقلي سَندُون وڪامڻ لڳيون ۽ نااهل فرد به ماستري ڪرڻ لڳا. مناست تعليمي ۽ اهليتي معيار نه هجڻ، نوڪري وٺڻ کانپوءِ مخصوص تربيت جو نه هجڻ، تعليمي مواد (Syllabus) کي جديد طرز مطابق اپگريڊ نه ڪرڻ ۽ ميرٽ جي بنيادن تي استادن جي ڀرتي نه ٿيڻ پُڻ تعليمي تباهيءَ جا گڏيل ذميوار آهن. گزريل سال جو ئي مثال وٺو سال 2013 ۾ سنڌ ۾ سنڌي لينگويج، ڊرائنگ ۽ فزيڪل هيلٿ ٽيچرن جي هزارين خالي پيل جاين تي بنا ڪنهن اشتهار ڏيارڻ ۽ اهليتي معيار واري ٽيسٽ وٺڻ جي پنهنجي مرضيءَ مطابق 9 اسڪيل ۾ استاد ڀرتي ڪيا ويا آهن. فقط هڪ سال جي معمولي عرصي ۾ انهن استادن کي گريڊ 14 ۽ وري گريڊ 16 ۾ اپگريڊ ڪيو ويو آهي. انهن ۾ اهڙا ڪيترائي فرد آهن جيڪي وڏيرن جي اوطاقن جي زينت بڻيل آهن، ڪي ويزا تي ته ڪي وري ايم پِي ايز جا پرسنل گارڊ پڻ آهن. تازو NTS جي ٽيسٽ تحت پاس ٿيندڙ ميرٽ تي ڀرتي ٿيل استادن سان حالت اهڙي آهي جو سال گزرڻ باوجود به سندن تربيت(Training) توڙي پگهار نٿي ٿئي! اسان وٽ تعليم کي فقط نوڪري وٺڻ جو ذريعو سمجهيو ٿو وڃي، اُن ڪري ئي اسان وٽ ڄٽ ۽ جاهل نوجوانن جي ڀرمار آهي. منهنجو هڪ دوست چوندو آهي ته اڻ پڙهيل ۽ جاهل کي سمجهائڻ کان وڌيڪ ڏکيو ڪنهن رسمي طور پڙهيل شخص کي سمجهائڻ آهي، ڇو ته اهو شعور کان وانجهيل شخص پنهنجي پاڻ کي عقل ڪُل سمجهي ڪنهن ٻئي تي اعتبار ئي نه ڪندو آهي. اسان وٽ اهڙن نوجوانن جون قطارُون آهن، ڪي اسيمبليءَ ميمبرن جي آفيسن وٽ ته ڪي وري وڏيرن ۽ سياسي ڪامورن جي اوطاقن وٽ. سڀ جو سڀ نوڪرين جي لاءِ هَٿ ٻڌيو جِي حُضوريِ ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهن. هاڻي اوهين پاڻ ئي ٻڌايو ته اهڙن پڙهيل نوجوانن مان اسان جي معاشري کي ڪهڙو فائدو رسندو؟ ان سڄي حالت تي هڪ چَوڻِي ٺهڪي اچي ٿي ته “ڪِني آڱر وڍيل چڱي آهي.” اسان کي اهڙن پڙهيل نوجوانن جي ضرورت ئي ناهي جيڪي شعور کان وانجهيل هجن. . معاشري جو هر فرد، والدين، ڪامورا، سياسي اڳواڻ، تعليمي آفيسر ۽ خود سرڪار به سڄي تعليمي نظام کي برباد ڪرڻ ۾ برابر جا شريڪ آهي. پاڪستان جي 1973 واري آئين جي آرٽيڪل A-25 ۾ واضع طور لکيل آهي ته “رياست پنجن سالن کان سورنهنِ سالن جي عمر جي هر ٻار کي مفت بنيادي تعليم مُهيا ڪندي.” آرٽيڪل 37 (6) جي(c) مطابق “رياست جاهليت کي ختم ڪندي ۽ گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ مفت سيڪنڊري تعليم فراهم ڪندي.” هاڻي ڏٺو وڃي ته مُلڪي وُجود کان وٺي هيل تائين 67 سال پورا ٿي چڪا آهن ۽ رياست هيئنر تائين بنيادي تعليم ئي ميسر نه ڪري سگهي آهي. سنڌ کان ڪافي قدر تعليمي صورتحال پنجاب جي بهتر آهي، اسان وٽ “جهڙا روح تهڙا ختما..!!” انهن سڀني مذڪوره مسئلن باوجود به تعليمي اڳڀرائيءَ کي هٿي ڏئي مناسب تبديليون ۽ مثبت نتيجا وٺي سگهجن ٿا. آئون پنهنجي ننـڍڙي سوچ آهر هتي ڪجهه تجويزون پيش ڪريان ٿو جن تحت شايد ڪجهه بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. وفاقي حڪومت کي نئين ريت نصاب کي ترتيب ڪرڻ گهرجي، عالمي معيار جي تعليمي گُهرجن جو پورائو ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي. هائير ايجوڪيشن ڪميشنطرفان اُن نئين اپگريڊيڊ نصاب کي پَرکي اُن لاءِ ضابطئه اخلاق جوڙيا وڃن. صوبائي حڪومتن کي ڪاليج سطح جي تعليم کي مڪمل هٿي ڏيڻ گهرجي، گڏوگڏ نوان تڪنيڪي ۽ فني مهارتن وارا ادارا جوڙي گهٽ پڙهيل نوجوانن کي هنري صلاحيتن سان سرشار ڪيو وڃي. ڊويزن سطح تي پرائمري تعليم جي بهتريءَ لاءِ مرڪزي ادارو قائم ڪيو وڃي، ان سان مسئلن جو جلدي حل ۽ علائقائي سطح تي تعليمي بحران کي ٿورڙي وقت ۽ آسان طريقي سان منهن ڏئي سگهجي ٿو. ضلعي سطح تي تعليمي بورڊ جوڙي سرڪاري توڙي نجي ۽ اين جِي اوز تحت هلندڙ اسڪولن ۾ هڪجهڙائي ۽ باهمي ڳانڍاپو جوڙيو وڃي ته جيئن بهتر، مثبت ۽ يڪسان تعليمي مفاد حاصل ڪري سگهجن. استادن توڙي انتظامي آفيسرن جي ڀرتي صرف ميرٽ جي بنياد تي ڪئي وڃي ، ٻين سرڪاري کاتن جي ملازمن جي برابر پگهار ۽ ٻيا الائونس ڏنا وڃن ته جيئن استاد ڪو متبادل آمدني جو ذريعو نه ڳولين. ساليانا فنڊ (بجيٽ) جو هڪ ڪاٿو لڳائي ضلعي سطح تي تعليمي پراگريس يا وري پُٺتي پيل علائقن ۽ اسڪولن جي بنيادن تي ورهائي وڃي ته جيئن تعليمي طور پوئتي پيل علائقن تي وڌيڪ ڌيان ڏئي مناسب نتيجا حاصل ڪري سگهجن. سڀ کان اهم هڪ بااختيار، سياسي مداخلت کان پاڪ ۽ منظم تعليمي انظاميه جو نيٽورڪ جوڙي سموري تعليمي نظام جي مانيٽرنگ ڪئي وڃي. اميڊئيٽ ايڪشن لاءِ خفيا ٽيمون هر وقت تيار هُجن. سمورو تعليمي رڪارڊ اپڊيٽ ڪري آنلائن ڪيو وڃي ته جيئن هر فرد ۽ ادارو با آاساني پنهنجي ڪارڪردگي ۽ مجموعي صورتحال جو اندازو لڳائي سگهي. 21 صدي تعليمي دور جي صدي آهي، جديد تعليم ۽ خودڪار تڪنيني صلاحيتن ذريعي قومون تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيون آهن. اسان کي به پنهنجي وس ۽ وِٿ آهر قدم سان قدم مِلائي هلڻو آهي. تاريخ اهو ثابت ڪندي ته ڪهڙي قوم ڪارآمد تبديلين سان دنيا تي پنهنجو ڌاڪو ڄمايو. يقينن تاريخ اسان کان مثبت ڪردار جي گهرجائو آهي.
تمام بهترين ليک لکيو اٿو پر جتي ڪاپي ڪلچر هوندو نوڪرين ۾ ميرٽ ڪو نه هوندي اتي تعليم ڪٿي ترقي ڪي سگهندي