• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هي خواب جهڙو حسين چهرو

غزل

هي خواب جهڙو حسين چهرو شفق لڳي ٿو سحراو سائين
اسان جون سوچون لفنگون لوچون ڪري پيو دل تي ڪهر او سائين....

حسين دل ڪش ڏٺو سين اهڙو حال دل ۾ غمان ٿي پيو
ملائڪن جي صفت هئي جنهن ۾ نينهن جو ڪو نهر او سائين

هو چنڊ کان ڀي وڌيڪ سهڻو ڏٺو سو ن چهرو چاهتن ۾
ائين ئي نرمل ملائي نظرون لڳي پيو برهن بحر او سائين

اسان تي هن جي ادا اثر ڪيو وياسين پنهنجي وجود کان ڀي
هينئو ن هن لئه اسان جو تڙپي آ اهڙو هن جو اثر او سائين...

لبڙا لالي گلاب جهڙا مڌم مک تي جنسار جرڪي
اسان جو هينئڙو پيو هو حرکي پيار پنهنجي پچر او سائين....

چئي ٻڌايون ڇا حال دل جو اندر ۾ اڌمان ڏين پيا صدمان
هو خوب صورت مهان ماڻهو رهي پيو دل ڪي پهر او سائين...

رسول بخش دائودپوٽه
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top