اداس لمحا

اداس لمحا

اداس لمحن ۾ لڙڪ هارڻ

ڏکن ڏهاڳن ۾ ٿي پو گهارڻ

صليب تي ٽنگيل آ جيون

جسو اسان جو ۽ جيءُ جالڻ

سڪرات جهڙا سدائين صدما

ٿيو هي جيون بس پور پالڻ

وجود وڙهندو رهيو ڏکن سان

حياتي هر هر ڪري پئي ڪارڻ

اميد پوءِ ڀي اڪير ۾ آ

وجود پنهنجو وکر تي وارڻ


رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top