مال به چوري تنهنجو ٿيو,پوءِ
ڀاڳيو هوندي چور لڳين پيو
واه سائين واهمزاحيه غزل
محفل جو تون مور لڳين پيو
ماڻهن ۾ ڄڻ نور لڳين پيو
دعوت آهي طعام گهڻا,ڄڻ
لوسڻ ۾ ڪو ڍور لڳين پيو
مال به چوري تنهنجو ٿيو,پوءِ
ڀاڳيو هوندي چور لڳين پيو
نڪ جو پيارا ڏاڍو آهين
بيستيءِ ۾ تون زور لڳين
تنهنجي باڊي ماشاءالله
لاٽو جي ڄڻ ڏور لڳين پيو
اسلم سومرو