سٽي نيوز 021 طرفان لساني باهه ڀڙڪائڻ جي شرمناڪ ڪوشش

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
اڄ 03 آگسٽ 2015 تي سٽي نيوز 021 جي پوسٽنگ پڙهي مون کي سخت افسوس ٿيو جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچيءَ کي سنڌ جو حصو ثابت ڪرڻ لاءِ، گرمين جون موڪليون وڌايون ويون آهن؟ ۽ ان تي عوام کان راءِ گھري وئي آهي ـ
پهرين ڳالهه ته ڇا ڪراچي، سنڌ جو حصو ناهي؟ جو اهڙو چڙ ڏياريندڙ ۽ نفرت پيدا ڪندڙ سوال پڇيو ويو آهي جڏهن ته ڪراچي، سنڌ جو گاديءَ جو شهر رهيو آهي ـ
ٻي ڳالهه ته جڏهن گذريل سياري جي موڪلن ۾ واڌ ڪئي وئي هئي ته ان وقت ته ڪنهن کي به، ڪو اعتراض ڪونه هو ۽ نه ئي سٽي نيوز021 منهنجي ڄاڻ موجب اهڙو نفرت جوڳو سوال پڃيو هو ـ
مون سٽي نيوز021 جي فيس بوڪ جي پيج تي سندن اهڙي نندڻ جوڳي حرڪت تي انگريزي ۽ اردوءَ ۾ تبصرو لکي شديد احتجاج ڪيو آهي ۽ کين مشورو ڏنو آهي ته هو اهڙا نفرت پيدا ڪندڙ سوال پڇي، لسانيات نه پکيڙين ۽ نه ئي باهه سان کيڏن نه ته سنڌي عوام کي سٽي نيوز021 جي بائيڪاٽ ڪرڻ جي اپيل ڪئي ويندي ـ
 
سائين اسين اوهان سان گڏ آهيون. سٽي نيوز ايف ايم کي سوچي سمجهي نشيريات هلائڻ گهرجي.....
 
Back
Top