موبائيل فون تي ڦرندڙ لطيف رحه ڏي منسوب ڪيل بيت ۽ ڪجهه حقيقتون ايوب گاد لطيف سائين سُر حسينيءَ ۾ فرمايو ته، ”هيڏا هاڃا ٿين بُري هن ڀنڀور ۾“ اڳي اهو ڀنڀور هڪ مخصوص علائقو هو، جتي سسئي سان ڏيرن وير وڌو هو، پر هاڻي ته سڄي سنڌ ڀنڀور بڻجي وئي آهي، اهي ڏير اڄ به ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ موجود آهن. موجوده اليڪٽرانڪ ميڊيا جي دور ۾ موبائيل تي جيڪي ماڻهو هاڃا ٿا ڪن، انهن شايد لطيف سائين به تصور نه ڪيو هجي، جاهل ماڻهو پاڻ کي اڪابر سمجهي هٿ جا بيت گهڙي، ڀٽائيءَ ڏي منسوب ڪري هڪ ٻئي کي ايس ايم ايس ڪندا رهن ٿا ۽ اسان جا پڙهيل لکيل نوجوان وري اهي وڏي فخر سان هڪ ٻئي کي اُماڻن ٿا. رڳو شاهه جو نالو ڏسي بيت کي بنا سمجهڻ جي اهڙي سلسلي کي ڪافي وقت کان هلائيندا اچن ٿا ۽ سواءِ امر جليل صاحب جي ڪنهن به ان کي روڪڻ لاءِ ناهي چيو. مان اهڙن دوستن کي صرف ايترو چوڻ ٿو چاهيان ته جيڪڏهن توهان کي لطيف سائينءَ سان پيار آهي ته گهٽ ۾ گهٽ شعر کي غور سان ته پڙهو، جيڪو جاهل شخص اهڙو بيت گهڙي اوهان کي موڪلي ٿو، ان جي جوڙجڪ ۽ خيال کي ته ڏسو. لطيف سائينءَ جي شاعريءَ ۾ خيال، لفظن جي بيهڪ، قافين جو استعمال ۽ شعر جي رواني باڪمال آهي. علامه آءِ آءِ قاضي پڻ جيڪي بِنهه وڏي شاعر هجڻ لاءِ اصول مقرر ڪيا هئا، انهن تي اسان جي شاهه جي شاعري ئي پوري لهي ٿي. زير زبر مَٽائڻ سان لفظن جي معنيٰ مَٽجيو وڃي، اکر ڪڍڻ سان شعر بي رنگ ٿيو پوي ۽ هي همراهه ڇسا لفظ کڻي بنا قافين ۽ اڌورن اکرن کي جوڙي لطيف سائينءَ جو نالو وجهي اهڙيون ڪريل حرڪتون ٿا ڪن، جن کي ڪڏهن به معاف نٿو ڪري سگهجي. لطيف سائينءَ جي شاعريءَ کي مذاق ڪري سمجهڻ وارن کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته ”جي تو بيت ڀانيا، سي آيتون آهن“ ۽ ان سان گڏ سنڌ جي بزرگ هَستي، سائين عبدالرحيم گرهوڙي پنهنجي ڪلام ۾ خاص لطيف سائين لاءِ چيو آهي ته، ”آهي عبداللطيف تي، راضي ٿيو رحمان جوڙي جنهن قرآن، سنڌي ۾ صحيح ڪيو“ ايڏي وڏي هستيءَ جي شاعريءَ سان اهڙي مذاق ڪرڻ وارن کي شرم اچڻ گهرجي، پر اسان بي حس ٿي ويا آهيون، اسان کي پنهنجن بزرگن ۽ اثاثن جو ڪو احترام ناهي رهيو، حليم بروهيءَ هڪ ڪالم ۾ لکيو هو ته موهن جو دڙو ”بينرجي“ ڳولي لڌو، (جان مارشل کوٽائي ڪرائي) ۽ شاهه جو رسالو ارنيسٽ ٽرمپ جرمنيءَ مان ڇپرايو. اهي ٻئي، جيڪي سنڌ جي سُڃاڻ آهن، انهن کي ظاهر ئي انگريزن ڪيو، پنهنجن ته موهن جي دڙي جي اسٽوپا تي اسڪوٽر ڊوڙايا ۽ شاهه جي شعرن کي مَٽائي پاڻ کي معتبر سمجهيو. مان سنڌ جي اهڙن دوستن کي ٻانهون ٻڌي عرض ٿو ڪريان ته خدا جي واسطي هاڻي اهو سلسلو بند ڪيو، مثال طور تي ٻه چار بيت سمجهاڻي طور پيش ڪيان ٿو، جيڪي موبائيل فون تي گشت ڪندا رهن ٿا، توهان انهن جي مضمون کي پڙهو، پاڻ ئي فيصلو ڪيو ۽ آئينده لفظن کي پرکيو. من گهڙت شعر گهڙيندڙ شخص لکي ٿو محبت جن جي من ۾، تن جي صبر کي سلام لڪائي لڙڪ لوڪ کان، انهن دل اندر ارمان انهن جي روح کي سلام، جن سور سانڍيا ساهه سان. هاڻي هن بيت کي ڏسو، ساڳيو قافيو ٻه ڀيرا استعمال ڪيل آ، پهرين سِٽ ۾ به سلام ٽين سِٽ ۾ به سلام. وري وچين سٽ ۾ ارمان، هاڻي ڪاڏي سلام ڪاڏي ارمان، اها ته ٿي جوڙجڪ، وري خيال کي ڏسو ته چئي ٿو، محبت جن جي من ۾ تن جي صبر کي سلام. جڏهن ته لطيف سائين چئي ٿو، محبت جن جي مَن ۾، تن تشنگي تار ٻئي بيت ۾ چئي ٿو. محبت جي ميدان ۾، ڪَرِ پَڙاڏو پَٽُ ٽئين بيت ۾ چئي ٿو. محبت جي ميدان ۾، ڪُڏي پئه ڪاهي چوٿين بيت ۾ چئي ٿو محبت جي ميدان ۾ سِرَ جو سانگُ مَ ڪَرِ. محبت وارو ماڻهو صبر ڪندو ئي ناهي چاهي اهو مجنون هجي يا فرهاد، هن جو اندر عشق جي باهه سان ٽچڪندو آ، عشق ۾ ته عقل، شرم ۽ قرار هوندا ئي ناهن. خود سچل سرمست فرمايو ته ڪم نه عاشق سو ڪرين، جنهن ۾ تنهنجي تعريف ٿئي، کڻ ملامت ڪا مَٿي، مَرُ ڏيهه تو طعنا ڏئي، استاد بخاريءَ چيو ته ”انگ انگَ جلن ٿا ۽ اُلا نڪرن ٿا، شيخ اياز چيو ته، گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ گهاوَ اسان جا، نگر نگر ۾ نينهن! اهڙي طرح هڪ ٻيو بيت جيڪو به شاهه سائينءَ ڏانهن منسوب ڪيل آ. جي ڀائين ته رب ملي، ته سڄڻ صبح سان ڪر پچار پرينءَ جي، ڪري الله توهار پڙهه نماز نيت سان، تون صاحب سڀ ڄمار پوءِ بخشيندئي بخشڻهار، ميرايون مَن جون هن بيت کي وري پڙهي ڏسو ته پهرين سٽ ۾ قافيو ئي ڪونهي، وري سندس خيال موجب ته جي چاهين ته رب ملي ته صبح جو الله توهار ڪر. لطيف سائين ته چوي ٿو، ”ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو.“ ٻي هنڌ چوي ٿو، ساري رات سُڄاڻ، سودوڪن صاحب سين. لطيف سائينءَ جي هن بيت مان ته اهو به ظاهر ٿو ٿئي ته ڄاڻ وارا ماڻهو سڄي رات عبادت ڪري، الله تعاليٰ سان هڪ قسم جو سودو ٿا ڪن، وري هي شعر پڙهو، جنهن ۾ لطيف سائينءَ جو نالو به وڌو ويو آهي. ڪارا ڪنديس ڪپڙا، نه کِلان نه ٽِلان، لڪن منجهه لطيف چئي، جانب لاءِ جلان ڪنهن سان سور سليان، منهنجو جيئري جيءُ جلي ويو. هن بيت ٺاهڻ واري شخص جي جهالت ته ڏسو، پهرين سٽ جي بيهڪ ئي لطيف سائين جي بيت جي ناهي، جنهن عاشق جي دل درد سان آشنا هوندي آ، اهو ته عام حالت ۾ ئي ناهي کلندو، ٽلِڻ ته پري رهيو، لطيف سائين جي رسالي ۾ ڪارن ڪپڙن رڱڻ جو ذڪر صرف سر ڪيڏاري ۾ ملي ٿو. مير مدينئا نڪري، آيا نه موٽي ڪارا رڱج ڪپڙا، ادا نيرو ٽي اتي ئي ڏسو ته لطيف سائينءَ جا قافيا ڪيڏا نه پرفيڪٽ آهن، جڏهن ته انهن موبائيل ۾ گشت ڪندڙ بيتن مان ڪنهن جو به قافيو صحيح ناهي هوندو. سر ڪيڏاري جي ان بيت ۾ جڏهن امام حسين عليه السلام مديني مان نڪري ڪربلا ويو ته موٽي ڪو نه آيو ۽ شهيد ٿي ويو، تڏهن هو نيروٽيءَ کي ڪپڙن رڱڻ لاءِ چوي ٿو، پر جاهل شخص جي ٺاهيل بيت جي ٻي سٽ پڙهو چئي ٿو، لڪن منجهه لطيف چئي جانب لاءِ جلان. لڪن منجهه ته سسئي پنهونءَ لاءِ نڪتي هئي، پهرين سِٽ ڪيڏاري جي ته ٻي سٽ سسئي جي. پر وري جي پهرين سٽ کي سسئي ڏي منسوب ٿا ڪيون ته سسئي جيئري پنهل لاءِ ڪارا ڪپڙا ڇوڪندي؟ ۽ لطيف سائينءَ يا سچل سائين جي بيتن مان ڪٿي به سسئي جي ڪارن ڪپڙن ڪرڻ جو ذڪر نه ٿو ملي. اهڙن بيتن کي خدارا ڊليٽ ڪيو ۽ هڪ ٻئي ڏي نه موڪليو. اهڙو سون ئي گهوريو، جيڪو ڪَن ڇني، توهان جي اهڙي محبت جي لطيف سائينءَ کي ڪا ضرورت ناهي، هو ڪلهه به لطيف رحه هو، اڄ به لطيف رحه آهي ۽ سڀاڻي به لطيف رحه رهندو. سندس ثاني ڪيئي آيا، ڪيئي ويا، مان ڪجهه بيتن جا منڍ لکان ٿو، جيڪي موبائيل جي دنيا ۾ ڦرن ٿا، جن دوستن وٽ آهن، يا اچن ته اهي ڊاهي ڇڏيو. 1. وڻ ويا واهيرا ويا 2. مومل جي محلات ۾ ساڳيا ناهن روح 3. اٿم آس اندر ۾ نڪريو نهاريان. 4. اٿي فجر جو چرخو چور 5. سنڌي ماڻهو سهڻا 6. تڏي وڃجي تن جي، جي کلي کيڪارين 7. ڏيئا توکي ڏات جا، صاحب ڏني سونهن 8. پکي ۽ فقير ثمر نه کڻن ساڻ 9. بنا حُب حبيب جي بندگي بيڪار 10. پوکڻي اٿئي ته پوک نه مند چڙهي ويندئي 11. تون خالق تون مالڪ، توکي چوڻ ناهي چارو