• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سرڪار گوڏا کوڙي ڇڏيا، هاڻ سمورا اسڪول سومر 03 آگسٽ کان کلندا

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
سنڌ سرڪار آخر گوڏا کوڙي ڇڏيا ۽ هاڻ سمورا اسڪول سومر 03 آگسٽ 2015 کان کلندا ـ انهيءَ سلسلي ۾ نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي ـ ياد رهي ته پرائيويٽ اسڪولن جي ايسوسيئيشن، سنڌ سرڪار جو 11 آگسٽ کان اسڪول کولڻ جو فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ هنن زبردستي، سومر 03 آگسٽ 2015 کان اسڪول کولڻ جا دڙڪا دھمان ڏنا هئا جنهن تي سنڌ سرڪار جي سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهيَ اهڙن اسڪولن جي رجسٽريشن رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پرآخر سنڌ سرڪار گوڏا کوڙي ڇڏيا ۽ هاڻ سمورا اسڪول 03 آگسٽ کان کلندا ـ
 
فضل الله پيچوهو اجايو ضد ڪيو بيٺو هو. سنڌ ۾ هن وقت ڪٿي به ٻوڏ ناهي. اجايو شاگردن جو وقت صيان پيا ڪن. اسڪول کولي صحيح فيصلو ڪيو اٿن.
 
Back
Top