پَرَ وَسِ ٿِيُمِ پِراڻُ، پِرِين وَسِ نہ پانهِنجَي لَڳو ڪِنءَ لَطِيفُ چَي، ڇَپَرُ ڇاتِيءَ ساڻُ پِرِين ڏَيکارَي پاڻُ، خوشِ ڪَرَي وِئا خُوابَ ۾ سُرُ بَرِ وو سِنڌِي پَرَ وَسِ = پرائي وس، ٻئي جي هَٿِ ٿِيُمِ = ٿيو پِراڻُ = ساھ, دل ڪِنءَ = ڪيئن ڇَپَرُ = جبل، جبل جيڏو غم ڇاتِيءَ ساڻُ = ڇاتيءَ تي برداشت ڪيو ويٺي آهيان وِئا = ويا بيت جو پس منظر ~ هي ساھ ۽ دل پرائي وس آهي، پرين بہ منهنجي وس ۾ ناهي. ~ هي جبل منهنجي ڇاتيءَ مٿان ڪيئن اچي ڪريو آهي. ~ محبوب پاڻ ڏيکاري خواب ۾، خوش ڪري هليا ويا. سمجهاڻي هي دل جون ڪيفيتون بہ عجيب آهن، ڪڏهن ڀريءَ ۾ ڪڏهن ڀاڪر ۾. هونئن هجڻ ايئين گهرجي ها تہ دل ماڻهونءَ جي قبضي ۽ ڪنٽرول ۾ هجي ها پر هتي ڳالھ ابتي آهي. دل ۽ ساھ ماڻهونءَ جَي قبضي ۽ ڪنٽرول ۾ نہ پر ماڻهو پاڻ هنن ٻنهي جَي اڳيان بيوس، لاچار ۽ مجبور آهي. وري مٿان ظلم اهيو آهي تہ پرين بہ پنهنجي وسَ ۽ مرضيءَ جا مالڪ آهن. سڄي دنيا جا ظلم، ستم، ڏاڍ ۽ جبر تہ ماڻهون سهي ويندو پر محبوب جَي جدائيءَ جو جبل جيڏو غم برداشت ٿي سگهي سو ممڪن ئي ناهي. هر ڏينهن هر رات ۽ هر پل محبوب جون راهون تڪيندي، اوجاڳا ۽ انتظار ڪندي گذري ٿو. پر هن سڪ جي سڪايل دل کي محبوب ملي سو مشڪل آهي. پرين تہ ڪڏهن ڪڏهن اوجاڳيل اکين ۾ خواب بڻجي گهڙي پل لاءِ پاڻ پسائن ٿا ۽ خوش سمجهي هليا وڃن ٿا. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل ____