هڪ نئين عالمي ريسرچ موجب دنيا جي ماڻهن جو 30 سيڪڙو وقت سمارٽ فون جي مختلف ايپس کي استعمال ڪندي گذري ٿو. رپورٽ موجب انهن سمارٽ فونز ۾ فنڪشنن جي هڪ وڏي رينج موجود آهي جهڙوڪ گيمون، فوٽو گرافي ۽ ڪميونيڪيشن وغيره. ڪميونيڪيشن جي ذريعي مختلف ماڻھو وائيس، انسٽنٽ ميسيجنگ، اي ميل ۽ سوشل نيٽ ورڪنگ جو استعمال ڪن ٿا. رپورٽ پيش ڪندڙ اريڪسن ڪنزيومر ليب (Erricson Consumer Lab) جي صلاحڪار سويلٽينا سوين (Swelteena Swain) جي چوڻ موجب: اسان ماڻهن کي 40 کان 50 سيڪڙو رابطي جون ايپيليڪيشنون استعمال ڪندي ڏٺو جڏهن تہ ويڊيوز کي ڏسندڙن جو تعداد صرف 20 سيڪڙو هو. رپورٽ ۾ اهو بہ ڄاڻايو ويو تہ ڪلچر ۽ ٻولي کي سڌارڻ وارا پروگرام پڻ ايپس ذريعي استعمال ڪيا وڃن ٿا. برطانيہ ۽ آمريڪا جا سمارٽ فون استعمال ڪندڙ ماڻهو سمارٽ فونز جو وڌيڪ استعمال وائيس ڪالز، جڏهن تہ جاپان ۽ سائوٿ ڪوريا جا يوزر ٽيڪسٽ ميسيجنگ ۽ لوڪل ڪميونيڪيشن جي ايپڪيليشنز جي استمال ڪرڻ کي ترجيع ڏين ٿا. رپورٽ مطابق انڊيا جي 47 سيڪڙو سمارٽ فون تي وقت استعمال ڪندڙن ماڻهن مان 14 سيڪڙو استعمال رابطي لاءِ ۽ 10 کان 11 سيڪڙو استعمال وائيس ڪالز، انٽرٽينمينٽ ۽ گيمن لاءِ ڪن ٿا. انهن مان واٽس ايپ ميسينجر جا صارفين تمام گهڻا آهن جڏهن تہ فيس بوڪ ميسينجر، گوگل هينگ آئوٽ ۽ وي چيٽ جهڙيون ايپس ان کانپوءِ اچن ٿيون. اها رپورٽ اريڪسن ڪنزيومر ليب هڪ ريسرچ پروگرام ۾ دنيا جي 40 ملڪن جي 1 لک کان وڌيڪ ماڻهن کان انٽريو وٺڻ کانپوءِ جاري ڪئي.