• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پنهنجن ٻانهن ۾ ٻل ڌار...

پنهنجن ٻانهن ۾ ٻل ڌار
_________________________

پنهنجن ٻانهن ۾ ٻل ڌار، ٿيءُ سياڻو منهنجا يار
دشمن دوست نه ٿيندا آهن، ٿي وڃ هاڻي تون هوشيار
همٿ مردان مدد خدا آ ، هي چوڻي ڪرڻي يار هنڍاءِ
جڳ ۾ جوت جلاءِ تون اهڙي جيون ٿي پئي سڀ جنسار
روز ازل کان دنيا تائين، تنهنجي هر هنڌ هئي واکاڻ
محنت ۾ آ عزمت سائين ، دنيا کي تون هي ڏيکار
تنهنجا وسيلا تنهنجا ناهن، تنهنجي ڌرتي ڌاريا پيٺا
تن کي تون هت يار تڙاءِ ، ها تنهنجا اهڙا تاريخ ۾ پار
تنهنجي ٻولي ٻاڪاري ٿي ،تنهن کي ونگ وجهي پيو ويري
سنڌي ٻولي پياري نياري، هر هنڌ تنهن کي تون پيو اچار

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top