ساھُ وَٺِي وَيَين سُپِرِين، ڪَرَي قُضاڪِي دِلِبرَ دِلِ کَسَي وَيَين، يارَ ٿِيَين پو ياڪِي جاڙَ مُون ضَعِيفِ سِين، تو جانِبَ ! ڏِسُ جاڪِي هِتِ بُتُ رَهِيو باقِي، ساھُ وَٺِي وَيَين سُپِرِين سُرُ بَرِوَو سِنڌِي بَرِوَو = اصل ۾ هندستاني راڳڻي آهي جنهن کي شاھ لطيف ٿورڙي ڦير گهير سان سنڌي ويس ڍ ڪايو آهي. ساھُ = روح، دل، مَنُ وَيَين = تون وئين قُضاڪِي = ڦرمار، ڌاڙو هڻي، چوري ڪري ٿِيَين = تون ٿئين پو = پوءِ جاڙ = جُٺِ، جفا، زورآوري، تعدي، ڏاڍ مڙسي ياڪِي = بي وفا ضَعِيفِ = ڪمزور، نٻل، هيڻي، لاچار، بيوس جانِبَ = او پرين، او محبوب جاڪِي = جا ڪئي بُتُ = بدن، جسم، هڏائون پنڃرو بيت جو پس منظر ~ او پرين ! تون ڌاڙيلن جيان ڌاڙو هڻي، ساھ ڪڍي ويو آهين. ~ او دلبر ! دل ڦري پوءِ بي وفا ٿي ويو آهين. ~ او محبوب ! مون ڪمزورِ سان ڏس تو ڪيڏي جفا ڪئي آهي. ~ هاڻي مون وٽ صرف بت رهيو آهي، ساھ تون کڻي ويو آهين. سمجهاڻي ڀٽائيءَ جو هي بيت ٻولي، لهجي، لفظن جي چونڊ، مفهوم ۽ فڪري حوالي سان عام ۽ روائتي شاعري آهي. جنهن کي جيڪڏهن عوامي شاعري چئجي تہ غلط نہ ٿيندو. شاعري جيتري عام فهم، آسان ۽ سولي هوندي اوترو ئي ماڻهن جِي گهڻائي ان کي سمجهي سگهندي. ان مان هر ماڻهون نہ رڳو مزو، لطف ۽ حِظُ حاصل ڪندو پر نتيجا بہ اخذ ڪري سگهندو. ڌاڙا، ڦرون ۽ چوريون رڳو مال ملڪيت ۽ سامان جون ناهن ٿينديون. پر جسم، روح، ساھ ۽ دليون بہ چوري ٿينديون آهن. وري مزي جي ڳالھ اِها تہ چوري ڪرڻ وارو ايڏي حرفت سان لٽي ۽ ڦري ويندو آهي، جو بعد ۾ خبر پوندي آهي تہ مان پنهنجي دل ۽ سڀ ڪجھ ڦرائي ويٺو آهيان. محبوب پنهنجي سونهن سندرتا ۽ حسين ادائن سان عاشق کي ڌاڙو هڻي دل کسي هميشھ جي لاءِ پنهنجي پيار جو قيدي بڻائي ٿو ڇڏي. جڏهن ساھ ۽ دل ڦرجي وڃي ٿي تہ باقي هڏائون پنڃرو نہ مري سگهندو آهي ۽ نہ وري جِي سگهندو آهي. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____