راڳ ٻُڌ ته رَمز لڳئي ، صُوفي ٿئين سچُ ڪنڌ رکي انهيءَ ڪات تي، عاشق اَڏيءَ تي اچُ ڏسِي شعاع شمع جو، تون پرواني وانگر پچُ سُهڻا چيزل ٻاري مچُ، ته دونهان نڪرن دردن جا